للهُ ڏاڍو آهي، ماري پُڇندو.
لنڊن ۾ لنگور کي، گولا گهاءَ ڪندا.
لنگههَ تي، گاههُ نه ڦُٽي.
لنگهو ڀڄي کڏَ کان، ساڳي کڏ مُنهن.
لنگهڻُ، شل ڪتو به نه سُمهي.
لوهرَ جي گهر ٽِڦڻي سڄي نه هوندي.
لوههَ کي لُوهه، ڪُٽيندو آهي.
لوٽو، انگوڇو ڳُهه.
لوٽي کان اُپنگُ ڳَرو.
لوڀُ، وياج وانگر وڌي ٿو.
لوچين سي لَهنِ.
لوڪان آکيان مجنون ڪون، تيڏي ليلا رنگ دي ڪالي،مجنون آکيا لوڪان ڪون، تُسان ڪون اکِ نهين ڏيکڻ والي.
لوڪَ ليکي چري کَري، مڙس ليکي حُورَ، ڄڻي ڏنائينس پٽڙا ته لهي ويس سُورَ.
لوڪَ پسند پائجي، دل پسند کائجي.
لوڪُ ته آهي ٻوڪُ.
لوڪُ لَڏڻَ تي، چَرِي اَڏڻَ تي.
لوڪُ مُنهن موڪُ.
لَئيءَ مان لٺِ ڀڃي، لَٺيار ٿيو وتي.
لَستَ گِري يا ڍَؤ گِري.
لَنگرُ گهٽِ وَڌِ، ڪچهري جامَ.
لَٺِ به ڏيکارجي، چَٺِ به ڏيکارجي.
لَٺِ هڻڻ سان پاڻي ڌار ته ڪو نه ٿيندو؟
لَٺِ کڻڻ سُنت آهي.
لَٿي لاباري، ڪُچرَ ٻڌل ڪانبو.
لَڌو ئي لَٺِ تي.
لَڏ به ڏي، لڏيندڙ به ڏي،اهو به ڏي، جو توڙ پڄائي.
لَڏون چوڻ سان، واتُ مِٺو نه ٿيندو.
لَڏي ويا، پر پونين کي اڏي ويا.
لَکُ بنديءَ تي، ٻي سڀ اوڌرِ.
لُنڊيون پيون لاڏُ ڪن.سَتيون سيتائين.
لُوسڻُ، پُٽُ ڇَٽالُوءَ جو.
لِڏِ منجهان لعلُ، پرور کڻي پيداڪيو.
لِکئي جا ليکُ آهن.
لِکيو، لوهي ڪوٽَ ڀڃي.
لڀي لوڻڪ ڪا نه، زور مريڙي تي.
لڏي ويا، ڇڏي ويا، ڌَڻَ ڌنارَ،نڪا ٻيڪ ٻڪر جي، نڪا تَڙ تنوار.
لکي عيسيٰ، پڙهي موسيٰ.
لکيو منجهه ازلَ، ڪيرُ وجهي جَهلَ؟
لکَ تي ڏيئو، پيو ٻري.
لکَ تي، مٿو ڌويو وتي.
لڳي ته لکَ جي، نه ته ڪَکَ جي.
لڳي دَمُ، ته مِٽجي غَمُ.
لڳي مُڪَ موليءَ کي، ڀيروءَ ڊاهيا پيرَ.
لڳي هودئي ته ڪَلِ پوئي، نه ته پُڇ لڳيان واليان ڪنون.
لڳيءَ تي لعنت آهي.
لڳڻي ٻيڙي، سِرُ وڃائي.
مئي جا، مِٽَ گهڻا.
ماءُ جو پيٽُ ڪنڀر جي آوي.
ماءُ جي مارَ ۾ به پيارُ آهي.
ماءُ جي پيرن هيٺان جَنت آهي.
ماءُ مُولِهي، پُٽ فتح خان.
ماءُ نه وِيائِي، ماسي وِيائي.
ماءُ پيءُ اولاد لاءِ ڇپر ڇانُ آهن.
ماءُ پيءُ اولاد کي عرش تان کڻي فرشَ تي آڻين،استاد فرش تان کڻي عرشَ تي پُڄائي.
ماءُ پيءُ جو پٽيل ڪڏهن به نه سُڌرندو.
ماءُ ڄڻي بار بار زبان ڄڻي هڪ وار.
ماءُ ڄڻي پُٽڙا وَنڊي نه ڏي ڀاڳ.
ماءُ ڏسي پيٽَ جا گُهنجُ، زال ڏسي کيسي جا گُهنجَ.
مائٽَ مَرنِ مُجيجي نه مَرنِ.
مائٽُ جو مَڻُ مِيڻُ، اولاد جو من پَهڻُ.
مائٽُ مَجنون آهي.
ماتا پِتا گُرو حڪيم ۽ راجا جو چيو، ڪڏهن به نه موٽائجي.
ماديءَ مُنهون پنهنجي گهر جو سونهون.
مادِيءَ ڪُڪڙِ ٻانگَ ڏني.
مار کان جِنَ به ڀڄيو وڃن.
مار کان پارُ خراب آهي.
مارجن ته مير نه ته چِچَ چيڀاٽڻ کان بس ڀلي.
مارجن ته ميرَ پيئجن ته کيرَ.
مارفاڻي ڪفن وچ هووي، ته به ڪن ڪريجي.
مارواڙيءَ مانءِ ڀلي نه گانءِ ڀلي.
ماري پاڻ خدا ڏوههُ ڏنائين ڏاند تي.
ماريءَ مٿان به ماري ويٺو آهي.
مارڻ واري جو هٿ روڪي سگهجي ٿو، پر چوڻ واري جي وات کي نٿو روڪي سگهجي.
ماساتَ مٺي ذات، ڪُڪڙ ڪُهه ته ٽِڪون راتِ.
ماسي ورائي،دَمُ پنهنجي، دَمُ پرائي.
ماسيون ٿين نه مائرون،ڪاڪا ٿين نه پيءُ.
ماسُ کائي هَڏو ڳچيءَ سان ته ڪو نه ٻڌبو.
ماسِي ٿئي نه ماءُ، چاچو ٿئي نه پيءُ.
ماسِي، ڀلي آئينءَ،چي ابا بَگي ڪُڪڙِ ته ڪا نه ڏٺوَ؟“
مال مُفت دل بي رحم.
مالَ تي مٺائي آهي.
مالَ واري جو مالُ وڃي، سڃي جو وڃي سِرُ.
مالُ صدقو سِرَ جو، سِرُ، صدقو لڄ جو.
مالُ مَڻين جنهن کي کُٽي کڻي.
مالڪ کي مزورَ گهڻا، مزورَ کي مزوري گهڻي.
مانءُ آهي مهمانَ تي.
مانيءَ لاءِ جيئڻ کان مان لاءِ جيئڻ چڱو آهي.
مانِي اللهَ جي آهي.
مانِي مَکَ سان، ملههَ ڌڪَ سان.
مانگههُ مُٽا ڦڳڻ ڦولهڙيون.
مايا جو مُريد، اندر جو پليدُ.
مايا ميڙ مڪرَ سان، کاءُ، شَڪر سان.
مايا ۽ موههُ، جيئن باگڙي ۽ ڳوهَه.
مايا، ڇايا آهي.
مايوسي ڪُفر آهي.
ماٺِ جهڙي مِٺائي ڪانهي.
ماڇي نه ماڻهو ڪُتو نه مال.
ماڇين جو ڪُتو، مِرونَ جو همراههُ.
ماکي نه ڏسي وَڻُ، عورت نه ڏسي مردُ.
ماڪَ پيئڻ سان اُڃ نه اُجهامي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal