شاههَ صدر، نيڪَ نَظَرُ.
شاهوڪار کي چوي ڪو نه، باقي پهرَ هيڻيءَ هنڌان ڀڄي.
شاڪر کي شُڪرُ، موذيءَ کي ڏُڪرُ.
شراعَ ظاهر تي آهي.
شرم ڪونهي ٻيو سڀڪجهه آهي.
شرَمَ ويو شڪارپور لڄَ وئي لاڙڪاڻي.
شل ماڻهوءَ کان مَهلَ نه ڇڏائجي.
شلَ نه هَلنديءَ کي وَرُ پوي.
شهر سرهاري پائي لُنڊي، شاخ وا، ڪراچي آڱوٺي دا مٿا.
شيخ جو ڊڊو سدائين پنڌ ۾.
شير خان پاٻوڙي.ڀَڃي ستن شِينهن جي ڪوڙِي.
شيرو ٻِلو شاههَ جو گهر جا ڪُڪڙَ ماري.
شينهن پوڙهو ته به گاهه نه کائي.
شَئي پنهنجي قابو ڪجي، ڏوههُ ٻئي کي نه ڏجي.
شَلَ نه ڪارو مٿو ڪنهن جي پويان پوي.
شَلَ نه ڪنهن ۾ ڪمُ پوي.
شَڪورَ جي واري جو.
شِفا ٿئي، ته مِٽي به اَڪسير.
شڪارُ آهي بيڪار، لڳي ته عيد نه ته هَلبو هوا تي.
صافو رکيو آڪلهي تي، صافو ڙي صافو.
صبح جا سائين، ٻيڙا ٻَني لائين.
صبحَ وئي، شامَ آئي.اَدِي، مون ڪا دير لائِي؟
صبرَ جو ڀاڱو مِٺو.
صفائي اَڌُ ايمانُ آهي.
صلاحَ بُنڊَ کان به وٺجي.
صَلاحَ ٻُوڙي کان به وٺجي.
صُبح سکر شامَ ڪراچي.
ضامِنُ ڀاءُ جو به نه پئجي.
ضرورتَ ايجادَ جي ماءُ آهي.
ضرورُ ڪَمُ شيطان جو.
طلبهُـ ته مِلَهُه.
ظلمُ قائم آهي ظالم قائم نه آهي.
عادتَ عُضوو آهي.
عادتَ مَٽي نه عادتي، عِلت مُور نه جاءِ،اُٺ پوي ڪَڻڪ ۾ ته به ڪَنڊا چُڻ چُڻ کاءِ.
عشق چڙهيو آ ڳاٽي، هاڻي هانءُ ٿو ڦاٽي.
عقل واري لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي.
علاجَ کان ڪِري چڱي آهي.
علاجُ سُنتَ آهي.
علم روشني آهي.
علي، علي خان ۾ قمبر منجهه قَهرُ، هجئي ناڻو، ته گهم لاڙڪاڻو، نه ته ڪري پئه گٽهڙ شهر ۾.
عورت آڌيو، مردُ رپئي جو رُپيو.
عورت آڌِيو، عورتَ پائُلِي،پر ڪا عورت، رُپئي جو رُپيو.
عورت ته چوٽو، نه ته مٿو لوٽو.
عورت جي ڳالهه رَڍَ جي لَتَ.
عورت حياءَ جو گلدستو آهي.
عورتون هڪ تئي جون روٽيون، ڪي ڇوٽيون ته ڪي موٽيون.
عيال دار، نه مالدارُ.
عيبن کان آجو، هِڪُ اللهُ.
عيدَ کان پوءِ، ڪپڙا ڇا ڪندا؟
عيسيٰ، مُوسيٰ، بڙا پير پئسا،خير محمد خوشامد ان جي ڪري، جنهن جا پُر کيسا.
عَقلَ واري جو عقل، بي عقل جي ڄَمارَ.
عَلي سخي آ، پر بُنڊي به ڳري آ.
عُمر ويهه ڀولڙي جي، چاليههَ ڏاند جي.سٺ ڪُتي جي، اسي چٻَ جي.
عِشقُ ماري يا کاري.
عِشقُ ڄيري واري ڄَرُ، جنهن کي لڳي تنهن کي خبرَ.
عِلمَ جي دولت کي ڪو به چورُ چورائي نٿو سگهي.
عِلمُ بادشاهه آهي.
غريب جو ٻارُ مٽي کائيندو ته چوندا ”بُکَ کان ٿو کائي، امير جو ٻارُ مٽي کائيندو ته چوندا ”شوق کان ٿو کائي.“
غريبن رکيا روزا ته ڏينهن به ٿيا وڏا!
غريبيءَ ۾ جَونِ جي روٽي به مِٺي لڳندي آهي.
غريبيءَ ۾ سَؤ عيبَ.
غريبُ نه ڄائو چڱو نه مُئو چڱو.
غلام حسين واڍو کوسن کان ڏاڍو.
غَريبَ جو ڀاڳُ به غريبُ.
غَيبَ جي ڄاڻَ غيب دانَ کي.
غُربتُ غَريبَ جو بَچاءُ آهي.
فالودو کائيندي، ڏندَ ڀَڄن ته ڀڄڻ ڏي.
فقيرن جا آهن اُوندا ٽوپا.
فقيري شينهن جو بُرقعو آهي.
فقيريءَ جا پنڌَ پري آهن.
فقيرَ دعا ڪر چي، ”ابا! جهڙي نيت تهڙي مُرادَ.“
فقيرَ گهوڙي نڀاڳي اٿئي،چي، ”ابا، پِنان ته هونهين پيو.“
فَرضُ ڇڏجي مرضُ ڇڏجي پر قرضُ نه ڇڏجي.
فَقيرُ ته ڦَندُ نه ته ڪُٽائي ڪنڌُ.
فَنُ ڪنهن جي ميراث نه آهي.
قائدي ۾ فائدو آهي.
قاضي ۽ ڪَڃر جي ڪا ذات نه آهي.
قاضيءَ جي هڪ رعايت، سئو شاهدين برابر.
قاضيءَ کان کَٽي اچجي، ته به الله کان ڊڄجي.
قبرَ جي مِٽي، قبر تائين.
قبرَ ۾ پيرَ لڙڪايو ويٺو آهي.
قبضي مِڙني بيمارين جي ماءُ.
قرضُ، مرضُ ۽ فَرضُ، ڪڏهن ڪين وِسارِجن.
قضا پُڇي ڪا نه ٿي اچي.
قلندرَ تنهنجا سونا دَرَ.
قيامت جا تَڏا ته ڪو نه ويڙهيندين؟
قَسمُ نه ڏيندي چڱو نه وٺندي چڱو.
قَضا سان ڪُتي اٽو کائي وئي.
قَلمُ تلوار کان تِکو آهي.
قَلمُ ڪُلها ٿو ڇِني.
قَلمُ گونگي جي زبان آهي.
قِصو واهه گُروءَ کان چڙهيل آهي.
لائي ته ڇُٽي، رهندو ڏاِٽي به وڃائي.
لالوءَ ڀيري، چوڙي ڇڏيم.
لالُ، لِڏ ۾ ئي لِڪان رهجي ويو.
لالچيءَ کان، لعنتي ڀلو.
لانئين سان ڀَلي، ڀلي سان لانئين.
لاهوتي لڏي ويا، ڪاري ڪُتِي ڇڏي ويا.
لاڙو پلي ۾، لاءُ نه ساءُ.
لشڪر بنان سلطانُ، مهمان بنا خان، ٻنيءَ بنا نانُ سَکڻو لڏو ليکبو آهي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal