ڪڻڪَ کري ته ڌَڻڪَ ڪري.
گائڙيان جوڀن گاس هئي، تِريان جوڀن اَنُ، مَهلي جوڀن مرد مردان جوڀن ڌَنُ.
گارِ جهيڙي جو مُنڍُ.
گانڊوءَ کان گوشو ڪر، تڏي ڪندو تڪرارُ.
گاههُ ڀَريءَ کان گهڻو آهي.
گاڏي نڪتي ته به چَريا نه ويا.
گدو بندر جي ڀڳلَ حيدرآباد ٺهي ئي ڪا نه.
گدڙُ کائي نه کائي، واتُ ڳاڙهو.
گرههَ گرههَ تي واهه گُرو.
گرههَ، گِر ههَ تي بسم اللهِ.
گرو، گپَ جو ڀاڙي آهي.
گلا خور، مُئل ڀاءُ جو گوشت ٿو کائي.
گنجو چوي ”سڀ مون جهڙا ٿين“.
گندَ جو ڪيڙو، گندَ ۾خوش.
گهاڻِي پوئي ڪا!
گهر آئي ڪُتي کي به ڪو نٿو لوڌي.
گهر اَٽو شيشي ۾ ٻاهر لگڙي لاٿَ.
گهر اڳيان ٻير نه پوکجي.
گهر جي پيرَ کي تيل جي ڪُٽِي ته ڪا نه کارائبي؟
گهر ۾ زال آهي پر بُتُ.
گهر ۾ ٺهي ڪو نه، ڪُڪڙُ سنئين ڳاٽ.
گهر ۾ ڪِينَ ته به گهوڙي تي زِينَ.
گهرئي ته موتُ به ڪو نه ٿو ملي.
گهرَ واري جو هڪڙو گهرُ، بي گهر جا سئو گهر.
گهرُ ته زال نه ته مِڙوئي ڪوڙُ.
گهرُ ٻار جو پهريون اسڪول ۽ اسڪول ٻار جو ٻيو گهر آهي.
گهرُ ٻاري ٿيو نالو ڪڍائڻو.
گهورُون ٿا گهورين، پر پَلئه جهلين ڪين ڪي.
گهوٽُ چڙهيو گهوڙي، ناسَ پِتو ٻوڙي.
گهوڙا ٻاري توبهه زاري.
گهوڙا ڙي گهوڙا ڇو؟چي، هونهين.
گهوڙا ڙي گهوڙا!
گهوڙي جو پُڇُ وڏو ته به پنهنجون مکيون هَڪليندو.
گهوڙي کي نه ڏسجي پر گهوڙي جي سوار کي ڏسجي.
گهيٽي جو پُڇ وڏو ته به پنهنجي ڳئي ڍَڪيندو.
گهَرُ سريو ته گهوريو، ڪُئا ته مُئا.
گهٽ معنيٰ بي عِزتي، شُو معنيٰ تباهي.
گهٽِ سوتُ به ڪا نه ٿيندي.
گهڻن ۾ پنهنجو مُنهن به نٿو وڻي.
گهڻو خَير!
گهڻو نفعو مُورَ جو وڃاڻُ.
گهڻو کاڌو، وِههُ برابر.
گهڻي باغباني خوشحاليءَ جي نشاني.
گهڻي مان ڇا کائبو؟
گهڻي مان گهڻو ٿوري مان ٿورو.
گهڻيون گُهرجون انسان کي ڏکي ڪن ٿيون.
گونگن جون ميچون گونگا سمجهن.
گونگي گاريون ڏنيون پر دل ۾.
گوڌي يا جوڌي؟
گوڏا سدائين پيٽ ڏانهن ورن.
گَرا گنجا پيا کائين، لَلنگههَ پيا ليلائين.
گَندُ گند سان نه ڌوپجي، نيٺ پاڻيءَ سان ڌوپي.
گَهر جي جَنڊڙي واري واري سان.
گَهر جي کُنڊُ ڪِرڪِر ڪري، چوريءَ جو ڳڙُ به مِٺو.
گَهرِ مَري ته مائٽَ پِٽينس.
گَهٽيل خرچُ وڌي سگهي ٿو، پر وڌيل خرچ نٿو گهٽجي سگهي.
گَهڻُو عقلُ گهر جو گهاٽو.
گُذر جو گَڏيون، ڪن کي ننڍيون ڪن کي وڏيون.
گُذري سا گُذري.
گُلن جي ورکا کان ڊِڄُ نه پٿرن جي وسڪار کان.
گُلَ جي خوشبو نَڪ تائين، ماڻهو جي خوشبو، ملڪان مُلڪ.
گُلُو جهڙو گهر تهڙو گابن سان.
گُندي کيرُ ڏئي ته مينهن ڪو ڌاري ئي ڪو نه.
گُهر ته گُهرئين!
گُهر کي سَرڳُ يا نرڳ بنائڻ، استريءَ جي وس آهي.
گُهري ئي اُهو جيڪو نه گُهري.
گُهرين تون متان، ڏيندس آءُ ڪو نه خدا ڪندو سڀڪي ٿيندءِ.
گُهڻي گُمائي وٺجي، ڏهڻي ڏهائي وٺجي، ٺڪر وٺجي ته به ٺوڪي وڄائي وٺجي.
گُونگن ڳايو ٻوڙن ٻُڌو.
گُونگو مينهن ٻوڙي.
گُٿو آهين، چي ”هَٿ َ ۾ آهين.“
گِدڙ کي کُٽي کڻي ته ڪري شهر جو مُنهن.
گِرههُ گهٽ ته به چُلهه وٽِ.
گِرههُ گهٽِ ته به پِريُن وٽ.
گِههُ کيرَ مان نڪري، پر کير ۾ ملائي نه سگهجي.
گپَ ۾ گِهڙبو ته ڦئنگن کان ڪهڙو ڊڄبو؟
گپَ جو ڪِلو ڍِلو ئي ڍِلو.
گڏهه لاءِ جهڙو گندُ تهڙو گلقند.
گڏهه کائي کائي مري ويا، ڊَڀَ وري مورجي ويا.
گڏههَ جي ڳچيءَ ۾ لالُ.
گڏههُ ساڳيو آٿرَ مَٽ.
گڏهيون به ٿيون گجَ پائين؟
ڱرَ ڪوسا ته هٿ ساڙين، جي ٿڌا، ته هٿ ڪارا ڪن
ڳئون کي سڱن جو، پهلوان کي لڱن جو ۽ مائٽن کي آنڊن جو ڪهڙو بارُ؟
ڳائڻ ۽ روئڻ ڪنهن کي نٿو اچي؟
ڳاتا ڀلا، ڪه سُڻتا؟
ڳالهه رنبي جي ڳنَ جهڙي.
ڳالهه نه ماري ڳالهه جو مامرو ٿو ماري.
ڳالهه نه ڳالهه جو مُنهن.
ڳالهه واههَ گروءَ کان چڙهيل آهي.
ڳالهه يا ڦَڪڙي؟
ڳالهه ڀَلي، پر گُجهارت بَچي.
ڳالهه چرچي کان چڙهيل آهي.
ڳالهه ڪجي اللهَ لڳ، ڌُڪو کڻجي ڀاءُ لڳ.
ڳالهه ڳوٺ کان ٻاهر نه ويندي.
ڳالهه، ٿي کُٽائڻي.
ڳاٽي ڀڳا ميندي لاوڻ ڏي.
ڳاڌِي هڪلڻ دا مين ڀَڙ هان، رڳو ميڪون جَهل ٻَهو.
ڳجهن جي پاراتين به ڪڏهن ڍور مئا.
ڳهڻو جهڙو ڳوٺِ، تهڙو ڳئن سان.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal