جيڪي پيٽ ۾ ماپيون، سي ڪُني ۾ به ماپي وينديون.
جيڪي ڄڻين، سي نپائين.
جيڪي چُلهه تي سي دل تي، جيڪو ڄامَ سان سو نامَ سان، جيڪو يارَ آ، سو ڀائيوارُ آ.
جيڪي ڏَئي نه ٿا ڄاڻن، سي وٺي به ڄاڻن ٿا.
جيڪي ڪمائين، سي کائين.
جَتَ مڙئي، پنهونءَ جا ڀائر.
جَرَ کي جُوءِ جهلي.
جَنهنَ جو خُلقُ، تنهن جو مُلڪ
جَنوري جِنُ آهي.
جَنڊَ ڪڍي سسئي، پنجوڙيون پائي.
جَهڙي ڌُوڙِ، تهڙي ڇائي.
جَڏا جياري، مُرڪندڙ ماري.
جَڙن تي ڪهڙا سنجَ؟
جَڳت سالي جو، جت ڪِٿ بخت نرالو.
جَڳَ، جهانَ جو خيرُ.
جُتيءَ جو ڪوڪو،تون هلُ، ته آءُ گسان.
جُهو جُهو ماٽي، لسي پنهنجي گهاٽي.
جُهولي لالُ، ٻيڙا پار.
جُهڙ جي اُسَ گنجي جي ڦوسَ ۽ پاڙي جي هُوسَ، خراب آهي.
جُهڳو ئي جَهڻُ!
جُوءِ جو چورُ، چورُ نه مورُ.
جُوئِر کري، ٻُوري ڪري.
جُوا، سدائين سُوا.
جُڳ جُڳ جيءُ، کنڊون کير پيءُ.
جِتي تون پڙهيو هُئين، اُتي آءُ ماستر هئس.
جِتي ماکي، تِتي ماڳُ.
جِتي پَئي، اُتي وِهائي.
جِتي ڳُڙُ، اُتي مکيُون.
جِنس ئي جنس کي ڳولي ٿي.
جِنين ادب، تِنين حاصل.
جِنَ خدا جا واوَ آهن.
جِهرڪيءَ جي ڳُئيءَ ۾ مُهِري.
جِيتُ سڄڻ به، دشمن به.
جڏهن هٿئون وئي، تڏهن الله تي پئي.
جڏهن ڪَنَ پراوا ٿيا، ته واليون به پرايون ٿيون.
جڏهن، ڪَڻو ڪَرارو ٿيندو، تڏهن پيٽ به دشمن ٿيندو.
جڏو ڪاڻو ماستر، لنبُ لومز سپاهي.
حاجي ته حرامي، نه ته پئسا ئي پاڻيءَ ۾.
حالَ هيڻا، سُورَ ٻِيڻا.
حالُ حبيبان، پيش پِرين.
حاڪم حڪيم، قوي ۽ ڪوٽوال سان ويرُ نه رکجي.
حجام ۽ پاڪي، چڳَ نه بچي باقي.
حرام جي ڪمائي، ڪن کي سون پاڻي، ڪن کي لوڻ پاڻي.
حرامين جو حجُ،پنج موري کان پرتي.
حرامَ جو مالُ، حرام ۾ وڃي.
حرامُ حلال کي به ڇِڪي ٿو.
حرامُ مِٺو آهي.
حرصُ تاري، حرصُ ٻوڙي.
حساب ۾، ڌِڪو به نه ڇڏجي.
حق آ، لڳو دشمن کي ڌَڪُ آ.
حليمت سان، حيوان به وَسِ ٿين.
حياتي آهي، ته موڪلاڻي آهي ئي ڪا نه.
حياتي آهي، ته ميلا پيا ٿيندا.
حياتي آهي، ته ڇڏي ڪا نه ٿي وڃي.
حياتي اُها، جا هيج سان هجي.
حياتي باقي، يارُ اوطاقي.
حياتيءَ تي، ڪو ڀروسو ڪونهي.
حياتيءَ ۾ ڏينهن آهن ٻه، هڪ پرڻي جو، ٻيو مرڻي جو.
حَجامُ چِڙي ماکيءَ کان، ساڳي ماکي مُنهن.
حَجُ به ٿِيسُ، عمرو به ٿِيس.
حَياءُ زالَ جو سينگار آهي.
حُبَ کان سواءِ، هوڏَ به ڪهڙي؟
حُبِ علي نه، پر بُغض مُعاويا.
حُر ٿا، ڦُر ڪرڻ کان مُڙن؟
حڪيمن حاڪمين شل ڌڻي، ڪنهن کي به نه وجهي.
خاموشي نيم رضامندي.
خبران پَوسنِ، مَرُ ته سَهي.
خرچُ ميهر جو، کائي جاني.
خوابَ گهوڙا هجن ها ته فقير به سواري ڪن ها.
خوش رَههُ پنهنجي خرچ تي.
خوشامد ۾ به آمد آهي.
خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪانهي، ڳڻتيءَ جهڙو مرض ڪونهي.
خونُ ۽ کٿوري نه لڪي، توڙي بارُ پون باري.
خير شاهه جي چٺي کڻيو وتي.
خيرُ ڪندي هٿَ سَڙنِ ته سڙڻ ڏي.
خَطُ اَڌُ ملاقات آهي.
خُشڪ ڪچهري، بند جو پاسو.
دائيءَ کان پيٽُ ۽ ڪڙميءَ کان کيٽُ ڳجهو ڪونهي.
دادلو ٻارُ، چَريو يا چُتو.
دادو، جادُو.
داناءُ مري اَکَر سان، نادان مري تلوار سان.
درزيءَ جي سُئِي، ڪڏهن سُٽَ ۾ ڪڏهن پَٽَ ۾.
درياءُ مينهن جي چاري مان به وهي پوندو آهي.
درَ تي دُهلَ وَڄن، ڇوڪرِ ميڙي ڇيڻا.
دستار رفتار ۽ گفتار، سدائين سنڀالي رکُ.
دستگير! ڪڍُ پناهگيرَ.
دشمن جي دانگي، ڀڳي به چڱي آهي.
دشمن جي در ڇو ٿو وڃين؟
دشمن کي مارڻ بدران کاري ڇڏ، دوست کي کارڻ بدران ماري ڇڏ.
دشمن کي پاڻ کان، گهٽ نه ڄاڻجي.
دعويٰ کي دليلُ گهرجي.
دل جو گهاءُ، هڪ راڻي ڄاڻي،ٻيو راءُ.
دل لڳي ڏائڻ سان، ته پري ڪهڙي شئي آهي.
دل ڌوئي، دکيءَ ۾ رکُ.
دل کڻي ويو آهين، ته بيانو موٽائي ڏي.
دل ڪر، درخت جي دستور.
دل ۾ جاءِ هجي، ته سوڙهه آهي ئي ڪا نه.
دل ۾ خوشِ، بَغلَ ۾ ٽِين.
دل ۾ ڏارُ ۽ آئيني ۾ وارُ پوي، ته ڪڏهن نه نڪري.
دلاسي جهڙو، دشمن ڪونهي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal