ڪوسو پاڻي مُردا اُٿاري.
ڪولهڻ انڌي ته به لکَ جي.
ڪوٽُ جي مِٽي ڪوٽ تائين.
ڪوڏي ڏئي ويٺو ڪُٽينسِ.
ڪوڙهي کي جُون ڪا ليکَ؟
ڪوڙي تي لعنت سَچي تي رحمت.
ڪوڙَ کي پَر ٿيندا آهن پر پير نه ٿيندا آهن.
ڪوڙُ ڪنهن جي پيءُ جو ڪونهي.
ڪي حالَ مَستَ، ڪي مالَ مست.
ڪي حالَ پرين، ڪي مالَ پرين.
ڪي دل غني، ڪي مالَ غني.
ڪي وڃائي سِکن، ڪي سِکي وڃائين.
ڪي ڪمَ پرين، ڪي چَم پرين.
ڪيرُ چوي شينهن جي وات ۾ ڌپَ؟
ڪيرُ چوي ”تنهنجي مُنهن ۾ ٻه اکيون؟
ڪيرُ ڪنهن جو ڪونهي.
ڪَتيءَ ڪُچا کوهيا، چَلي آيو چيٽ.
ڪَتِ به، ڪَنبُ به.
ڪَتِي دُنبحڻ، مُنڍ پَنِجڻ.
ڪَتِيءَ جي ڌوڙِ به ڀلي.
ڪَرُ کڻُ ته ڪارائيءَ ۾ سُورُ.
ڪَرِ پورهيو کاءُ ڀوريو.
ڪَسُ کان سواءِ رَسُ نه آهي.
ڪَلرَ ۽ ڪَڃَر جو مانُ آهي.
ڪَلرُ ويري ڪوٽَ، مڇيءَ ويري ڄارَ،مرد ويري ننڊَ، زالَ ويري سينگار.
ڪَمائجي فقير ٿي، کائجي اميرُ ٿي.
ڪَمائي خانِ خانان، کائي ميان فهيم.
ڪَمُ پوي ته پيءُ ڪن، ڪم نڪري ته پُٽ به نه ڪن.
ڪَنجوسُ، مکي چُوس.
ڪَنَ جي ڪَسرَ، پُڇَ مان.
ڪَنَ کي ڦولهبو، ته ڌپَ ايندي.
ڪَنڌَ تي ڪاتي ايندي، ته دانهن به ڪبي.
ڪَٺورُ وچن ئي جهيڙي جي پاڙ آهي.
ڪَڃرَ کي به عزتَ مِٺي آهي.
ڪَڃرَ کي به مُنهن تي ڪڃر نه چئجي.
ڪَچا پَٽي وڻيس ته پڪا پَٽي، مالڪ جي مرضي.
ڪَچا ٿو پَٽي، نوڙيون ٿو وَٽي.
ڪَڇن کَنئي، ڦڦڙَ پيا ڏِسجن.
ڪَڇَ واريءَ کان، پيٽ واري تڪڙي.
ڪَکَ سان به نه ڦٽائجي، متان اُڏامي اک ۾ پوي.
ڪَکُ پَن ۾ خُدا وسي ٿو.
ڪَڪَر ڏِسي، دِلا نه ڀڃجن.
ڪَڻن سان گڏ گُهڻا به پيسجي ويندا آهن.
ڪَڻي مان، ڪيچَ ٿين.
ڪَڻي گهٽ ڪاسو.
ڪَڻڪَ سان گڏ ڌڻڪ به پيسجي ويندي آهي.
ڪُئو ٻرَ ۾ ڀاڻ نه پُورو، ويتر ٻڌائين ڇَڄُ.
ڪُئو کوٽي مُنهَن ۾ پائي.
ڪُتا ڀونڪ ته مين ننڊ ڪر گهنان.
ڪُتو به ان کي کائي، ڦٽ لعنت به اُن تي.
ڪُتو به ويهندو آهي ته پُڇ هڻي پوءِ ويهندو آهي.
ڪُتو به ڪُڙم کان سواءِ، نٿو ٺهي.
ڪُتو ماني کڻي ويو، چي ”ابي جي نيتَ.“
ڪُتو پنهنجو قابو ڪر، اسان پنڻ پَچرَ ڇڏي.
ڪُتو ڪُتي کي نه سَهي، فقيرُ فقير کي نه سَهي.
ڪُتو، ڪُتي جو وِياءُ.
ڪُتي جو علاجُ، ڀِترُ.
ڪُتي، بک کان جنڊُ پئي چَٽيو، ٻئي چيس، ”ادا، اَٽي لپَ ته ڏجان.“
ڪُتِ ڄارو ڪونڊائي، ٽيئي خلقت اجائي.
ڪُتِ، مَڇرَ، ڄَئي، ٽيئي خلقت اجائي.
ڪُجهه امان جي به هَٿَ ۾ آهي، ڌيڻس ته ماني پچائي، وَڻيس ته ڀَتُ رَڌي.
ڪُراڙو اُٺُ ڏهه ڪنواٽَ لهي.
ڪُسنگُ نانگَ جي ڏَنگَ کان به، وڌيڪ زهريلو آهي.
ڪُفرَ جو نالو وٺڻ، ڪُفر نه آهي.
ڪُماريا، ڪنهن نه ماريا.
ڪُميءَ جي ڪُکِ، بگهڙ جي بُکَ ۽ راهوءَ جي رُخ جي خبر نه چارَ.
ڪُنيت تي هلندڙ ڀاءُ به دشمن مثال.
ڪُنڀر ڪُٽي گڏهه جا ڪَنَ.
ڪُنڀرَ جي گهر، ٿانءُ سڄو نه هوندو.
ڪُهاڙيءَ ڪهڙو ڏوههُ ڳَنُ وڍيندڙ هَٿَ ۾.
ڪُولهي زمين جو ڪيڙو.
ڪُوڙي جي ڳالهه گَڏههَ جا ٽِٽَ.
ڪُوڙَ جي پاڙَ آهي ئي ڪا نه.
ڪُٻرُ ڪُونر، جوڻا شام.
ڪُچر نه مرن ها، ته ڏاسَ جو ڪَالُ ئي نه پوي ها.
ڪُچن کُٿي به ڪا مَيت هَلڪي ٿئي.
ڪُڪڙ اڳي يا آنو اڳي.
ڪُڪڙ ڪورين جي، ناموسَ وڏيري جي.
ڪُڪڙنِ دَسَ نه ڏِنا، ته ڇا صبح نه ٿيندو؟
ڪُڪڙِ ٻچن سوڌي انڌي.
ڪُڻي پئي، ڪڇڻي وئي.
ڪِن جي آئي، ڪِن جي ڄائي.
ڪِن چيٽُ چريو، ڪِن پيٽ چريو.
ڪِنو ڪم ڪرائجي، ڍيڍ کان.
ڪِني رنَ،ٻئي ڪم کان ويندي، ته گس تي مُٽندي.
ڪِني وَلِ جا، پتا به ڪڙا.
ڪِول کاڌي مان به آههَ نه لاهجي.
ڪِٿي چنڊَ ڳچي، ڪِٿي حافظُ ٻُچي.
ڪِٿي ڳُڙُ، ڪِٿي پاڙَ.
ڪچهريون قائم بادشاهي برقرار.
ڪچو ٻُڏي ته سچو، نه ته آهي ڏچو.
ڪڏهن آءٌ پُٽُ اَبي جو، ڪڏهن ابو پُٽ مون.
ڪڏهن تولو، ڪڏهن ماسو.
ڪڏهن لاهيءَ کي سلامُ، ڪڏهن چاڙهيءَ کي سلامُ.
ڪڏهن مَڙههَ به، مُقامَ مان موٽيا آهن؟
ڪڏهن ڏينهن وڏا، ڪڏهن راتيون.
ڪڏهن کوٽ ۾ ڪڏهن سوٽِ ۾ ڪڏهن سوائيءَ ۾ ڪڏهن نوائيءَ ۾.
ڪڏهن ڪڏهن غريبت به ڪم اچي ٿي وڃي.
ڪڻڪ جي مانيءَ لاءِ فولادي پيٽ گهرجي.
ڪڻڪ، ڪماند، مَڪئي، ٻي پڻ کيتي ڪُل، پاڻ ٻاجهون نه ٿئي، تون ڳالهه اها نه ڀُل.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal