انڌي اڳيان، عالمُ انڌو.
انڌي جي جوءِ کي اللهُ پَلي.
انڌي جي جوءِ، اللهَ جي اَمانِ.
انڌي لاءِ جهڙو جيرو، تهڙي بُڪِي:
انڌي مَکِ، ٻوڙ لاءِ زيانُ.
انڌي هَنگي، ٻه سيڙائي.
انڌي وارو ٻَکُ.
انڌي ۽ جنڊُ، پسئي ٻه پاٽيونُ.
انڌي ۽ جنڊُ،وارِي ۽ پَنڌُ
انگَ کي ونگُ، پَوڻو ئي ڪونهي.
انگُ اَڙيو، ڇوڪرُ کريو.
اهو عقلُ سانڍي رکُ، وَهِي نه وڃئي.
اهڙي ڪيائين، جهڙي هيڙهن ڪئي لِڏ سان.
اوجهري ناهي گوشت، پوليس ناهي دوست.
اوجهڙ هليا نه ڀُليا، راهه هليا ڀُلجن.
اولادُ پنهنجو زال پرائي.
اولهه لڳي سائِي سُڪائي.
اونڌي کوپري اُلٽي مَتِ، متان ڪري ڪو اُن تي پَتِ.
اوههُ وڏو، کيرُ ٿورو.
اوڌر قُرب جي ڪئنچي آهي.
اوڏَ، مٽيءَ جا ڪوڏَ.
اوڻٽيهه اُپتِ، ٽِيهه کَپتِ.
ايترو به مِٺو نه ٿجي ڪو کائي وڃي، ايترو به ڪڙو نه ٿجي جو ڪو ٿُوڪاري ڇڏي.
ايجهي باههِ قبر وچ به هووي
ايرانيءَ کي فارسي سِکڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
ايندين ته ڇا آڻيندين؟ ايندسُ ته ڇا ڏيندين؟
ايڪو ٽيڪو آهي.
اَئي گهوڙٽِ!
اَئِي، گهوڙن هَيس!
اَبي جو موتُ ڏسي، مُنهنجو مَرڻ تان ارواحُ کڄي ويو آهي
اَبي جي گهر مهمان، مُنهنجي دِل کي لوڏوئي ڪونهي
اَبي کي ٻج نه مليو، ڇُٽاسين ڪانون کان.
اَبڙي وارو اَوسُ
اَدو مُئو ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا.
اَسي وئي گَسِي، سؤ ناهي ڀَئو.
اَلا بِلا برگردن مُلا.
اَنبُ ٻه ڦاڪون.
اَنَ جو تَنَ سان ۽ مَنَ جو گُنَ سان سَنٻنڌ آهي.
اَنَ جي پلي گهرَ ۾ ڀلي، جَل جي مڇي جل ۾ ڀلي.
اَنُ آهي ته ايمانُ آهي.
اَنُ اٺَ ٽويا، بک ڏهه ٽويا.
اَنگُ اللهَ تي، ماني راڄ تي.
اَهنجَ بنان، سَهنجُ ڪونهي.
اَهنڪاري چڙهيل به ڪريل، نِهٺو ڪِريل به چڙهيل.
اَهڙو سُيحو، جهڙو اَڪنِ تي پارو.
اَويلو مهمان، پُڻائي پنهنجو پاڻُ.
اَٺئي پهرَ، مياڻ کان ٻاهر.
اَٺئي گانٺِ، ڪُميتُ
اَٺِڙيا، سَٺِڙيا، ٽي سؤ سُٺڙيا
اَٽل ارادي وارو انسانُ، منزل ٿو ماڻي
اَٽو اَٽي تي، ڪُنو وَٽي تي
اَٽي تي چَٽِي:
اَڌُ حڪيم آهي ڪِري.
اَڏڻ ۾ مزو آهي، نه ڪي ڇڏڻ ۾.
اَڙَ تنهنجي آ، چوان ٻئي کي پيو.
اَڪ جي ڪاٺيءَ کي، چوڌاري اُڏوهي.
اَڪُ انبُ نه ٿئي، ڦُٽِي جهلي ڦَرُ،نانگ مان ناڙو نه ٿئي، ٻَڪرُ وهي نه هَرُ،پرائو پنهنجو نه ٿئي، توڙي کڻي کارائين گهرُ.
اَڻ گُهريا موتي ملن، گُهريا ملن نه دان.
اُترادي نَرُ نه مادي
اُتراڻِ اُتريو، اَڌ سيارو ڪُتريو
اُتم کيتي مڌيم واپار، نيچ نوڪري
اُدمَ کي پَرَ آهن
اُستاد جي مارَ، سَنوار آهي.
اُنڍَ جا مُنڍَ.
اُنڙ ابوجَهلي.
اُهو ڪي ڪجي، جو اوڙڪ سَهاءِ ٿئي.
اُهي ئي گَڏههَ، اُهي ئي آٿرَ.
اُهي ايندا ڏينهَن، ڪندا شينهَن سلام سهن کي.
اُهي دَفترَ ئي ڪُتا کڻي ويا.
اُهي ٻيلا ئي ٻيا، جن جون ڪاٺيون ڪم جون.
اُهي پيٽَ ئي پڌرا، جيڪي پُٽ ڄَڻين.
اُونهاري جي اڳياڙي، سياري جي پڇاڙي.
اُونڌو دِلو، پاڻيءَ سان نه ڀرجي.
اُٺن ۽ مڙسن جي واڙ، ٿِئي ئي ڪا نه
اُٺين پُري اُٺُ، گهوگهيتو ماساتُ
اُٺَ جي واتَ ۾، رائي
اُٺُ اُٿي ڪونه آءٌ به ويندي ڪيچ مڪران
اُٺُ اُٿي ڪونه، ڀاڙو ڇَڏاءِ
اُٺُ جي وات ۾، ڄارَ جي بانَس
اُٺُ ڀاڙيو ته پَلڻُ به بارُ، مُڙس ڀاڙيو ته پٽڪو به بارُ
اُٺُ ڇتو ٿئي، ته ڌڻيءَ کي کائي.
اُٿُ ته ڏسان، چي، ويٺي ڪو نه ڏٺئي ته بيٺي ڇا ڏسندين؟
اُڀرِي لَڏَ، سوير سِرائي
اُڀَ ۾ تير اڇلائبو، ته موٽي مٿان ايندو.
اُڀُ اکئين ڏسجي ته هٿُ ڇو کڻجي؟
اُڇلي وجهو، ميڙهيءَ جي پيرين.
اُڌارو ڏئي، ويٺو روءُ.
اِئين گُم ٿيو، جيئن گڏهه جي مٿي تان سِڱَ.
اِتاهين پيو اُڀرندو.
اِنهيءَ تريءَ تيلُ نه لڳي.
اِهي، تڏي، ڌُون پَڪڙي.
اِڪريءَ جي ڦِڪري.
اٽو ٿورو، امان، ڍوڍو ٿلهو ڪجان
اڃان ته سِرائي ڍاول هو.
اڃان ته ٽوئي مان چوٿائي به ڪا نه پيٺي آهي.
اڃان ڪي اڳرو، چوڻ کان چؤڻو گهڻو.
اڄ امامن جو، لٿو پلنگ تان پيرُ.
اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو.
اڄُ، ڪهڙو واءُ لڳو آهي؟
اڄڪلهه جا جوان ڪاتيءَ جا مياڻ، ڌِڪو ڏين ٻين کي ڪريو پون پاڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal