پاڻياري سڀڪا، جا سِر گهڙو ڀري،
پاڻَ سڄڻُ عقلُ دشمن.
پاڻَ چڱي لاءِ دُنيا چڱي آهي.
پاڻِي پَهڻ به ڳاريو ڇڏي.
پرائو حقُ هندوءَ لاءِ گانءِ، مسلمان لاءِ سُوئر.
پرائو عقل، کُڏَ جي ڊوڙَ.
پرائو ٽِٽُ پنهنجي پيٽ ۾ نه وجهجي.
پرائو پُٽُ پنهنجو نه ٿئي، توڙي لُٽائي لکُ.
پرائو پُٽُ، ٽَڪو ڏئي به کارجي.
پرائو پِيو پنهنجو ويو.
پرائي جهارِ، پرائي جِهرڪي.
پرائي دعا کٽجي، نه پِٽَ.
پرائي مالَ تي ٽوپي نِراڙ تي.
پرائي مَتِ، پُرڻَ ۾ پاڻِي.
پرائي پُٽُ کان، پنهنجي ڌيءَ به چڱي.
پرائي ڏُڱري، ڪپڙن جو وڻاهه.
پريا مڙسَ، ”ڪُنو چٽيندين؟“چي، ”ابا! ويٺي ڪو وڌندسُ؟.“
پلئه، پلي ٻَڌي، رسول جي اُمتَ وَڌِي.
پلاندَ پراڻا نه ٿيندا آهن.
پنجَ ڪڻي، مِهرُ گهڻي.
پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، سِراين مان پهر به ڪانهي.
پنهنجائيءَ جو ڪنهن کي سيڪُ نه سوادُ.
پنهنجو رکي ٻئي جو چکي.
پنهنجو ساههُ به پرائو آهي.
پنهنجو عقلُ ۽ پرائو مالُ گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
پنهنجو فائدو ڪنهن ڇڏيو آهي؟
پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏِسجي.
پنهنجي هانءَ تي هٿ رکي ڏسجي.
پنهنجي هٿن ٺارڻ ۽ ٻئي جو اندرُ ساڙڻ کان پنهنجي ڪاوڙ مارڻ گهرجي.
پنهنجي ٻارجي، پنهنجي چاڙهجي.
پنهنجي ٻَنِي، پنهنجو هَرُ.
پنهنجي ڦاٽي پيٽ جي، ڪهڙي مَلمَ پَٽي.
پنهنجي ڦرڙِي، پاڻ کي سَتائي.
پنهنجي کاڌي ۾ وِههُ ڪير گڏائيندو؟
پنهنجي گهر ڪو ٽِٽُ پيو ڏيندو، تنهن سان ڪو ٻڌل آهي ڇا؟
پنهنجي گهوڙي جا پنڌ ۽ پنهنجي گابي جا ڏند، هرڪنهن کي ساريا پيا آهن.
پهتو وتائي تائين ڪونهي، اللهُ اللهُ ٿو ڪري.
پهتو ٿُڙَ کي به ڪونهي، لامَ ٿو لڙڪي.
پهرئين ڏينهن مِهمانُ، ٻئي ڏينهن مڙو، ٽئين ڏينهن پادر کڙو.
پهرين وٽي کير ڀري، ٻي ڏيندو اللهُ.
پهريون مُلهه، کَٿُوري.
پوءِ جا ڀاڳَ، پوءِ سان.
پوئينءَ کان، پهرين ڀلي.
پورهيو، ته خدا چور جو به نٿو ڀڃي.
پولو کڻ کٽولو، چاند گاڏي جلد مقامُ.
پوليس نوڙيءَ مان نانگُ ۽ نانگ مان نوڙي ڪري.
پوليسارو، نه ڪجي يارُ.
پوڙهو ۽ ٻارُ، هڪ آچار.
پوکين تان ڪي پوک، جاسين وَٽِ اٿئي واري ۾.
پوکَ سنگَ سان، رِلي رنگ سان، مڙس ننگ سان، ڌرتي جهنگ سان.
پوکَ پاڻيءَ سان ماڻهو نيت سان.
پوکڻي اٿئي ته پوک، نه ته ويندئي مُندَ چڙهي.
پيءُ اَميرُ، پُٽ فقيرُ.
پيءُ لَبُ جو، زال لبُ جي، ماءُ، بي لَبِي:
پيءُ مَري اڌُ ڇورو، ماءُ مري سَڄو ڇورو.
پيءُ پني پُٽ گهوڙي چڙهي گهُمي.
پيءُ، ته ٺرئي جيءُ.
پيادو، سُوار تان کِلي.
پيرو گمُ، مال عدم.
پيريءَ ۾ سؤ عيبَ آهن.
پيرَ جي جُتِي، مُنهن ۾ لڳي.
پيرَ مان لاهي، آهي مُنهن ۾ هڻڻو.
پيرُ پُٽ نه ڏيندو، زال ته ڪو نه کسيندو؟
پيرُ، پُٽ نه ڏيندو، گسُ ته ڪو نه جهليندو؟
پيٽَ سان، ڪهڙا ليکا؟
پيٽَ کي قبرستان نه بڻائجي.
پيٽَ ۾ بُکَ، اُرههَ ۾ آڪڙِ.
پيٽُ پنهنجو کَريو، پَٽِي ڪيرُ ڪري؟
پيٽُ ۾ لُلُ، ته به ڳوٺَ ۾ هُلُ.
پيٽُ، ڪُتن سان گڏ کارائي.
پيٽُو پُٽُ به ڪاڄُ کاري.
پَئنچاتي سالو، وڏو مُڙسالو.
پَئُون ٻارهن.
پَرائِي ڀاڄي، سَوادي.
پَراوا دَر نوسڻُ، ڪُتي جو ڪمُ.
پَرُ ڏنڊو ڀڳو، هيلُ ڪونڊو،ڌَڪنِ مٿان ڌَڪُ.
پَرڻيا ناهيون پر ڄاڃي ضرور ٿيا آهيون.
پَلئهَ پراڻا نه ٿيندا آهن.
پَلو ويچارو غريبَ غُربي جو گذارو.
پَنيرُ ڦَڪيو وَتي.
پَهاجَ، مَکڻُ به نٿو سَهي.
پَهرَ هِيڻيءَ هنڌان ڀَڄي.
پَٽُ به پنهنجو، پيهو به پنهنجو.
پَٽِ ڇَٻر، ته رڍون بُکَ مرنِس.
پَٽڪو ته ڏِنئي، پر سَٿَڻُ به سيکارِ.
پَٽڪو لَٿو عزتَ بَچي، ڪنهن ڏٺو ڪنهن نه ڏ ٺو.
پَٿر تي لِيڪَ.
پَڙِڇَ هيٺان ڌُوڙِ.
پَڪ ٿي پاڏي کي، ته مينهن مِڙي وئي ڀاڙي تي.
پُنڌُ، اڪيلي جو دُشمن.
پُٺِ جي مارَ ڏجي، پيٽ جي مار نه ڏجي.
پُٺِ جي ڀونڊي کان، اڳَ جو ڀونڊو ڀلو.
پُٽَ مِٽيءَ جا به ڀلا.
پُٽُ سڌريو ته اکين جو ٺارُ، جي کَريو ته اندر جو ساڙُ.
پُٽُ، لَٽيا کُوههَ پَٽينِ.
پُٽُ، پيءُ جي اَڍَ ڇِڪي ٿو.
پُڄنديءَ جو پَههُ آهي.
پُڄي ٿي اچي، ته دير ئي ڪانهي.
پُڇندڙُ، پَسندڙُ.
پُڇُ کڻ ته سڀ ماديون.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal