ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌارين هنئي سڀڪا، پنهنجن هنئي آءُ.
ڌرتي ماءُ آهي.
ڌرمُ ته نِيتي، ٻيو سڀ ڪوڙُ.
ڌيءَ اروڙي ڌَڻُ، وڌندي ويرم ئي نه ڪري.
ڌيءُ گهرَ جي لڇمي آهي.
ڌيئرن ماءُ، گهرَ ڌُڃاڻي،پُٽن ماءُ، نوڪرياڻي.
ڌيئرون، پرائو ڌَن.
ڌيئڪو ڌَڻُ، وڌي سِگهو.
ڌَنُ، رکڻ رکَ، ميڙڻ مِٽي، ڏيڻ ڏاتِ ۽ خرچڻ خوراڪ آهي.
ڌَڪنِ جا شاهد، ڦَٽَ.
ڌَڪَ، ڌَڪنِ ۾ ڦُوڪَ.
ڌَڪُ دُشمن جو به نه وڃائجي.
ڌَڪُ شيطاني، ڌَڪُ رحماني.
ڌَڪُ لڳو مُڙس مئو، وزن جي خبر پئجي وئي.
ڌَڪُ هڻُ، رَتَ جو ڦُڙو نه ٽِمي.
ڌَڻيءَ جو ڌَڻي، آهي ئي ڪو نهَ.
ڌُوڙِ ڌَائيوُن، پٽينس نياڻيون.
ڌِڪِ، ڌڻيءَ جي آسري.
ڌڱاڻو جهڙو گهر، تهڙو جهنگَ ۾.
ڍائي وٽ هر ڪو اچي، بکئي وٽ ڪير ايندو؟
ڍينگو ئي ڍيري.
ڍَر ڍارا، پَئُون ٻارهن، سِر وڃي.
ڍڪڻُ ڍُڪَ ۾ ٻُڏي به نٿو مَرين.
ڍڳو نه ڍورُ، ڇا ڪاهيندو چورُ؟
ڍڳي جو مُلهه هزارُ، ڍڳو پيرُ پيران.
ڏئي ڏاتارُ، ڳُئي ڦاٽي ڀانڊار جي.
ڏاتارُ لکن جا به ليکا نه ڪري،
ڏاهرين جا ڏاندَ، کَڙ بُههَ جا هيراڪ.
ڏاٺون کائِي، اچي ڏندن کي لڳو آهي.
ڏاٺَ جو علاجُ اَنُبورِي.
ڏاڍو اُهو جيڪو مُنهن تي مڃائي.
ڏاڍو مَري روئڻُ نه ڏي.
ڏاڙهي جنهن جي پيٽ ۾، پهرين پتڻ سي پهچن.
ڏاڙهي نه ڏَتُ تنهن تي ڪهڙي پَتِ؟
ڏسڻ جا وڏا، اندر جا جڏا.
ڏسڻ ۾ راڻي، مَٽجي ته مُهاڻي.
ڏمرجي نه ڏاتارُ، ڏَسي ڏنگايون.
ڏندَ هئا ته ڀُڳڙا نه هئا، ڀڳڙا آهن ته ڏند نه آهن.
ڏنل ڏاجُ مائٽن به ڪو نه موٽايو آهي.
ڏني نه ورتي.
ڏههَ ئي آڱريون گِههَ ۾.
ڏههَ ئي ڏوڪڙ لَسَا.
ڏورُ شهزور آهي.
ڏوهٽاڻ پيٽاڻ، وڌندي جا ويري.
ڏيئي بنا پنهنجو، ڏِس گهمي اونداهو گهرُ.
ڏيندڙ مُون ڏٺا، جِن جا هنڌَ حُضور ۾.
ڏينهن تتو، مُرسُ مَتو.
ڏينهن جو چنڊَ جي سُونهن، ٻڍاپي ۾، عورت جي سونهن ۽ ڳڻتيءَ ۾ ڪا به سونهن نه وڻندي آهي.
ڏينهُن ۽ پنڌُ، پنهنجي مُداوَتي پورا ٿين.
ڏيههُ ٻُڌي، ڏيرياڻي نه ٻُڌي.
ڏيههُ ڏِسي، ڏيرياڻي نه ڏسي.
ڏيوالي جو ڏيئو، غريب جي گهر ئي ٻرندو.
ڏيکاري هڪڙو، وجهي ٻيو.
ڏيکاري ڪڻڪَ، وجهي جَوَ.
ڏيکڻ دا گشولڙا، پر پٽڻ دا ڪُتا هئي.
ڏيڻ، روئڻ ۽ ڏيههُ ڇڏڻ لاءِ، هنيانءُ ٿو کَپي.
ڏَرجي به ڏجي به.
ڏَنڊي تي منزل.
ڏُهِي کائجي، ڪُهِي نه کائجي.
ڏُهڻَ جو نه ڪُهڻَ جو.
ڏُڀي رِڍَ، سَهڪي بِروهي.
ڏُڌ گهرُڻ ۽ مائٽي چوڻ ۾ ڪو به عيبُ نه آهي.
ڏُکن جي پاڙُ، آهي ئي ڪا نه.
ڏُڪر ۾، داڻي بدران، ناڻو ٿو چٻاڙجي.
ڏِنو وِسري لکيو نه وِسري.
ڏِنو، ٻرو ڇِنو.
ڏِني قرضُ ڇُٽي، ڪَئي پنڌُ کُٽي.
ڏِٺم ٽُوههَ، ٿيم رُوحَ، کاڌي، خيالَ کڄي ويا.
ڏِٺو، ته ڀوڳُ، نه ته ساڀيان.
ڏٺو مِٺو آهي.
ڏڦير، شل نه ڏهين ڦيرَ تي اچي.
ڏڦيرَ ۾ ڏَههَ ڦيرَ.
ڏکئي کي، ڏئي ڪو نه، سُکئي کي، سَهي ڪو نه.
ڦاٿي کان پوءِ ڦَٿڪڻ ڪهڙو؟
ڦوس تي لَپو.
ڦوسَ مان فتح خان.
ڦوٽي جي ڦارَ، سَڄڻَ جي سارَ.
ڦيرو نه ماري گهيرو ماري.
ڦيري ڏس فقيرَ هَٿُ پنهنجي هِنيانءُ تي.
ڦَل ڦوٽو جيئن پاڻيءَ تي ٽِلي، هلي سنگت، ست ڌارئي سان، ته ڪيئن؟
ڦُودنو ڦُودنو چوڻ سان، پيٽ جو سور ڪو نه لهندو.
ڦُٽيون به ڏاڙهونءَ جون گجرون به ڏاڙهونءَ جون.
ڦِٽندي آهي ته واٽون وِنگيون ٿينديون آهن.
ڦِٽي ته ڪو ڏِٺي اٿئي؟
ڦِٽي ٿي ته هٿَ به اَنگهون.
ڦٻيا اُهي جيڪي ڦاٽي مُئا، اسين ته پاڻ کڻايو پيا وڃون.
کائجي ته کارائجي نه ته اصل نه کائجي، لائجي، ته نڀائجي نه ته اصل نه لائجي.
کائجي ته ڳائجي پر ايترو به نه ڳائجي جو ڪنهن کي آسمان سان لائجي.
کائيا سو پائيا، ڇوڙيا سو ٻوڙيا.
کائين نه کارائين ڳوٺ جو پَٽيلُ سڏائين، گِهه جي دکي رکي بصر سان ماني کائين.
کائيندڙن کارائيندڙن جو خيرُ.
کائِي پي نالو وَٺُ.
کائڻ مهل گَڏُ، سُمهڻ مهلَ مسيت ۾.
کاراءِ سونو گِرههُ، پر نَظَر شينهن واري رک.
کاٽو پُٽُ، ڪاڻُو به ڀلو.
کاٽُو پُٽ، انڌي جي لَٺِ.
کاٽُو پُٽ، گهرَ جي سُونهن.
کاڌي بنا زهر نه ماري، توڙي چڙهي ويهه ڳوڻين تي.
کاڌي جو بُکيو، ڪيرُ به ڪونهي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal