کاڌي مُئاسين ته شهيد ٿياسين.
کاڻِي مانيءَ تان، کَل به نٿو لاهي.
کدڙن جي خاسارن کي پانڊي ٿا پهچن.
کدڙن جي ڪمائي، ڏاڙهي مُڇَ جي صفائي ۾ وئي.
کريل ٻار کوٽو سِڪو، ڪر ٽڪاڻي حوالي.
کنڌو ويو کاڌي ۾، ٻار ٻچا نفعي ۾.
کوءِ ڍلن دوستي، ڀلو ڀلن ويرُ.
کودو ئي کُوههُ ۾.
کوسي جي خير کان ويرُ ڀلو.
کوٽو سِڪو به پنهنجو ڀلو.
کوڙيءَ کي گُهمرو.
کي چيائون، ”پُٽ ڄائو اٿئي چي، اِها دعا دل سان ئي نٿي لڳي.“
کيتي آهي کيڙَ سان.
کير ۽ پيرَ کي نه موٽائجي.
کيلُ ختم پئسا هضمُ.
کيٽر اُها، جا ڪِنگرُ ڀڃي.
کيٽرِ پنهنجو به هاري، ته ٻئي جو به هاري.
کيڏي ٿو راندِ ۽ آڳ نه ڏيندو؟
کيڙي سو کائي.
کيڙي ٽيڙي، پوءِ ميڙي.
کَدڙي جي سُڃاڻَ تاڙيءَ سان، مرد جي سڃاڻ ڏاڙهيءَ سان.
کَدڙي کي مرندي ڪنهن ڏِٺو؟
کَريا به پنهنجا، ٻَريا به پنهنجا.
کَسي نه کلر مان، ڏئي نه ڪلر مان.
کَنئي کپي ڪا نه، ڳولي لڀي ڪا نه.
کَنڀَ مان ڪانُ جوڙيائين ته ٿيو جمعدارُ.
کَٽي اوڳرائي نه ڏجي.
کَٽي شاههُ صدر، کائي شهباز قلندر.
کَٽَ کڻي نه ڏيو پر سُمهو ته سُولا ٿي.
کَڏَ ۾ ڪنڊو، صاحب لوڪُ منڊو.
کَڏُون ٿيون خالي، هَنجُ نه رهيو هيڪڙو.
کَڳا ڍنڍَ ۾ ڪو نه، ويڳَر پيا ڪُٽجن.
کَڻُ پنهنجي ڀاءُ کي رِليءَ ۾ ويڙهي.
کُوههَ جي ڏيڏر لاءِ دنيائي ايتري.
کُٽل آهيون ته به خان آهيون، جُتي ناهي ته به جوان آهيون.
کُٿابين اُٺَ مسيت تي چاڙهيو.
کِلندڙن تان خيرُ.
کِلَ خوشيءَ جي خوراڪ آهي.
کِلُ ته ڪتلَ کارائين.
کِلُ ڪتلَ کِلُ.
کٽيا ته به گهر آپڻا، هاريا ته به گهر آپڻا.
ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
ڪا مَهلَ نه ڪنهن جهڙي.
ڪارو ربَ کي پيارو.
ڪارو ڪُنو، نڪاح پُنو.
ڪاريهرَ جي ٻرَ ۾، جيڪو وجهي ٻانههَ، جي نه ڪرائي دانَهه ته ڪاريهر ڪيئن سڏجي.
ڪارِ آهي ڀائيوار.
ڪارِ پَت کي ڊِنگهرُ.
ڪارِڙو ڪَمارڙو، اَنُ پاڻي ڏي ته مينهن وسي.
ڪاغذَ جي ٻيڙي، جلد ٻُڏي.
ڪافرُ ڀڄي ڪلمي کان، ساڳيو ڪلمو مُنهن ۾.
ڪالهه جا حاڪم، اڄ جا ڀڙوا.
ڪامورو کُٽي ڄَٽُ ڦَٽي، واپاري کُٽي هَٽُ ڦٽي، ڊاڪٽر کٽي ڦٽُ ڦٽي.
ڪانءَ جي اک پئي نڪري.
ڪانيءَ کان ٻياني تِکي.
ڪانچَ جي اندران، مرض پيو سُڃاڻي.
ڪانگَ جو ٻچو ڪانگ ٿيندو، نانگَ جو ٻچو نانگُ.
ڪاوڙ جهيڙي جي جَڙ آهي.
ڪاوڙبو آهي، پرچائڻ لاءِ.
ڪاٺي پاڻي، پاڻ وَهيڻو رزقُ آ رحماني.
ڪاٺيءَ ۾ به، ڪمُ پئجي ٿو وڃي.
ڪاٺَ جو ڪُنو. چُلهه تي نه چڙهي.
ڪاٺُ پرائي ڳُئيءَ ۾، ڪپهه کان به ڪُنئورو.
ڪاڪو ڪُوڙُ، سعيد آبادي ڌُوڙِ، جمالڪو جانٺو ۽ سُهتڪي گيسر.
ڪاڻءِ جي ڪسرَ، ڌَڙِيءَ مان.
ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئجي.
ڪاڻِ ساڻ، رهاڻ آ.
ڪجهه گُذري آ، ڪجهه گذري ويندي.
ڪرن ماوان، لوڙن ڌيوان.
ڪري ڪري جنهن نه ڪئي، تنهن به نه ڪئي.
ڪري ڪير؟ ڀري ڪيرُ؟
ڪرِ ڀَلو، ته ٿيئي ڀلو.
ڪلامِي، سو سَلامِي.
ڪمائجي گڏهه ٿي، کائجي شينهن ٿي.
ڪمائي به شَهرُ، کائي به شهرُ.
ڪمائي نه ڪو ڏي، خرچڻ جي کري.
ڪمائين بودا، کائين ڳوڌا.
ڪمائڻ واري لاءِ، سنڌ به دبئي آهي.
ڪمائڻ ڏکيو، کپائڻ سولو.
ڪمال کي زوالُ آهي.
ڪمان مان نڪتل تيرُ ۽ وات مان نڪتل ويڻ، موٽي نه اچي.
ڪمزور تي ڪَڻتي، ڏاڍي کان ڪتري.
ڪمُ ڪنهن جو به رهجي ڪو نه ٿو.
ڪنهن جا کَٽيا ڪيرُ کائي.
ڪنهن جو قسمُ، ڪنهن جي ڳالهه.
ڪنهن جي هَٿئون، ڪنهن جي مَٿئون.
ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪا رِيسَ؟
ڪنهن ڏِٺي سُهڻي، ڪنهن ڏٺو ميهارُ.
ڪنهن کي دل جو حالُ نه ڏِجي.
ڪنهن کي دَڙ ڪنهن کي دلاسو، ڪنهن کي ٻنڍڻ، ڪنهن کي پاسو.
ڪنڊياري ۾ ڪَنڊ گهڻي، ننڍي وڏي جنگ گهڻي.
ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي؟
ڪهڙي باغَ جي موري آهين؟
ڪهڙي چَڪيءَ جو اَٽو ٿو کائين؟
ڪو پائي پرائي، ڪو وِڃائي پرائي.
ڪوجهي روئڻ کان بُسِ ڀلي.
ڪوريءَ مان قاضي، سوچيءَ مان سلطانُ.
ڪورين هنگي تخت وڃايو.
ڪورٽ ته اَلايا ڪو نه، سِرڙا ته تئين کاڌا ئي.
ڪورٽ ڪچهري ڪانهي جو ڪوڙُ هڻجي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal