تارَ وڳي، سُر سَمجهيوسين.
تاڙي تنوارَ، پاڻي ڙي پاڻي.
تاڙي کي تاتِ تَنَ ۾، مِينهُن ڙي مينهن.
تختُ يا تختو.
ترار جي ڌڪَ کان واپار جو ڌڪُ خراب آهي.
ترڪيءَ جو جوابُ، ترڪيءَ ۾.
تلوار کان زبان تکي، زبان کان ويڻ ۽ ويڻ کان ويرُ.
تنهنجي واتَ ۾ گلابُ.
تو جهڙا ته کيسي ۾ پيا آهن.
تون سوهاري، آءٌ ڏوهاري.
توهان جي ٻِلي به ٻهِ مَيئي.
توڙي پئسي لڳي خرارُ، ته به شيدي اَنُ آڻين رِلين ۾.
توڙي پُڳت پُورِي، شادي پوءِ به ضروري.
توڪل جو تُرهو لُڏي ٿو پر ٻُڏي نٿو.
تيلُ سڙي گِههُ ٿئي، گِهه سڙي وِههُ ٿئي.
تَتيءَ کي تائجي.
تَتَنِ تاري، وقت گذاري.
تَري به تارُو ٻڏي به تارو.
تَن جي اک سان جهانُ ۽ مَن جي اک سان ڀڳوان ٿو پَسجي.
تَنگِي کائجي، پر مَنِگي نه کائجي.
تَوڪَل جا ٻيڙا پارِ.
تَڏي آئي کي تنگ نه ڪجي، توڙي هُجن ويرَ.
تَڏي آئي ۽ پُٽَ ڄائي به ڪو اَرهو ٿئي؟
تُنهنجا پُٽَ ڪليٽر ٿين.
تُنهنجو ٿيو واتَ خرچ، مواليءَ جو سِرُ ئي ويو.
تُنهنجي مُنهن ۾ ٻه اکيون.
تُون خُوش، ته اسين اڳي ئي خوش.
تُون پنهنجي خرچ ڀاڙي تي، هلي آ يارَ جهٽ پَٽ ۾.
تُون کاڄين، ڇا سان ٿو؟
تِتر آنا پَٽَ ۾، جنهن جو واهي اللهُ.
تِتر کيڙي دا ڀتر سو ميڏا، ڪانُ بڙا نانءُ سو تيڏا.
تِترُ ساڄي تنواري ته سڀاڳو، کاٻي تنواري ته نڀاڳو.
تِري کُيتي، مَلههَ ڇُٽي.
جا جُڙِي، سا واههُ.
جا ساماڻي آهي، سا گهر ڌڃاڻي به ٿيندي.
جائي جُواري، حاضِرُ.
جانِ آهي، ته جهانُ آهي.
جانِ بچائڻ، سُنتَ آهي.
جاهل فقيرُ، شيطان جو ٽَٽُون.
جاهِلَ کي جِنُ پوي، ته عالم ڪڍي، عالم کي جِنُ پوي ته ڪيرُڪڍي.
جاوڻي تان واههُ، ڪَلُون قريبن کي .
جاڙا خان، ڪُتو جَهلجانءِ.
جاڳُ، ته وَرئي ڀاڳُ.
جاڳڻُ، ڪَمُ جوانَ جو.
جتي راڄَ واڙا هوندا، اُتي ڍيڍَ واڙا به هوندا.
جتي لالُ ناهي، اُتي به مائرون پُٽَ ڄڻين ٿيون.
جتي مُلو ساندُ نه آهي، اُتي به ڇتي کاڌل ڇُٽن ٿا.
جتي وارَ وڇايا، تن سان ڪو بَرُ ميچبو؟
جتي وڻ وڻ ڪاٺي گڏجي،اُن ويڙهي، پاڙي مان لڏجي.
جتي ڏسي پاٽِ، اُتي ڳائي ساري رات، جتي ڏسي ٿالهي، اُتي هٿ کڻي خالي.
جتي کائي، اُتي ڳِري.
جل تون جلال تُون، آئي بلا ڪُون ٽال تُون.
جن الله تي ڀاڙيو، تن سوير چاڙهيو.
جن اڳيان وارَ وڇايان، تن سان ڪهڙو سِينُو ساهيان.
جن جا ماڻهو مُريدَ، تن کي ڪهڙو ڪالُ؟
جن جتي ڀاڙيو، تن کي تتي مليو.
جن سندا، تن سامهان.
جن چاڙهي، تن چکي به ڪا نه.
جن چاڙهيو، تن چکيو.
جن ڇڏي دعويٰ، سي ٿيا ساوا.
جن گهڻو گهڻو ڪيو، سي وريائي ڪو نه.
جنهن اُلاريو، سو هَڻندو.
جنهن جو جيترو تنهن جو تيترو، فقيرَ جو ڪهڙو ڪمُ ڪڇڻ جو؟
جنهن جو ربُ، تنهن جو سَڀُ.
جنهن جو واءُ ٿئي ويري، تنهن جو ڍينگو ئي ڍيري.
جنهن جو پاورُ، تنهن جو پادر.
جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي.
جنهن جوءِ جا گابا ڏٺا، تنهن جوءِ ڏٺي.
جنهن جون سارُيون، تنهن جو پلال.
جنهن جي عمر جي خبر هجي، ان جا ڏند ڪهڙا ڏسبا؟
جنهن جي ماني، تنهن جي ڪانِي.
جنهن جي ماڻُ پيو، سا راههُ رهندي ڪيتري؟
جنهن جي مغز ۾ واءُ، تنهن جو هوشُ نه جاءِ.
جنهن جي ناني نِڀاڳي، تنهن جا ڏوهٽا ڪهڙا ڏاتار ٿيندا؟
جنهن جي هٿَ ۾ ڏوئي، بُکَ مري سوئي.
جنهن جي گهر ۾ کاهي، تنهن جي چري به ڏاهي.
جنهن رُني نه ڏنو، سو گُهرئي ڪهڙو ڏيندو؟
جنهن مائٽن جي نه رکي، سا ٻئي جي ڪهڙي رکندي؟
جنهن هُوندَ ۾ نه ڪيو، سو، اڻهوند ۾ ڇا ڪندو؟
جنهن وٽ جيڪو وکرُ هوندو، هوڪو به، اهو ڏيندو.
جنهن يار جو پارُ نه سڃاتو، تنهن ڄڻ يارُ نه سڃاتو.
جنهن ٺَهيو ڪئي، سو ٺَهيو.
جنهن ڏنو آ جنڊُ، ٻُڪي به سوئي ڏيندو.
جنهن کي جُوءِ تي غيرت نه آئي، تنهن کي جوءِ تي به ڪا نه ايندي.
جنهن کي ماءُ نه ماءُ ڄائو، سو به گهڻن ماءُ پيءُ وارن کان سائو.
جنهن کي مُنهن ۾ نَڪُ ئي ڪونهي، ان کي ناسَ پِتو، ڪهڙو هوندو؟
جنهن کي ناهي سر جو سانگو، تنهن لاءِ جهڙو تارِ تهڙو تانگهو.
جنهن کي هيٺين واٽَ ڀئهُ نه مٿين واٽ ڀئه، تنهن کي سؤ کڻي چئه، ته به ساڳي ڪار ڪمونءَ جي.
جنهن کي واتُ هوندو، سو کائيندو به ضرورُ.
جنهن کي پنهنجي گهر جو داڻو،سو، ٻين ڪڙمين سياڻو.
جنهن کي چئجي سائين، تنهن جي ڪهڙي لانئين؟
جنهن کي، الله رکي، تنهن کي ڪيرُ چکي.
جنهن کيتَ کانڀاڻي ڇڏي، تنهن جو ريج پاڻيءَ سان ڇا؟
جنهن ڪَنَ کڙا ڪيا، سا هِينگَ به ضرور ڏيندي.
جنهن گوڏي تان کنئي، تنهن لاءِ جهڙو تارِ تهڙو تانگهو.
جنهين سندي مَنهين، تنهين سندو آچارُ.
جنڊَ جو مَٿيون پُڙُ، سدائين چڪر ۾.
جهنگ جو گَڏههُ، شينهن جو شڪارُ.
جهنگلُ ۾ منگلُ.
جهولي لالُ، ناهي خيالُ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal