ڳوليندي، خدا به ملي ٿو وڃي.
ڳولڻ واري جا، ڪيئي مُنهن، وڃڻ واري جو، هڪ ئي مُنهن.
ڳَئونُ جو مُلهه ڪٿجي کير سان نه سونهن سان.
ڳَنڍِ ۾ ٺهي ڪو نه، زورُ سخاوت تي.
ڳَڀرَ ڦاٽي ڳيرو ڦاٿو، تون ڪيئن ٿاٿين وهيا؟ياران آڪي، چُڻ ڀُڻ لائي، ميڏا روح به نه رهيا.
ڳُئي اگهاڙي، لالَ ڦيري.
ڳُئي سوڙهي، خيال وڏا.
ڳُئي لَڀي ڪا نه، زورُ جلاب تي.
ڳُئي نه هجئي ها ته ولي هجين ها.
ڳُئي ٿي ڳَنا چُوپي؟
ڳُئيءَ جو سورُ، ڳُئيءَ ڌاري.
ڳُئيءَ کي ڪهڙي خبر ته دادوءَ ۾ ڌاڙو لڳو آهي؟
ڳُئيءَ ۾ چريو، الهڏنو ڪُنڀر.
ڳُئيءَ ۾ ڌپَ، هَٿَ ۾ رومالُ.
ڳُجهارتَ ڳُجهڙي، جنهن کي ڪن ناهي پُڇڙي.
ڳُجهه جو علم اللهَ کي.
ڳُڙ مِٺو ئي مٺو، ليمون کٽو ئي کٽو.
ڳُڙ کاڌائين، ڳُڙ جي روغني نه کاڌائين.
ڳُڙ ڳُڙ چوڻ سان، واتُ مِٺو نه ٿيندو.
ڳِجههَ جي نظرَ ڍُونڍَ تي.
ڳچيءَ ۾ پَهڻُ، سمنڊُ ڪِئن تري؟
ڳچيءَ ۾ ڪپڙو، وات ۾ گاههُ، پيرين پوندي، آخوند ماءُ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal