هَلنديءَ کي هَلائجي.
هَلُ ته ڳُئيءَ جا گُهنجَ لَهنئي.
هَلُ ته پُڄئين!
هَلُ پُنهل!
هَلِي پَئُه قاضيءَ واري ڪيلي ۾.
هَنئي کان، اُلاريو چڱو.
هَنگڻَ پَچرَ ڇڏيسون، رڳو پُڇُون چڙهي.
هَٽيءَ سارُو، هوڪو ڏجي.
هَٽَ ۽ ڦَٽُ کي جيئن چوربو، تيئن چُرندو.
هَٽُ کُٽائي ٿي، ساکَ ڪڍڻي.
هَٿ ڪَڙيون، مَردن جا زيور آهن.
هَٿئون پَئِي، ڪُڇڻي وئي.
هَٿيارُ سُونهي، هَٿَ ۾.
هَٿَ جا لِيڪا به ڪي ڊهڻ جا آهن؟
هَٿُ دانءَ سان، پيرَ پنڌ سان ۽ ڪَنُ ڪٿا سان سُونهي.
هَٿُ ڏئي، هَٿُ وٺي.
هَڏئو ڏئي هَڻاءِ، ته مالڪُ ڏيئي مُزرا.
هَڏَ ڀڳل ماڻهو،بُکَ نه مَري.
هَڏُ، ڏِئي سَڏُ.
هَڙئُون وڃجي، پر وَڙئُون نه وڃجي.
هَڻُ ته چَتِي.
هَڻُ هَڻُ، ته وڍجي ئي نه.
هَڻُ کَڻُ، هَڻُ ۽ کَڻُ.
هُتي ياد نه بُود، هِتي عشق انڌو ڪيو.
هُرلي جا هاري، کڻي وؤنڻن زميندار ڪيا.
هُنرَ وارو بُکَ نه مرندو.
هُنرَ واري جا هٿَ سونا.
هُنرُ بادشاههُ آهي.
هُو ڏينس پلاندَ ٽُڪر به نه، چي، ”سمهان وچ ۾.“
هُوءِ وڃائي،حليم وٺجي.
هُوئَڻهارِي ڪنهن جي مٿان به نٿي ٽري.
هُوندي سان هُونگار آهي.
هِتِ ڦُٽو، هُتِ مَتو.
هِلَ جي آکيري ۾ ماسُ ڪٿان آيو؟
هِن جو گَهرُ ئي ڌارَ آهي.
هِن جڳ جي اها ئي ڪهاڻي، رمندو جوڳي وَهندو پاڻي.
هِن کي لڪائي، هُن کي ڪَڍُ.
هِندو آهن، هُوندَ تي.
هِيرو، پنهنجو مُلهه پاڻ ڪٿيندو آهي.
هِيڻا، هَر ڪنهن وَهيڻا.
هِيڻُو حاڪمُ، ڪورين لاءِ قهارُ.
هِڪڙي هَنڌان ته ڀَڃوسِ.
هِڪڙي وَڻي ڪا نه، ٻيو وري هَنڌ ۾ ڦُوسون.
هِڪڙيون ڏاڙهيون ٻيا ڏاڙههَ ٽيان اندر جا ساڙ.
هٿَ جو ڏنو، ڪم ايندو.
هٿَ ۾ روٽي، مَٿي ۾ سَونٽي.
هٿُ نه ڏسي، هٿَ کي.
هٿُ وڪڻجي، وات وڪڻجي، پر ذات نه وڪڻجي.
هڙَ هلاکُ، پئسا پاڻي ۾.
هڪ اَڻهوندَ، ٻيو افعال بُڇڙا.
هڪ اک کِلي، هڪ اکِ روئي.
هڪ دَم ۾، هزار دَمُ آهي.
هڪ زبان کي وَسَ ۾ ڪرڻ سان، سڄو سنسارُ وس ۾ ٿي ويندو آهي.
هڪ مڻ علم کي ڏهه مَڻَ عقل گُهرجي.
هڪ نورُ آدمي، هزار نُور ڪپڙو.
هڪ هٿَ سان ڏجي، ته ٻيو هٿُ نه ڏسي.
هڪ هٿَ ۾ وٺجي، ٻئي هٿَ سان ڏجي.
هڪ واتُ ته کنڊُ سان به ڀري سگهجي ٿو، پر هزار وات مٽيءَ سان به نٿا ڀري سگهجن.
هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي، ته هڪ ٽنگ تي هلجي.
هڪ چُپُ، ته هزار چُپُ.
هڪ ڇوري ڇِني، ٻيو وِهنجڻ تي زورُ.
هڪ ڏي اوڌر ٻيو ٿيلهيءَ ۾ وجهي ڏي.
هڪ ڪُوڙَ پٺيان، سئو ڪُوڙ ڳالهائڻا ٿا پون.
هڪَ جي ٻي، ٻيءَ جي ٽي.
هڪُ پَنڌُ، ٻه ڪاڄَ.
هڪڙو آنُو، سو به ڪِنُو.
هڪڙو انڌو، ٻيو گُهمي کيڙيءَ ۾.
هڪڙو اَڌَ ۾، ٻيو پنڌ ۾.
هڪڙو بُکيو، ٻيو وري نالو ڏُکيو.
هڪڙو ميت ڳرو ٻيو وري مُقامُ پري.
هڪڙو نالي اللهَ جي، ٻيو وري حلوي سان ماني.
هڪڙو هَٿُ وات تي، هڪڙو هٿُ ڳئيءَ تي.
هڪڙو وَکرُ ڪسو، ٻيو وري اگههُ آڪرو.
هڪڙو وَکرُ ڀلو، ٻيو وري زبانَ مِٺي.
هڪڙو پيرُ ريل ۾، ٻيو جيل ۾.
هڪڙو چوري ٻيو اُرهه زوري؟
هڪڙو ڪَڇَ تي، ٻيو پيٽ ۾.
هڪڙو ڳالهو کَٽَ تي وهاري، ٻيو ڳالهو پُٽَ تي وِهاري.
هڪڙي بُڇڙِي، ٻيو سَهائي گهڻو.
هڪڙي سُڃائي، ٻيو سيٽَ گهڻي.
هڪڙي غريبت ٻي تاهري.
هڪڙي غريبت، ٻيو وري شوق اميراڻا.
هڪڙي وَڻي ڪا نه، ٻيو وري جُتيءَ سُوڌي جهولَ ۾.
هڪڙي پِنَ، ٻي گِهنَ؟
هڪڙيءَ ۾ حرامُ.
وائڙي ڪُتِي واءَ تي، ڌڻين جي سماءَ تي.
واتَ مان نڪتل ڳالهه، پَرائي.
واتَ مان وائي چڱي ڪَڍجي.
واتَ ۾ مُڱَ ته ڪو نه اٿئي؟
واتَ ۾ مُڱَ، مُلڪُ ناڙ، گهرُ سُڃَ.
وارن جو قدرُ، گَنجي کان پُڇُ.
واندو ماڻهو، الله جو مهمانُ.
واندو ماڻهو،شيطان جو ڀاءُ.
واندي کان وِندر ڀلي.
واندڪائيءَ کان، ونگار ڀلي.
واهه ڙي قسمت تنهنجا چَڪرَ، ڪِن کي ڍَءُ، ته ڪن کي ڍَڪر.
واٽَ وِيندي، ٻانڀڻُ ڦُريو.
واٽَ ڇڏي ڪُواٽ نه وڃجي توڙي هجي ڏورِ، ذات ڇڏي ڪذات نه وڃجي توڙي هجي حُورَ.
واڍي جي گهر، ڏوئي سڄي نه هوندي.
واڻئي جي ڪاههَ، پَڳڙيءَ تي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal