Phulwari Sindhi Proverbs

ٻليءَ جا ٻلونگڙا، ستن گهرن جا مهمان.
ٻليءَ جا ڏندِ ڀڄن، ته به کيري.
ٻليءَ جي ڀاڳين ڇِڪو ٽُٽو.
ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ڪيرُ ٻڌي؟
ٻليءَ کي کير ڏنائون سانڍڻ لاءِ.
ٻن جي وچ ۾ ٽيون ٻَچي ڦاڙائي.
ٻن مُلن وچ ۾ مرغي حرامُ.
ٻن گدڙن، شينهُن ماريو.
ٻن گهرن جو مهمانُ، بک مري يا ڦاٽي مري.
ٻنهي جهانن جو ٻوڙُ پلاههُ.
ٻني ۽ وني، وڃي نامردن کان.
ٻه به ويون، ته ڇَههَ به ويون.
ٻه ملَهه وڙهندا، ته هڪ ضرور ڪِرندو.
ٻه گَڏيون، ٽِيون حقي جو پاڻي.
ٻهراڙيءَ جي ٻولي امڙ جي لولي.
ٻهَ ٻرن ڪو نه، ٽي ٽِمڪن، چار چوياري ڪن.
ٻولِ ته ڳنڍڙي کولِ.
ٻوٿُ ٻاڪرو، چيلهه ريڍي.
ٻوٿُ ٻاڪرو، ڳُئي ريڍي.
ٻوڙو کِلي ٻه دفعا.
ٻيلاين ۾ ٻاڪر ڪُٽو.
ٻيلو ٻه ٻرانگهون.
ٻين جا پري، اسين پنهنجو دشمن پاڻ سان کڻيو وتون.
ٻين سان ته بَبئُون، پر مون سان به بَبئون؟
ٻين سان ته، هُون هُون، پر مون سان به ”هُون هُون.
ٻين سان خوش راس، ٽؤنر فقير سان ٽانڊِي.
ٻين کي ٺڳڻ کان پاڻ کي ٺڳڻ چڱو آهي.
ٻيو مرادَ گنجي وارو ڦاهو کپئي ڇا؟
ٻيو ٿيو خيرُ!
ٻيڙي به ڌارجي، ترُهو به تارجي.
ٻيڙي ڀل جَر ۾ هجي جَرُ ٻيڙيءَ ۾ نه هجي.
ٻَرندي باهه کان پاسو ڪجي.
ٻَني اُها راڻي، جنهن جي مٿان پاڻي.
ٻَني ٿي سائِي، ته هاريءَ مٽائي وائي.
ٻَني ۽ وَنِي، سِرَ سان.
ٻَنِي وَني، ڪنهن نه ڏِني.
ٻَوڙي کي پئي ڪلو ٺوڪيائون چي، دَهڪارُ الائجي ڪٿي آهي؟
ٻَٻرُ ڪُلهي تي ڦِريو وڃي.
ٻَٽيههَ منڊَ مَنڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، گنجو ساماڻو، ته مِڙني کڻي ماٺِ ڪئي.
ٻَڌي چورَ تي، سڀڪنهن جي تَڏَ.
ٻَڌيءَ کي گاههُ، ٻَڌيءَ کي پاڻي.
ٻَڌيءَ ۾ برڪت آهي.
ٻَڌُ پڳُ، وٺُ گهوڙي، ڪتا ڌارِ، ڪر شڪارُ.
ٻُوڙن سان ڪهڙا سُرٻاٽَ ڪبا؟
ٻُڌجي سڀڪنهن جي، ڪجي پنهنجي.
ٻُڌي نه سُڻي، آلوڻا ٽِٽَ هَڻي.
ٻُڍي گهوڙي لال لغامُ.
ٻُڏل ماڻهو به، ٽئين ڏينهن ظاهر ٿئي.
ٻُڏندڙ لاءِ ڪک جو به سهارو.
ٻُڏندڙ کي ٻُڏو ٻُڏو ڪبو، ته ٻُڏي ويندو.
ٻُڏي مُئِي، هِت نه هُئِي.
ٻُڏيءَ جا ٻِيڻا.
ٻُڏڻ کان پوءِ، تَرڻُ ڪهڙو؟
ٻِجُ، هجي نِجُ.
ٻِه ٽَنگي ۽ ٻه ٻانهين کي الله جَهلي ته جهلي، بندو ڪيئن پَلي؟
ٻٻرن تي چڙهبو، ته سيلهن ڀر ڪهڙو ڊڄبو؟
ٻٻرُ بي خبر، جنهن جا اونڌا آکيرا.
ٻٽيهيءَ مان ٻولجي، ته شُڀ ٻولجي.
ٻڏڻ کان پوءِ، ترڻ آيو ياد.
ٽهِ واڻي، ٽي ووٽَ.
ٽوپي ڪري ٽانءِ، ته به پڳ نه ٿِئي مُورِ.
ٽَنگ ڀڳي، پر هُر کُر لهي پئي.
ٽَنگُون يارن هٿ ۾، هلي آ گمبٽ.
ٽَپڙَ، ٽيشڻ تي.
ٽُنگر ٻيڙي، پار نه پُڄائي.
ٽُٽيءَ کي ٽاڪو ئي نه لڳي.
ٽِٽَ پٺيان ڦيڪاري خرابُ آهي.
ٽِٽُ ڏئي ويرُ نه پارجي.
ٽِڪَ ۾ وَرُ، سو تو ۾ وَرُ.
ٽپهريءَ جي سِجَ جون تڪڙيون وِکُون.
ٽپَڙَ، پاڏي تي.
پئسا ئي پاڻيءَ ۾.
پئسا، پاڇي هوندا، ته سَڏَ ۾ سَڏُ ڏيندا.
پئسن کي ڪُتو به نٿو کائي.
پئسو اکين جو ڍَءُ آهي.
پئسو آهي، شينهن جي ڪَن ۾.
پئسو اِسمُ اعظم آهي.
پئسو اچڻي وڃڻي شئي آهي.
پئسو عيبن کي ڍَڪي ٿو.
پئسو هجي ساڻُ، ته ڪهڙي ڪجي پُڇاڻ؟
پئسو هٿن جي مير آهي.
پئسو پئسي کي ڇِڪي ٿو.
پئسي بنا پرساد، هَرو ڏئي نه هٿ ۾.
پئسي جي تانگهه به بُري ته تار به بُري.
پئسي سان جيڪا نه ماسِي، سا به ماسي.
پئسي کي پَر ۽ پيرَ آهن.
پاءُ اٽي جو، سڀڪو کائي ٿو.
پاءُ گوشت، ٻلي به کايو وڃي.
پائي، پائيءَ جو به حسابُ آهي.
پاتڻيءَ کي به سَڏُ ڪجي، تُرهو به تارجي.
پاپيءَ کي اُن جو پاپُ ئي ناسُ ڪندو آهي.
پاپَ کان پاسو ڪجي، نه پاپيءَ کان.
پاڇولو اُسَ ۾ وِياءُ.
پاڇي ننڍي ٿيڻ سان، جسم ننڍو نٿو ٿئي.
پاڪَ پوتي، ڪيرُ به ڪونهي.
پاڻي پاڻي چوڻ سان، اُڃ ڪا نه لهندي.
پاڻي ڇاڻي پيئجي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
پاڻي ڪِنو ته به باههءِ اُجهائي.
پاڻيءَ ۾ گهڙبو ته ڦِهنگن کان ڪهڙو ڊِڄبو؟

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal