چرسَ ذري، تماڪَ ڀَرِي.
چرسُ ناهي، ته پِٽَ ٺُٺئي تي ٿيندي.
چريءَ جو چولو، ڇنڊڻيءَ ۾ ويو.
چريءَ چکيو لڳس مِٺو چي، ”هل ڪالهوڪي هنڌ.“
چريءَ چکيو لڳس مِٺو چي، ”هلندي ڪا شهر“؟
چريءَ کي ڄائو پُٽ، چُميون ڏئي ماريائينس.
چريا کريا آهيون، پر سُڃاڻون سڀڪنهن کي ٿا.
چريو هڻي نه، هڻي ته ماري.
چمُ جي سُونهن چَمار ڏسي، گُڻ جي سونهن گياني.
چنڊَ ٻُڪي، چوڏهينءَ وِهانءُ.
چنڊُ چڙهندو، ته جهانُ ڏسندو.
چور مان چڱو مُڙسُ.
چور کي نِڀاڳُ، کاٽَ مهل کنگِهه.
چور ۾ ساڃاهه آهي،ڌُڪي ۾ ساڃاهه ڪانهي.
چوران پَتِ نه ڪائي، توڙي هوونِ سڳي ڀائي.
چورن ڌُڪا هنيا نه هنئي جهڙا.
چورن ڦُرئي، ڀاڳيا وِلها نه ٿين.
چوري حرامُ، چوري حلالُ.
چوري ڪانهي، زوري آهي.
چوري گهَڻي ته به گهوري.
چوريءَ جا ڪپڙا، ڏانگ جا گُزَ.
چوريءَ جو ڳُڙُ مِٺو.
چورَ کي چار اکيون.
چورُ ته بيشڪ چورُ، پر ڳالهه مڃي ته مورُ.
چورُ جَهليو، ڄڻ ڪُتو جَهليو.
چورُ، چورَ کي نه سهي،
چولي جي اڳڙي، چولي کي لڳي.
چوٿين يار جو اولاد آهين ڇا؟
چوڏهين صديءَ کان مِرُن به پناهه گهري آهي.
چوڏهين چَٽُ، پندرهين پَٽُ.
چوڙئي پَٽَ به چُڙيو وڃن، کاڌي، کُوهه به کٽيو وڃن.
چوڻ سان ڪو به کوههُ ۾ ٽپو نٿو ڏئي.
چوڻ سولو، ڪرڻ ڏکيو.
چوڻ وارن کي جَهل آهي ئي ڪا نه.
چي، ”ادا، سڄڻ گِروي.
چَئُون ٿا سَچُ، ته آهي ڀَتُ ڦِڪو.
چَئِي کڻي کُٽاءِ.
چَرنِ تي چَم ڪنڊيءَ تي رَم،جي تڪڙا آهيو ته سُوٿي ڏئي وڃو.
چَريءَ چَکِي ڏِٺو، چي ”ڳُڙُ“
چَريا به ڪي پنهنجي وَسِ ڇڏبا آهن.
چَريا ٿياسين، يارَ پرکياسين.
چَريو ڳالهائي، سَنهيُون پرکي.
چَمُ نٿو وڻي، ڪمُ ٿو وڻي.
چَمڙي لاءِ ڏينهن ٿئي ئي ڪو نه.
چَمڙي چيو مهمانن کي ”اسين به پيا لڙڪون، اوهان به لڙڪو.“
چَمڙِي وڃي، دَمِڙي نه وڃي.
چَنڊَ جي پڳَ تاري تي.
چَهُو تِترُ گُنديءَ ۾.
چَٽَ ڏئي چُتوءَ کي ڪاٺُ کڻايائون ڪلهي تي.
چَٽِي چانڊين جي، پئي پرڻيجن تي.
چَپرَ لڳندي ته چُوڙَ بند ٿيندي.
چَڪِر گهوڙو، در اڳيان نه ٻڌجي.
چَڻا ٽِٽَ گهڻا، مَٽرَ ماٺِ نٿا ڪنِ.
چُتو رهي پر چُتوءَ جي چُتِ نه رهي.
چُتو رَنَ جا يار به گهڻا ته ٻار به گهڻا.
چُتو پُٽُ گهر جي سُونهنَ.
چُهڙن جون ونڊيون چُهڙا کائين.
چُور موٽ کائي ته پوليس جو دلالُ.
چُڪَ ڪري چوٽيءَ واري، ٺِڪر ڀڄي ٺوڙهيءَ تي.ڪري ڪَنن واري، پوي ويچاريءَ ٻوڙيءَ تي.
چُڳي ته چڪورُ نه ته مورُ ته هَئي ئي هئي.
چِٻرو رات جو شاههُ، ڪانءُ سُجهندي جو شينهُن.
چِٽائي آهي مِٺائي.
چِٽَ جي اُٻڙاسَ، ڍور به ڪيرائي ڇڏي.
چِٽَ نه ڪنهن جي مِٽَ.
چِٽَ ڏياري ٽِٽَ.
چِڪني گهڙي تي بُوندَ نه ٽِڪي.
چٺيءَ تي ڪمُ ٿئي، پاڻ وڃي ته بي آبو ٿي اچي.
چڪني گهڙي تي، مينهن ڦُڙو پَيو نه پِئي جهڙو.
چڱا به ڪنهن ورهايا آهن؟
چڱائي ڪري گهوگها پيو ڏيانس ته اکيون پيو ڦوٽاري.
چڱائيءَ جو وقت ئي ڪونهي.
چڱائيءَ مان چَگهائي.
چڱن جا چار گِرههَ.
چڱن چونڊ چالو، ڦٽڪن جو ڦهڪو.
چڱي جي چيچَ ۽ بئراج جي پيچَ مان چڱائي ڪانهي.
ڇا باههِ، ڇا ڪپاههِ؟
ڇا دالِ، ڇا بسم اللهِ؟
ڇا ٻلي، ڇا جُلابُ؟
ڇا ڇِٽو ڀَتُ، ڇا بسم اللهِ؟
ڇورو پڙهيو قسمت جاڳي، ڇوري پڙهي مُنهن تي دانِگي.
ڇوڙن جو واهي، گدڙُ.
ڇوڪرَ جي ياري، گڏهه جي سُواري.
ڇَٺيءَ جو ڇورو، شل ڌڻي دشمن کي به نه ڪري.
ڇَٽي جان ڇوڪرَ جي، ڪڍيس لنڊُ خدا.
ڇَڏِ، ته ڇڏيئين!
ڇَڙهو ڇاندُ، اُضحيءَ جو ڏاندُ.
ڇَڙِي ڪري ڇَم ڇَم، ته وديا اچي گم گم.
ڇُري سوني هوندي، ته به کائبي ته ڪا نه.
ڇُڙي وئي، ڇُلندي آئي.
ڇُڙِي مِڙي، شاههَ جي.
ڇِتو ڪُتو به، ڌڻي سڃاڻي.
ڇِڊي پوک، دُنبا سنگَ.
ڇِڪي رکُ، سَٺِ تي ڪانٽو.
ڊاهڻ سَولو، ٺاهڻ ڏکيو.
ڊرائيورَ مان وَرُ نه وڃي.
ڊنگ مار، ِڊنگ مار،جهڙو تهڙو ڪار، پر ڏينهن نه کار.
ڊنگهرن تي اٽو پيو هاري.
ڊڄڻو وڙهي نه، وِڙهي ته سِرُ نِئي.
ڊڄڻي ڪُتِي، مِرونُ جي مُنهن ۾.
ڊڳڙي مذهبُ ڊڳڙيءَ تائين، مُنافق جو سلامءُ پڳڙيءَ تائين.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal