واڻين جي ڪُتِي، پوڙهي ته به ڪُولِي.
واڻيو يارُ ته به پاڻي پياري ٻُڪَ ۾.
واڻيو ڀڄي ڪلمي کان ساڳيو ڪلمون مُنهن .
واڻيو ڳُڙ کائي ته به لوڪئون لِڪائي.
واڻيو ۽ سيارو، ڪسَرَ نه ڇڏي.
واڻيو، نيٺ پنهنجي مطلب تي مِڙي.
واڻيو، ڳوٺَ جي سُونهن.
واڻُ کائي، اچي واڏڻ کي لڳو آهي.
واڻڪو وياجُ، گهوڙي جي ڊوڙ.
وتائي فقير وارو، اڳُ ٿو وٺين.
وقتُ چوي، آءٌ بادشاههُ.
وقتُ، سدائين هڪ جهڙو نٿو رهي.
وقتُ، وقت کي سلام آهي.
وهَمَ جو علاجُ، لقمان حڪيم وٽ به ڪو نه هو.
ويريءَ کان، واهِرُو ويجهو آهي.
ويلَ، وَيلَ، هٿ نه اچي.
ويٺي کان وِرتڻ ڀلي.
ويٺي، شينهن به بُکَ مَرنِ.
وَتايا! تنهنجو پُٽ، بازار ۾ پئي ليٽيو، چي، ”ابا! ڪنهن لبَ تي ليٽندو هوندو.“
وَرهين جي کُتِ.
وَرَ سُکي ته جڳُ سُکِي، وَرَ ڏُکي ته جڳَ ڏکي.
وَرَ وِلهي، شل ڪُتِي به نه هجي.
وَسي آکاڙ، سانوڻ سڀ رڄ ڪري کاون.
وَقتُ هوا جي پرن تي اُڏامندو آهي.
وَقتُ ڪنهن جو انتظار نٿو ڪري.
وَليءَ منجهان ڀُوتُ، سَپوتَ منجهان ڪپوتُ.
وَلِيءَ جي گهر ديوُ، ديو جي گهر ولي.
وَنڊڻ وارو، ڍاپي مري يا بک مري.
وَهيءَ ۾ڦوڳُ به، ڦُلاربو آهي.
وَٺُ، ته مِلياسين.
وَٽِي هَٿ ۾ يا ڪُنو مٿي تي.
وَڃِي ٿيا، سَتَ خيرَ.
وَڄُ، فقيرَ وَڄُ!
وَڌِ وَڌِ ڏاگهه ٿيا هئي،عقل دا ذرا به ڪونهيس.
وَڌِي واڙِي، لڳي ڀاڳُ.
وَڏي مڇي، ننڍي مڇيءَ کي کائي ٿي.
وَڙن وارا هوندا،تن جا وَڙَ پيا ڳائبا.
وَڻ وَڻ کي، ڳئي نه ڏيکارجي.
وَڻان نه وڻا، وِچان گِرههَ کڻان.
وَڻنِ ۾ ٻُورُ، لڱن ۾ سُورُ.
وَڻَ تي چَڙهڻُ سَولو، لَهڻُ اُولو.
وَڻُ کري ڳنڍا ڪري، دوست کري گِلا ڪري.
وِتَ کان وڌيڪ ڳالهائڻ، اَگيانُ آهي.
وِههَ جو وَاهِي، وِههَ مان کائي.
وِيسيءَ ۾ گيسي، آهي ئي ڪا نه.
وِيچار کان سواءِ وِديا، وِههَ سمان.
وِڙهجي ايترو، جو پرچڻ مهل ڪم اچي.
وِڙهن چور، ڀلو ٿئي ڀاڳئي جو.
وِڙهن گهوٽ ڪنوار، مار پوي وَڪيلن تي.
وِڪاڻل گهوڙن جون، ڪهڙيون بَهائون.
وڏائي، هڪ الله کي جڳائي.
وڏن تي، وڏا بارَ.
وڏهر ڌيءَ، پُٽَ برابر.
وڏو گِرههُ، تارا ساوا.
وڏو گِرههُ، نِڙيءَ ۾ ڦاسي.
وڏي جي، وڏي نَظَر.
وڏيرو وَڏَ ڌڻي،هنگي مُٽي کَڏ کڻي.
وڙهجي ته ڪنهن شينهن سان، گِدڙ کيڙيءَ ۾ کوڙ.
وکر ٿو و ڪامي، واڻيو ڪو نه ٿو وڪامي.
يا فقيرُ چَٽُ يا سارنگي چَٽُ.
يار زنده، صحبت باقي.
يار لاءِ کَڙي تَڙي، مُڙسَ لاءِ، ليئي پيئي.
ياراڻي يارن جي، پڌري تي پيئي، جهليسين ٻڪن ۾، وٿين مان و ِهي وئي.
يارن جي خار ٻارن مان.
ياريءَ ۾ گهاري، خُواري.
يارُ ٿا چورَ وَٺنِ.
يارُ ڪجي هڪڙو، نه ته، ٻه ڪجن، هڪڙو وڃي نڪري، ته ٻئي تي هٿ کُپنِ.
يَڪتا راچاوڻ، تُندي لاوڻ.
ٺاري ٺاري کائجي، ٺَرِي ٺَرِي پيئجي.
ٺاٺارو ڏيندي به کائي، وٺندي به کائي.
ٺاٺاري جي گهر، ديڳڙو سڄو نه هوندو.
ٺهيو ته ٺَهيو.
ٺوڙهي ٿي ڳوٺُ ٻڌي، سو به پنهنجو!
ٺَلهو ڦِيڻُو، سورُ ٻيڻُو.
ٺَڪِ، سلام عليڪمُ!
ٺِڪر جو ٺَهيو آ، سو ڀَڄندو ضرورُ.
ٻئي جي چُڪايل مڇي به نه وٺجي.
ٻئي کي سو ڇڏائي سگهندو، جيڪو پاڻ ڦاٿل نه هوندو.
ٻائي جو، تيوڻ ۾ ڇا؟
ٻائي جو، ڀَتَ ۾ ڇا؟
ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي.
ٻارَ جي به دل ۾؟
ٻارَ ڇاتيءَ جا وارَ.
ٻارَ، يارَ ۽ بيمارَ جي دل ۾ نه ڪجي.
ٻارُ ته مارَ.
ٻارُ ته پيارُ.
ٻارُ ماءُ جي غلطيءَ سان ڪُپاتر، پيءُ جي غلطيءَ سان مُورکُ. ڪُٽنب جي غلطيءَ سان ڪانئر ۽ پنهنجي غلطيءَ سان دردري ٿئي ٿو.
ٻارُ ڪلهي تي ڍنڍورو شهر ۾.
ٻارُ ۽ بيمار، هڪڙي آچار.
ٻارُ ۽ ڪُتو، لَڏَ ۾ خوش.
ٻارُ، بادشاهن جو بادشاهه آهي.
ٻالِ دي بهاني گهوڙا ڳِڌي آوين.
ٻالڪپڻي ۾ جواني، جوانيءَ ۾ ٻُڍاپو ۽ ٻُڍاي ۾ موت سمايل آهي.
ٻانهَن ڀَڄندي آهي، سُورن لاءِ.
ٻانِهي ٿي ڪمائجي، راڻي ٿي کائجي.
ٻاهر جو تتَوَ گهر ٺري، گهرَ جو تتو ڪيڏانهن وڃي؟
ٻاهر جي سَڄيءَ کان، گهرَ جو اڌ ڀلو.
ٻاهر خان بهادر بَلي، گهر وچ ٺِڪر ٺلهي.
ٻروچ هيڻو ته به ٻن کان ٻيڻُو.
ٻروچ ۽ ٻڪري ٻئي پاڙي لاءِ ڦَڪڙي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal