ماڪَڙِ وڏي آفَتُ.
ماڻهو سڀ چڱا پر ڪو ڪنهن لاءِ ته ڪو ڪنهن لاءِ.
ماڻهو يا مَکِ؟
ماڻهوءَ جو قدرُ مُئي کان پوءِ ٿو ٿئي.
ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ ۾ اَوسِ ڪمُ پوي.
ماڻهوءَ ماڻهوءَ ڀاڳُ آهي.
ماڻهوءَ کرندي ۽ مُندَ مٽجندي دير ئي ڪا نه ٿي لڳي.
ماڻهوءَ کي پنهنجا سُکَ ٿا رُئارين.
ماڻهوءَ کَرڻَ جي مُندَ آهي ئي ڪا نه.
محبتَ ۽ جنگ ۾ سڀ جائز آهي.
محتاجي اولاد جي به چڱي ڪانهي.
مرد جو ڏاڙهي قرارُ، عورت جي سِينڌ.
مرد رُلي ته کُلي، رَنَ رُلي ته ڀُلي.
مردن جا هٿَ سونا، عورتن جون ٻانهون سونيون.
مردن جون رڳو وڃي رهنديون ڳالهيون.
مردُ هِيڻو، هِيڻو ته به زاعفان کان ٻيڻو.
مري چاڪي ڇُٽي ڏاندُ.
مرڻ کان پوءِ ڌنُ نه پر ڌرم ٿو ساڻ هلي.
مزدوريءَ ۾ مِهڻو ڪونهي.
منهنجون اکيون ٿَڌيون.
منهنجون اکيون، تنهنجون لَتُون.
منهنجي آڱوٺي مٿي سُورُ.
مهمان پنهنجو روزُ پاڻ سان کڻي ٿو اچي.
مهمانُ اچي پنهنجي مرضيءَ سان، وڃي ٻئي جي مرضيءَ سان.
مهمانُ ٽِڪائڻ پنهنجي وَسِ آهي.
موتَ جو ملائڪُ ته ڪو نه ڏٺو اٿئي؟
موتَ ۽ گيراڪ جو وقت ئي ڪونهي.
موتُ برحق آهي.
موتُ ملاقات اوچتو.
موتُ پَڪَ آ ڪفن ۾ شَڪُ آ.
موتُ ڏسي مُلڪ ته ڪو نه ڇڏبو؟
موتُ ۽ مهمان جو وقت ئي ڪونهي.
موذيءَ جي ونڊيءَ ۾ اَيندن جي ونڊي.
مورو ناهي ٿورو.
مولا! ڪِر ڪمَ سَولا.
مولاٰ! مارينسِ يا مَڃائينسِ.
مون کي ڪو جَهلي نه پَلي، آءٌ پنهنجي ٻيڙي، پاڻ ٿو ٻوڙيان.
موچيءَ جا گهڙيا موچيءَ جي مُنهن ۾.
موچڙو آهي گَهٽِ، ماني آهي ڍَوَ تي.
موچڙي ۾ برڪت آهي.
ميان بيوي راضي ته ڪوههُ ڪندو قاضي؟
ميان جي، وَل نه ڏيلهي کاسان.
ميراثين جو ٻارُ، روئي ته به سُرَ ۾.
ميرن کي گهران لڳي.
ميلو لڳو ئي منهنجو پٽڪو چورائڻ لاءِ هو.
ميلي تي هزاري وڃي يا مَداري.
مينهن مُٽيو پاڻيءَ ۾.
ميوو پچي ٿئي مِٺو،ماڻهو پچي ٿئي ڪڙو.
ميڏي دل وچ ڪلمان.
مَرد جي زبان هِڪڙي.
مَردُ پڙهيو فَرد پڙهيو، زال پڙهي گهرُ پڙهيو.
مَرسُون مَرسُون سنڌ نه ڏيسون.
مَري نه ميهارُ ته وٿاڻُ وِلهو نه ٿئي.
مَري پنهنجيءَ موتِ ته به ڪاني ڪلهوڙن جي.
مَرڻ واري کي چاليهه ڏينهن اڳُ پَسڻ پئجي ويندا آهن.
مَرڻو ناهي مِهڻو، پرڻو ناهي گارِ.
مَلهه آهي پوئين.
مَلهه ڏَئي، مرگهي ورتيسون.
مَلهه ۾ ڌَڪُ آيس، هاڻي راڳ پيو سِکي.
مَلههَ وِڙههُ، ڌَڪُ آيو ته مون تي.
مَلههَ ۾ سيدي پيري آهي ئي ڪا نه.
مَلههَ ۾ مُئو ته مائٽن تي پيو.
مَن جا لَڏُون، بُکَ نه لاهين.
مَن جِيتي، جَڳ جيتي.
مَندرُ اهو جتي من کي شانتي مِلي.
مَنش، مان ۽ منهنجو ڪرڻ سان مري ٿو، تُون ۽ تنهنجو ڪرڻ سان تري ٿو.
مَهلُون به مُڙسن تي اينديون آهن.
مَهور ڪري مَنوار، ڪسڙاٽ پڇي پوڇي.
مَٽيارين جو موتُ ويندي چي ويرم.
مَٿي اللهُ، ته هيٺ الاهِڙي.
مَٿي تي ساڙهو ڪَڇَ ۾ ڦاڙهو، تون آهين، سيد ڳاڙهو.
مَٿي نِهار ته دل پڪي ٿِيئي.
مَڃڻُ مُراد آهي.
مَچَ ۾ گِهڙبو ته پَچَ ڀر ڪهڙو ڊڄبو؟
مَڇيءَ جي پُونگَ کي تَرڻُ ڪنهن سيکاريو؟
مَکِ نه ماري،مکِ جي مروڙَ ماري.
مَکِ وانگر مُنهن مٿو پيو پِٽي؟
مَڪرَ چَڪرَ جي ڪهاڻي، اَڌ کيرُ اَڌُ پاڻي.
مَڱِيا نه پرڻجن، لِکيا پرڻجن.
مَڻَ پويان ايڪيتالُ.
مُئل ڪُتي جا نَنهن پيو لاهي.
مُئو ڪکُ به نه سَهي، جيئرو، جانڊهه ۾ پيسجي.
مُئي جو هڪ ڏکُ، وِئي جا هزار ڏُکَ.
مُئي جي مٽي به ڪم نٿي اچي.
مُئي جي پٺيان ڪيرُ مُئو آهي؟
مُئي کان ماٺِ ڀلي.
مُئي کان پوءِ، چار والَ ڪفنَ به يا نصيبُ.
مُئِي سَٺائو پر ڏني نه سٺائون.
مُئِي مِٽيءَ جي نِشاني.
مُحبت دوزخ کي جنت ۽ رَنج کي راحت بڻائي ٿي.
مُحبت ڪئي نه پر ٿي ويندي آهي.
مُحبت، مَئپ مان نه ڄاڻي.
مُحبتَ انڌي آهي.
مُسلمانُ مري ته به گوشتُ، ڄمي ته به گوشتُ.
مُشڪل ۾ خدا ياد ٿو اچي.
مُشڪي کنگهه نه خشُڪي.
مُعاملي ۽ مُقدمي کان پاڻ کي بچائجي.
مُفت جو شرابُ قاضيءَ کي به حلال.
مُفت جو ڀونڊو به ڀَلو.
مُلان جي پريت طَبَقَ تائين، ڇوڪرن جي پريت سَبق تائين.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal