Phulwari Sindhi Proverbs

نه مُئن گَڏُ، نه جيئرن گَڏُ.
نه هُئڻ کان ڪجهه هُئڻُ چڱو آهي.
نه هُوندَ نه شُڪر.
نه هڪڙو ڪَڻو مَٽُ ڀريندو، نه هڪڙو چڻو بُٺِ ڀريندو.
نه ويو آهين ڊڀري، نه اٿئي آندل شاهه جي خبرَ.
نه پاروٿو بچي نه ڪتو دَر تي اچي.
نه پاڇي پوي نه ڪُتو ڀونڪي.
نه پيٽُ نه پُٺي، ادي کي ڄائو ٻارُ.
نه ڄمي ها، نه در تي ڍولڪَ وڄي ها.
نه ڄڻي ها، نه در تي دُهل وڄي ها.
نه چانديءَ جي ريت، نه سونَ جي توفيق.
نه چُتِ نه کُتِ.
نه ڌَڪُ لڳي، نه عُضوو کَري.
نه کي نَو ڪوٽَ.
نه ڪاڪو مري ها نه اوڌر ٻُڏي ها.
نه ڪنهن جي تيرهن ۾نه تيجن ۾.
نه ڪنهن جي هَنئيءَ ۾ نه کَنئيءَ ۾.
نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾.
نه ڪُتو ڏسي نه ڀونڪي.
نهَ روئڻ واري، نه پِٽڻ واري.
نوراني نُور هربلا دور.
نورُ آهي ته جهانءُ آهي.
نولوءَ جي مِهماني ٻه ٻيرَ.
نوڪري اميري، پوءِ به بَزاگيري.
نياپو اُماڻيندڙ ته لک لهي، پر ڏيندڙ نه کاري.
نياڻي نوڙت سيکاري ٿي.
نياڻيءَ آئي خُونَ به بخشيو ڇڏين.
نياڻيءَ کي مائٽ لاڳُ ڏيندا ڀاڳُ نه ڏيندا.
نياڻيءَ کي گار هڪ ڀيرو ڏبي آهي.
نيتَ بَد روٽي رَدِ.
نيتَ صافُ، منزل آسان.
نيپاجُ مٺِو آهي.
نيڪي ڪندڙ کان ڀَڄُ، گِلا ڪندڙ سان پيارُ ڪر.
نيڪيءَ جي ڪم ۾ دير نه ڪجي.
نَرن ۽ ناهرن جون ڳالهيون ورهين تائين وڄن.
نَرُ آهي کَرُ.
نَظَر ماري، کاري يا گهرِ وِهاري.
نَقلَ لاءِ به عقل جي ضرورت آهي.
نَمُ ته ٿِيئي ڪَمُ.
نَنڍي نِيامت، وڏي قيامتُ.
نَنگرُ ڪيئن ڦِٽو؟چي، ”ڄَڻو وَڻو.“
نَنگيءَ تي نَنگُ آهي.
نَنگُ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙو ننگُ؟
نَڪا کلي کيرَ واري، نڪا روئي رَٻَ واري.
نَڪو ٿو مري نڪو ٿو منجو ڇڏي.
نَڪُ نه ناسان، وچ ۾ ٻَهسان.
نُورُ مُورُ آهي.
نِت نئون سِجَ سنئون.
نِمن جون ڇانِئون، سيدن جون دُعائون.
نِمِ ٻٽيهن مرضن تي پوي.
نِنڊَ اَڌُ موتُ آهي.
نِنڊَ، سُوريءَ تي به اچيو وڃي.
نِياڻي نِماڻي ذاتِ.
نِيرَ جو ٽڪو لهي وڃي پر گِلا جو ٽِڪو نه لهي.
نِيم نان، صحت جان.
نِينُهن نيهاڻِي، ڌَرمُ ٺِڪاڻي.
نِينگرُ جو پنهنجي وَههَ ڇڏبو، سو مائٽ پُڻائيندو.
نِڀاڳي ٻار کي آچر ڏينهن پڙهڻ جو شوقُ.
نپٽو مُئو ڪنهن نه سُئو.
نڪا سَڙڪَ سِڌي کپي نڪو ساڻ سپاههُ، چاڪيءَ جي ڏاند کي گهر ۾ ئي ڪوهه پنڃاههَ.
نڪتل ڏند به ڪي ٻيهر مهارن ۾ پون؟
هاءِ به وئي، هُوءِ به وئي.
هاءِ هاءِ، سُکُ وِهاءِ.
هائو جي بُکَ، آهي ئي ڪا نه.
هارايل جُواري، ٻيهرَ ڪُڏي.
هاري ته هَرُ، زالَ ته گهرُ.
هالِي، پِڙُ پالِهي.
هاٿي ڏُٻرو، ته به سوا لکُ لَهي.
هاٿي گهوڙا ڀڄي ويا، گڏههَ ٿا پاڻيءَ گِهڙن.
هاٿيءَ جو بارُ، هاٿي کڻي.
هاٿيءَ جي ڊَههَ، هاٿي پَچائي.
هاڻوڪا جوانَ ڪاتيءَ جا مياڻ، ڌِڪو ڏين ٻين کي،ڪِريو پون پاڻَ.
هر شئي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽ کائيندي آهي.
هر ڪو پنهنجي دل جو قاضي آهي.
هر ڪو پنهنجي قيامت ڇڏائيندو.
هردَمُ نانڪ شاهه، سُتي دا ٻيڙا ٻني لاءِ.
هرڪا ماءُ پيءُ ڄائي، هيرَ عشق ڄائي.
هرڪو پنهنجي چُهنبَ چُڳي.
هرڪو پنهنجي کَڏَ ڀريندو.
هرڻُ پنهنجي ذاتِ، ڦاڙهو پنهنجي ذات.
هزار نه مِلن ته سوَ ڀلا ڪڻڪ نه ملي ته جَوَ ڀلا.
هلڪي ذات حجامَ جي، جيئن ڪُتن ۾ وينڍو.
هن ڪُتيءَ به سها نه ماريا.
هنڌَ جون مُڪون، هنڌ ۾.
هنڌُ اُهي ئي ماڳَ، جتَ نه رهيا جُوءِ ۾.
هنگڻ ٿورو، ڦَر ڦَر گهڻي.
هوسي نَڪُ لهر ڪون، ول نه ويسي واڙ.
هوڏَ حرامُ آهي.
هيءَ دنيا به عجيب آهي، پاڻ سينگاري پاڻَ ماري.
هيٺ نادر، مٿي قادِر.
هيٺيون هيٺ، مٿيون مٿي.
هيڏانهن باهه، هوڏانهن پاڻي.
هيڪل چوري، کيرُ ڪٽوري.
هيڪلو وڻ ڪانئرو، توڙي ٿُڙ ٿُلهو.
هيڻن وَس هيلو، وسيلو اللهُ.
هيڻي تي، سڀ ڪنهن جي هلان.
هَرُ ڪاهڻ به، ڪا هاجَ؟
هَرِ هَالا، مُنهن ڪالا.
هَرڻُ، نيٺ هڪ ڏينهن اوجُهه ڏئي.
هَلندن کي ڏنائين پُٽَ، ڄاون ڌيءَ به ڪا نه.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal