دلين تي درجا آهن.
دلين جا ڀيدَ، ربُ ٿو ڄاڻي.
دوا اندر، دَمُ ٻاهر.
دوست ٿئي دشمن، ته ٻيو دشمن نه ڌارِ.
دوستي، ڪچي تندُ آهي.
دولت آهي تِرڪڻي، هڪ جاءِ ٽِڪي ئي ڪا نه.
دولت مايا دورنگي، واريءَ جي مُٺِ،
دولتَ وَڻ جي ڇانءُ آهي.
ديدار بازي، اللهُ راضي.
ديسَ ڌڻي ديوانو ٿِئي.
ديڳ جي پرکَ ڪَڻي مان.
دَرسِني منهن ڏيکاريندي نه مڻيا.گِيان مڻيا ڏيکاريندو نه مُنهن.
دَستر خوان جي ٻِلي، گڏ کائي.
دَمادمُ مست قلندر.
دَمَ سان دَمُ آهي.
دَمُ ناهي بدن ۾ نانءُ زور آور خان.
دَمُ وڃي دمڙي نه وڃي.
دَنِ کي ئي رولو.
دَٻي وَهاءِ، رَڄِي کاءُ.
دَٻي ۾ ٺِڪريُون.
دَٻَ ڏي دانگيءَ واريءَ کي، ته ڪُني واري ڪَن ڪري.
دَڙِي ئي دُڦَ.
دُشمنَ سان داناءُ ٿجي،
دُشمنُ، ننڍو به وڏو ڪري ڄاڻجي.
دُنيا دورنگي آهي.
دُنيا دَمُ گُذر.
دُنيا سوڙهي، گهرُ ڪُشادو.
دُنيا مانجهاندي جو ماڳُ آهي.
دُنيا ۾ کَرَڻ کان مَرڻُ بهتر آهي.
دُهل وڄي اورين گُهنڊيا، دوسو نچي پرين گهنڊيا.
دُهل وڄي ڌڌَ جي ڳوٺ، سڦوران نچي سڪرنڊ ۾.
دُونهان، سُونهان آهن.
دِل جو رازُ، ڦَرڙيءَ مثال.
دِل پسند، لوڪَ پسند.
دِل، خدا جو گهرُ آهي.
دِيڳ جيترا ڀاڙيا، هر برادريءَ ۾ هوندا آهن.
ذاتِ به ڏاڍو، واتِ به ڏاڍو.
راءَ کان راڄُ وڏو.
راءَ کي راڻي، ڪاڻي کي ڪاڻِي.
راتيان کائي کچڻي، ڏينهان کائي پلاههُ،
راتين پُٺيان ڏينهُن، ڏينهنِ پٺيان راتيون.
راهوءَ جو روحُ، کارو کوههُ.
راڄن مان به ڪي ڀاڳَ ويا آهن.
راڄَ جي رضا آهي ته مُلهه ڏجي مَتاري کي.
راڄَ مُئا ته خير، پر ڪو راڄن پال نه مَري.
راڄُ ڄاڻي ته موتُ ڄاڻي.
راڪاسَ مٿان، بَرڙ باڪاس.
راڳَ تي مِرُون به عاشق.
راڳُ رَسوئي، پَڳڙي ڪڏهن ڪڏهن.
راڳُ لڳي نه لڳي، اسين پئسن جا ڌڻي.
راڳُ لڳي نه لڳي، وٺُ رينگٽ کي.
راڳُ ويراڳُ آهي.
راڳُ ۽ رَٻَ، ٿڌا ٿيا، ته ڇُٽا.
ربَ جي رضا تي راضي رهجي.
ربَ جي سرڪارِ ڏاڍي آهي.
ربُ راضي ته جڳُ راضي.
ربُ رسي مَت کسي، هڻي نه هٿيار، ڏَسي اهڙي ڪار، جنهن مان جوکو جيءُ کي.
ربُ ٿئي راضي ته ڌوڙِ مان ڌنُ.
ربُ، جن سان جيڏو، تن سان تيڏو.
رت کي باهه لڳل آهي.
رتَ ريءَ نه رَمي، چِٽَ ريءَ نه ڀِت.
رتُ سَتُ آهي.
رتُ ڏيڻ وارا ٻيا، اسين ڪُٽي کائڻ وارا مجنون آهيون.
رسو ٻه ٽُڪرَ.
رمضانُ آهي مهمانُ.
رنبامار ڇَٻر ڪُون، ته به ٿُڪ لعنت ڪوڙيء ٻٻر ڪون.ڪانُ ماري ڪٻر ڪون، ته به ٿُڪ لعنت ڪوڙي ٻٻر ڪونُ.
رنگيءَ جا رنگَ آهن.
رنگيلي اُها، جا سوَ رنگُ ڄاڻي.
رنگَ ۾ ڀنگَ.
رنگُ رتو ڇڏجي، ميلو مَتو ڇڏجي، يارُ پرتو ڇڏجي.
رهجي ڪمُ ڪنهن جو به ڪو نه ٿو.
رهي نانءُ اللهُ جو.
روئجي تن لاءِ جيڪي پَرچائين.
روئي به راند کَٽجي.
روئڻ واري، نه پِٽڻ واري.
روئڻ ۽ ڳائڻُ ڪنهن کي نٿو اچي.
روز روز نئين کوهيءَ جو پاڻي نه چکجي.
روزو ڪاٺي ڪونهي جو ڀڄي پوندو.
روزي رزاق جي هٿَ ۾ آهي.
روزُ روزُ مرڻ کان هڪ ڀيرو مرڻ چڱو آهي.
روپُ دودي جو، ڪَمَ چنيسر وارا.
ريءَ کَٽئي ريءُ وٽئي، وَٽُو سيج چڙهي.
ريسَ ڪجي، پر هيسَ نه ڪجي.
ريلو وِٿي، ٽورو وڇوڙو.
رَتُ راڻو آهي.
رَستي جو مالُ سَستو.
رَسُ کان سواءِ رَسوئي، ڍورن جو چارو.
رَن به وَئي رلي به وئي.
رَن ٻُڏي سکر، ڄار پويس بکر.
رَنُون ربَ وڃائيون، ڏاڙهين ڪونهي ڏوههُ.
رَهن رنگَ رتا، اُٺئي پَهرَ اندر ۾.
رَههُ راجا ٿي پر مَنُ ڪر فقيراڻو.
رَهڙَ مان ڦَٽُ.
رَٻَ ڀٽاري نه کاڌو نه پيتو.
رُلي رُلي نه مَرُ، ڪم ايندئي پنهنجو گهر.
رُوپُ سِڪي، بخت کائي.
رُٺائي رهن پر هُجن حياتي.
رُڻو لهي وڃي، ڊڻو نه لهي.
رِلي کڻي ٻاهر ٿجي، رِلي کڻي اندر ٿجي.
رِلي ڪلهي تي ماني راڄَ تي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal