مُلان جي ڪُٺِي، اڻ ڏِٺي حلالُ.
مُلو جيئن چوي تيئن ڪجي، جيئن ڪري تيئن نه ڪجي.
مُلو مُئو وَڻَ جو ڇوڏو، موالي مُئو سنڌ کي لوڏو.
مُلو مُجاور مَڇُلو ٽيئي ڪميڻي ذاتِ، هڏو ڏئي واتِ ڌڻيءَ ڏُتاري ڇڏيا.
مُلي جا ٻه سانگَ، جتي ٻارو اُتي ٻانگ.
مُليان دي افعالن اسان ڏي اعمالن،پڇين بهشت وچ به ڪنگ رڙسن.
مُلڪُ چَمن ٿي ويو.
مُندائتو هڪڙو اڻ مُندائتا سَو.
مُنهن اَڇي کان، اندر اڇو ڀَلو.
مُنهن نه ٿو ڌوئين؟ چي، ”غريبت آ.“
مُنهن چڱو نه هجي، ته ڳالهه چڱي ڪجي.
مُنهن ڏِسي، مٺائي گُهرجي.
مُنهن ۾مُلان، چِتِ ۾ چورُ.
مُنهن، مُنهن سان ضرور لڳندو.
مُنڊيءَ تي ٽِڪَ.
مُنڌَلَ مُلا، کُٽل کُٿابي.
مُهاڻن جا ڪُتا به سونا.
مُهري پراڻي، ته به ڀِترن ڀڃڻ لاءِ کوڙ.
مُورَ کان وياج مٺو.
مُورَ کان وياجُ ڳَرو.
مُورَ کي سُورُ.
مُورُ مارڻ گناهه کائڻ ثوابُ.
مُورِيءَ کي پنن جو ئي بارُ گهڻو.
مُورکَ جي خوشامد کان سياڻي جي ٽوڪ ڀلي.
مُورکَ جي سنگت کان، نانگ جي سنگت ڀَلي.
مُولِهي مَري، ڊَڀُ نه چَري.
مُوملَ مرد هئي يا عورت؟
مُٺِ ڀيڙيائي ڀلي.
مُٽُ سوڌا، ٽي دُڪا.
مُڙسن جا قَدَ ڪو نه ڪڇبا آهن.
مُڙسن کي ڪهڙي مَرُ؟
مُڙسَ اُهي جي ٻاري ويهنِ.
مُڙسَ سان ريس ڪجي، اُن جي ڀاڳ سان ريس نه ڪجي.
مُڙسَ لاءِ جيلُ، ڄڻ ڪنوار لاءِ ونهواهه.
مُڙسَ مري ويا، دَٻڪِيُون ڇڏي ويا.
مُڙسَ مُڙسَن جو مَٽُ آهن.
مُڙسُ ته هِمتَ.
مُڙسُ آڻي ٻُڪي چُڪي، زال وڃائي هڪڙي ڇِڪي.
مُڙسُ اُٿاري ته لڱ ٻَرن، يارُ اُٿاري ته لڱ ٺرن.
مُڙسُ ته ڦَڏو، نه ته آهي جڏو.
مُڙسُ ٿِجي يا مڙس جي پاڙي ۾ رهجي.
مُڙسُ کنيو مڙسَ کي ته مڙس ٿيو ماندو، مڙس ڇڏيو مُڙسَ کي ته مُڙس ٿيو واندو.
مِحنت سُنتَ آهي.
مِرُون چُوڻ کائي پنهنجو سِرُ وڃائيندو آهي.
مِهرَ گهڻي کيرُ ٿورو.
مِهرُ سچائيءَ تي اچي ته کڙهه تي کير پياري.
مِهمانُ بي زبانُ.
مِينهُن پيو سياري، ڏُرت وئي ڪِناري.
مِٺو ڳالهاءِ، سَچ ٻُڌ، سُٺو ڏسُ ۽ سائين سدائين ساڻ سمجههُ.
مِٽي مِٽيءَ کي ڇڪيندي آهي.
مٿان دُهِري، هيٺان مُهِري.
مٿي نهاري هلڻ وارو، اَوس ٿاٻو کائي.
مڃبو ته مڃائبو.
مڙسَ مُئي کان پوءِ ڪندي بد زال سينگارُ.
مکڻُ کائيندي به ڪو مٿو تَپي؟
مڪليءَ ۾ سوا لکُ اولياءَ آهن.
مگسي، ڏسي نه.
مڱڻهار کي نڀاڳُ، گهورَ مهل ٽورو.
مڱڻهار کي نڀاڳُ،گهورَ مهل نڪهير.
نئون محرم، نئون يزيد.
نئون مُلو، زور سان ٻانگ ڏيندو آهي.
نئون ڍڳو نار ۾ وهي ٿو واپار ۾.
نالي ۾ نِهال اَدِي آريجن جي.
ناني اڳيئي نَچڻي، مٿان آيس سَهِرَن جو سَڏُ.
ناني مري ڏُهٽيءَ لاءِ، ڏُهِٽي مري چگهن لاءِ.
ناني نوري، سڀ ڪَمَ ۾ پُوري.
نانگ جو ٻچو نانگُ ئي ٿيندو.
نانگ جو ڏنگيل نوڙيءَ کان به ڊڄي.
نانگ کي پيٽَ ۾ پيرَ.
نانگَ کي نانگُ ڇا ڪندو؟
نانگَ ۾ نُوَ وَڪڙَ.
نانگُ به مري لٺِ به بَچي.
نانگُ مارائجي دشمن کان.
نانگُ ويو نڪري ليڪو پيو ڪُٽجي.
نانگُ وَرَ ۾ هَٿُ سرَ ۾ ۽ پِيرُ گهر ۾ چڱو ڪونهي.
ناچُ نه ڄاڻي، اڱڻُ اونڌو.
ناڙِي بادشاهه ڪيرو وزيرُ ڇَٽ ٻانهي.
ناگهان بي گهمانُ.
ناڻو نَر نَوائي.
ناڻو هٿِ ايندو ٽاڻُو هٿِ نه ايندو.
ناڻوُ نينهن ٽوڙُ آهي.
نزلو سدائين ڪمزور عضوي تي ڪِرندو آهي.
نشو ڪري، اميرُ يا فقيرُ.
نمازَ جنت جي ڪُنجي آهي.
ننڍائي وئي نڪري، وڏائيءَ تي ٿي وار.
ننڍن ڪُئن، وڏن ڪُئن جا ڪن ڪُتريا.
ننڍو آهين ته نيازُ ڪر، وڏو آهين ته پيارُ ڪر.
ننڍو واتُ وڏو واڪو.
ننڍو واتُ، وڏي ڳالهه.
ننڍو ڳوڙهو، به پاٽيءَ جيڏو.
ننڍڙي پر وِههَ جي ڳَنڍڙي.
نه اَڻائي گهٽيءَ ۾ وڃجي نه ڪُتو کائي.
نه اُسَ نه ڇانءَ.
نه اُوندو نه سَنئُون.
نه تَختُ نه بَختُ، رڳو قرب ۾ ڪٽجي وَقتُ.
نه جيئرن جي جهانَ ۾، نه مُئنِ جي مُقام ۾.
نه سُٽُ نه ڪپاس، رڳو دغا بازيءَ جي آسَ.
نه سڄڻ آسرو، نه دشمن ڀَهءُ.
نه فقير پنڻ کان رهي نه ڪتو ڀُونڪڻ کان رهي.
نه لَهڻي ۾ نه ليکي ۾.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal