آ گِداڙي، ڀَنُ ۾ ڦاٿي
آءُ مران جَنيءَ لاءِ، جني مري، چَگهن لاءِ
آءُ مُلان منهنجي واري ۾، تو کي ڪُتر کارايان کاري ۾.
آءُ پِير ڌُونڌڙ،پَڪين تي پوندڙ.
آءُ ڏکڻ ڏيهي، ڀُڃُ مَڇرن پِيهِي
آءُ ڦاها، پئه ڳچيءَ ۾.
آءُ کي آڌر ڏجي، وئي کي جيء َ چئجي.
آئي مڃي، جهڳڙا ٽُٽا
آبِ داڻي جي ڇِڪَ ۽ قبر جي ڀِڪَ پاڻ ڏانهن ڇِڪيندي آهي
آدمي انَ جو وِڻاههُ
آرائِين، مطلب تائين
آروڻي، اڍائي پَهرَ
آساڙُ وَٺو، مُلڪ مٺو
آفيمُ کائي اَميرُ يا فقيرُ.
آلو نُورُ مٿي جو سُورُ
آمري آءٌ ته مرين، هونئن نه مرين، ته بُکَ مرين
آنا انبن ۾ ٻچا ٻٻرن ۾
آنڊا مُنهن ڏانهن وَرن
آنڊن جو واهي گِدڙُ
آهي ته ڌُم ڌَمان، ناهي ته لنگهڻ سُمهان
آهي ئي اللهُ
آهين خود خُدا، ٻيائيءَ توکي ٻيو ڪيو
آيو آهي بَڊو مُڙسُ ماڻهو ٿي ڪڍَو
آيو رمضان، ڀڳو شيطانُ
آڌيءَ جي ڳالهه، بيهي ئي ڪا نه
آڌيءَ کان پوءِ، اَوير ڪانهي، ڦُرئي کان پوءِ ڊَپُ ڪونهي.
آڍو ليلُ، ڇورن لاءِ وَيلُ
آکاڙُ سونُ، ساوڻُ چانَدِي، بڊي ٿو ڪر ڀٽڪي بادي
آڻِ سُني، چاڙهه ڪُني
آڻِ کٽولو، آڻِ گاههُ،ڪُهه ڇيلو، ماني ٺاههِ،ڏارڪاٺيون، ٻار باههِ
ائين سڃاتائين، جيئن اوڏُ گڏهه کي.
ائين ڀڳو جيئن شيطان لاحول کان.
ائين ڀڳو جيئن ڪانءُ ڪمان کان.
ائين ڀڳو جيئن گنجو پاڪيءَ کان.
ائين ڦِريو جيئن ڪافر ڪلمي کان.
ائين ڪُٽيو جيئن اُٺُ پتڻ تي.
احمق ڪُتو، هَرڻ جي پٺيان ڊوڙي.
ادا ڀائُو، هَڙَ کائو.
ادا! ادي ڏاڍي سهڻي آهي،چي، ”ادا نه تو تائين، نه مون تائين.“
اديءَ کي جَنِ نه ڪَنِ، ادي کي عشق انڌو ڪيو.
اسان به اُس تي وار اڇا ته ڪو نه ڪيا آهن.
اسان به چوڙيون ته ڪو نه پاتيون آهن.
اسان جا هٿ به کوسا ڪو نه وڍي ويا آهن.
اسان جو اللهُ، اسان سان.
اسان جو ڊُول، ڪو چَمٽو؟
اسان جون اکيون، توهان جون لتون.
اسان جي آڱوٺي مَٿي سورُ.
اسان جي دانهه آهي، مائي مسيت کي.
اسان جي دل ۾ خيرُ.
اسان جَنين ساڻُ، تِرُ وَٽي، تيرهن ڪيو،تنين اسان کان، ڍڳو ڍڪي کاڌو.
اسان دا لوڙها به تون، ته ڪُتا به تون.
الله جا ڳُجههَ، اللهُ ئي ڄاڻي.
الله جو رسو ڊگهو آهي.
الله جي جوڙ آ، پر پئسي جي به سوڙهه آ.
الله جي حڪم کان سواءِ پَنُ به نٿو چُري.
الله جي ديڳ، دير سان تَپي ٿي.
الله جي رحمت مان نا اميد نه ٿجي.
الله جي گهوڙي، جنهن کي رسو نه نوڙي.
الله، ڪُتو ڪري ٻِلو ڪري، پر ننڍو ڀاءُ نه ڪري
اللهءَ جي لٺِ بي آواز آهي.
اللهَ جي هَنئي فقير ُ کڻي، فقير جي هنئي اللهُ به نه کڻي.
اللهُ صبرَ جا ڀاڙا ڏئي ٿو.
اللهُ هڪ دَرُ لَٽي ٿو، ته ٻيو دَرُ پَٽي ٿو.
اللهُ اللهُ، خير صلاح.
اللهُ اُهي ڏئي، جي اَبو امان وساري ڇڏين.
اللهُ به سڃاڻي سِڱ ٿو ڏِئي.
اللهُ بي پرواههُ بادشاهه آهي.
اللهُ بَسِ، باقي حَوسِ.
اللهُ رکُ ڌڻي.
اللهُ مهربانُ بندو بي ايمانُ.
اللهُ مهربانُ، ته جڳ مهربانُ.
اللهُ وٽ دير آهي، انڌير نه آهي.
اللهُ چور جي به ٻڌي ٿو.
اللهُ ڇڏي ڪنهن کي به ڪو نه ٿو.
اللهُ ڏئي مانُ، ته گڏهه به خاندان.
اللهُ ڏئي ٿو، پر کنگهائي ٿو ڏئي.
اللهُ ڪنهن کي به ڪين سِڪايو آهي.
امان کان پڇي اچان!
امانتَ، زمين به نٿي کائي.
انتظار موتَ برابر آهي.
اندر لَنگهڻ، ٻاهر کنگهڻ.
اندر ڪاري کان مُنهَن ڪارو ڀلو.
انسان جي اونڌي کوپري، ڀرجڻ جي آهي ئي ڪا نه.
انسان جي وَلِ ڊگهي آهي.
انسانُ نه ٿڌي سهي، نه ڪوسي.
انسانُ پٿر کان به ڏاڍو آهي.
انسانُ اُهو، جو پَنءُ ماري.
انسانُ سوچي ڪجهه ٿو، ٿئي ڪجهه ٿو.
انسانُ ويچارو آهي.
انسانُ وڃي اُنَ وٽ، جنهن جا ٻٽيهه ئي کِلن.
انڌن جي خيرات ڪانهي جو کائي به وڃجي ته کڻي به وڃجي.
انڌو سوُنهائي انڌي کي ٻئي بي راهه.
انڌو عشق گاري ۾ لتُون.
انڌو عشقُ، مُڙسَ مارائي.
انڌو مڱراڙ اڻ ڏٺا آرا ڪري.
انڌو ڇوڪر، لانئون ڏوڪڙُ، ڏي ٽڪاڻي ۾.
انڌو، هڻي نه، هڻي ته ٻوڙي.
انڌي اڳيان آرسي، ڇِيڻو ٽنگيائون
انڌي اڳيان روئڻُ، اکين جو زيانُ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal