جهيڙاڪار کي چار ڪَنَ.
جهيڙن جا مُنهن بَرنِ ڏانهن.
جهيڙي تي نائجي، ڳچيءَ پوي ته ڳائجي.
جهيڙي مان، وَري نه سَري.
جهيڙي ۾ ڌڪَ ڳَڻي ڪو نه هڻبا آهن.
جهڙا چٽَ رليءَ جا، تهڙا جانبَ جوانَ.
جهڙو راڄُ، تهڙو ڀاڳُ.
جهڙو سانوڻ تهڙي ڪَتِي، جهڙي بجلي تهڙي بَتي
جهڙو ٻِجُ، تهڙو سَلو.
جهڙو چيٽُ، تهڙي ڪَتِي.
جهڙو ڪُچرُ ڪاٺين تي، تهڙو گانڊو گاهه تي.
جهڙي ڇالِي تهڙي پِني، جهڙو گهوٽُ تهڙي وَنِي.
جهڙيون پَنجَ وِيهون، تهڙو سؤ.
جو سَهندو سوئي لَهندو، سائينءَ سندي واٽَ.
جو سَڄڻُ ڪونهي، سو دشمن به نه ٿيندو.
جو لُقمو ڏئي، سو لُقمانُ.
جو وَهي، سو لهي.
جو کِيرُ پئي، سو وِيرُ ٿئي.
جو ڪري، سو ئي ڀَري.
جو ڳولي، سو لهي.
جوءِ تي گارِ، سُوئر به نٿو سهي.
جوءِ، جوتِ سان.
جواريءَ جي جوءِ به پرائي.
جوان سان جيل به وڃجي، ڀاڙئي سان ڀَتَ تي به نه وڃجي.
جوهي، مکڻَ موهي.
جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ.
جوڳي، رمندا ڀلا.
جوڳين ڪهڙا ديسَ، ڪهڙا ويسَ؟
جي ٻڏڻو آهي، ته ڪهڙا ويهي گهيڙ پڇبا؟
جي روحُ ڏئي ريلو، ته وطن هڪڙي وِکَ تي.
جي رکين پياس پسڻ جي، ته مَکڻَ سيخ پچاءِ.
جي هوندو پيٽَ ۾ داڻو، ته پوءِ ئي وڻندو راڻو.
جي ويا جاوا، سي وَلِ نه آيا،جي ويا جاوا، سي وَلِ نه آيا،جي آيا، ته ٻال ٻچا ڍايا.
جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو؟
جي وڃڻ ڪاڻ ويا، سي رهي ورندا ڪِين ڪِي.
جي چَرنِ، سي نه مَرنِ.
جيءَ بَنيو هُجئي يارُ، ته ٻيو دشمن نه ڌارِ.
جيءُ آهي، ته جهانُ آهي.
جيءُ چَئهءُ تن کي، جن تو کي جيءُ سيکاريو.
جيئرن سان جهيڙو، مُئن تي ميڙو.
جيئرو کائي مُئو مَچي، اها ڳالهه علم جي عقل ۾ ڪيئن اچي؟
جيئري ساهه کي، نه سِڪائجي.
جيئري ڪجهه نه ڪيائون، مُئي ڊَهه ڊَهه پٽيائون.
جيئن جَهلِ، تيئن بَڇَ.
جيئن ٿا ڏيندڙ ڏين، تيئن جي چيندڙ چين،ته بيتن ۾ ’بيگو‘ چوي، ڪَڪرَ ڪين پِينِ.
جيئي شاهه، جبل ۾ شاهه.
جيئي لال، ناهي خيالُ.
جيئِنسِ ڌڻي، مَرنِس چورَ.
جيترا واتَ، اوتريون ڳالهيون.
جيترو ڇاڻُ، اوترو ٻُهرُ.
جيترو اوڇڻ، اوترو سيءُ.
جيترو هَرُ، اوترو ڦَرُ.
جيترو ڳُڙ وجهبو، اوترو مِٺو ٿيندو.
جيتري گُڏَ، اوتري اَڏَ.
جيسين سڄيءَ کي سارجي، تيسين ڀڳيءَ کي ڀيرجي.
جيسين سچُ سچ ٿئي، تيسين ڪُٽجي ڪوڙُ.
جيل کي، حضرت يوسف عه جي دعا آهي.
جيلَ به، مُڙسن لاءِ ٺهيا آهن.
جيڏانهن پيرَ، تيڏانهن خير.
جيڏانهن ڪَنڌُ، تيڏانهن پنڌُ.
جيڏانهن گاههُ، تيڏانهن راههَ.
جيڏو اللهُ، تيڏو آسرو.
جيڏو هَڏُ، تيڏو سَڏُ.
جيڪا دائيءَ کان پيٽُ لڪائي، سا ٻارَ سان گڏ پنهنجو به سِرُ وڃائي.
جيڪا رات قبر ۾ هوندي، سا ٻاهر نه ٿيندي.
جيڪا راز سان رڙهي اچي، حلال آهي.
جيڪا عورتُ گهرُ نه ڪري، اڄ نه کَري، ته سڀاڻ کري.
جيڪا لڳي، سا انڌي جي اک ۾.
جيڪا مڱي آهي، سا پرڻبي به ضرورُ.
جيڪا پهرين پينهي، پوءِ تي پَٽي، تنهن جو اٽو، ڪڏهن نه کٽي.
جيڪا گهڻن جي صلاحَ.
جيڪب آباد، دل آباد.
جيڪو هِڙ سان نه مُئو، سو ترار سان به نه مرندو.
جيڪو واءَ کي پُٺي ڏئي نٿو هلي،سو پنهنجا پيرَ ڏکيا ٿو جهلي.
جيڪو آسمان سان مَٿو گَسائيندو، سو ضرور ٿاٻو کائيندو.
جيڪو اُبتا واهڙَ ترندو، سو ٻانهون هڻي مرندو.
جيڪو تِريءَ تي مُٽي، تنهن کي مُنهن تي مُٽجي.
جيڪو ديڳ ۾ هوندو، سو پاٽِ ۾ پوندو.
جيڪو ساڌِي، سو واڌِي.
جيڪو محبت ۾ نه ٻَڌو، سو ڪامئي نه ٻَڌبو.
جيڪو نَميو، سو ڦَٻيو.
جيڪو هَڻي ڪوڏر، تنهن کي ڏُڪرَ جو ڪهڙو ڏَرُ؟
جيڪو هٿ کڻي وڏي ڏي، تنهن سان هَهِڙي ٿئي، هاءِ!
جيڪو هٿَ ۾، سو واتَ ۾.
جيڪو واءُ لڳي، ان کي سامهون ٿِجي.
جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کڻي، سو پاڻ اُن ۾ پوي.
جيڪو پنهنجو پٽڪو لاهي هٿَ ۾ ڪري، ان کي ٻئي جو لاهيندي ڪهڙي دير؟
جيڪو چوانءِ، سو ته اڳيئي آهين.
جيڪو چوي جيءُ، تنهن کي چئه سدا جيءُ، جيڪو چوي ڦُوٽُ، تنهن کي چئه ٻوڏِ.
جيڪو ڦُلهير ۾ ڦُوڪون ڏيندو، سو پنهنجو مُنهن ڇارُ سان ڀريندو.
جيڪو کائي نه مڃي، هِندو نه مسلمان.
جيڪو ڪري پيءُ، سو ئي سکي پُٽ.
جيڪو ڪوڙي نه اچي، سو سچيءَ ڪهڙو ايندو.
جيڪو، سِجَ کي ڏيئو ڏيکاري،سو، پنهنجو تيلُ، اجايو ٻاري.
جيڪي اُٺَ ڌارين ٿا، سي دروازا به وڏا رکندا آهن.
جيڪي اُکرين ۾ مٿا وجهندا، سي مُهرين کان ڪهڙو ڊڄندا؟
جيڪي منجهان ماٺِ، سو ڪُڇڻ مان ڪِين ٿئي.
جيڪي هتان جا هِريا، سي قيام به ڪو نه مُڙندا.
جيڪي پيئن تروَ، تن کي سورُ نه ٻرو.
جيڪي پيئن،سي جيئن، ٻين جو جيئڻ الاهي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal