اچي ٿي نڪاح ۾ ڪري ٿي گهونگهٽُ.
اچين تان آءُ وڃين تان واههُ، ڪانهي ڪاڻِ ڪمال کي.
اچڻ ويل اگهاڙو، وڃڻ ويل هٿين خالي.
اڇو اَنُ، ٻُوها.
اڌ رنگُ ماري يا کاري.
اڏَ جو ڪَنو، ٻنيءَ جو ٻَنُو.
اک ۾ گهاڻو، ته به مٺو جڳاڻو
اکئين ڏِٺي مَکِ ڪيرُ ڳهندو؟
اکرَ جو به اُستاد آهي
اکين تي پنبڻين جو به ڪو بارُ؟
اکين جو قدر، انڌي کان پُڇُ.
اکين کان انڌو، نالو نين سنگهه.
اکين کان انڌي،نالو نيڻن ٺارُ.
اکيون اکين جهڙيون، ويندا لُڙ لهي.
اکيون ربَ رکيون.
اکيون وڃن، اکين جا ٺڪاڻا نه وڃن
اکِ ته شرمُ
اکِ سان ڇوڏو ٻڌي ڇَڏِ.
اکِ اُٿندي ۽ زال ويامندي ڪهڙي دير؟
اکِ لڄائِي ڌِيءَ پرائي.
اکِ نه ڏسي گوڏي کي
اکِ ٻُوٽي، راتِ وِهائي
اکِ چُهنبَ جو خيرُ.
اکِ گهڙيال ۾ دل پگهار ۾.
اڪيلائي اڪسير آهي.
اڪيلو ماڻهو ، نه کلندو سُونهي، نه روئندو سُونهي
اگههُ اللهُ جو، واٽَ وڏيري جي.
اڱڻِ وڃجي اُن جي، جنهن جا مَنگها به کِلن
اڳلو سودو نه سنبري، چي، ”اَٽل ڏي.“
اڳون ڪنڌي، پِڇُون باههِ
اڳيان اچن پيئندا، پويان چِڪَ چَٽين
اڳيان به چڱن جو کَپُ آهي
اڳيان حرصُ، پٺيان موتُ
اڳيان ويا وِسري، پويان لڳا مِصري
اڳيان کُوهه، پٺيان کاهي،جهڙو موت، تهڙي ڦاهي.
اڳياڙي سڀڪو ڪري، پر کَرو ڪو پڇاڙي ڪري
اڳين جون وڇون، پونين جا پاڏا
اڳُ کاڌِي مِٺي آهي
بارُ ايترو کڻجي، جيترو کڄي سگهي.
بارُ ڀريءَ کان گهڻو آهي.
بارُ گڏههِ تي، ٽِٽ ڏئي کودي.
بارِي کڻن بارُ، ڪونهي ڪمُ ڪچن جو.
بازار تيزُ ته سيٺ به چاقُ، بازار موڙي ته سيٺ به نوڙي.
بازار جي مٺائي آهي، جو وڻي، سو کائي.
بازار ۾ جوتو اونڌو ڪر ته ماڻهو گڏ ٿيو وڃن.
باقرا، باقرا!جهيڙي دا گانڊو، گهر دا آڪرا.
باندر جي ڳچيءَ ۾ موتي جي مالها.
باندرُ ڄاڻي بيوقوفَ، ڇا سُنڍِ جو سوادُ.
باههِ باههِ چوڻ سان زبان ڪا نه سڙندي.
باههِ جو ويرُ، ڪکن سان.
باههِ کي پاڻي ٺاري نه تيلُ.
باههِ، چولي ۾ نه لِڪي.
باههِ، ۾ تپايل سون ئي صافُ ٿئي.
باهيون يارَ جون، ڪڍي ڀُتار مان.
بخش بيبي ٻلي، ڪُئو لنڊو ئي ڀلو.
بخشش سوَ سوَ، حسابُ جوَ جوَ.
برابر بگهڙ جو پيرُ آ.
برادريءَ ۾ ننڍ وڏائي آهي ئي ڪا نه.
برادريءَ ۾ ڪسا لانوان به اگهامي ويندا آهن.
بسم الله اسان لاءِ، ٻيا پِني به کائيندا.
بلان به ٻارهين مهيني کَلَ مٽائيندي آهي.
بنا دانءَ ۽ دَيا جي، اميرُ به، پينو فقيرُ.
بهشت ۾ خَچرُ.
بهشت ۾، دوزخ جي ڊنگهري.
بودلو بهارُ آهي.
بوُلي ڏئي بَم.. جاني بيگ کي.
بي دليو نوڪرُ، دشمن برابر.
بي شناسو ڪُتو، به در تي چڱو ڪونهي.
بي عزتي ٿيندي آهي عِزتَ واري جي.
بي عيب خدا جي ذاتِ آهي.
بي واهن جو واهي، اللهُ.
بي پتي کان، بس ڀلي.
بيبي نيڪ بخت، ته دمڙيءَ جي دال، ٽي وقت،بيبي بدبخت، ته مهيني جي پگهار، هڪ وقت
بيماري گهوڙي تي چڙهي ايندي آهي، جُون تي چڙهي ويندي آهي.
بيماري، خدا شل دشمن کي به نه ڏئي.
بيماريءَ جو علاج آهي، موت جو علاج ڪونهي.
بيٺل پاڻي، بانسَ ڪري.
بيٺي جو سڀڪو، ڪِرئي جو ڪيرُ به ڪونهي.
بَد کان بدنام بُرو.
بَرُ ڏسي، تَرُ کائجي.
بَرُ کائجي پَرُ کائجي، پر تَرُ نه کائجي.
بَصرُ به چوي، مون کي داڳُ ڏئي کاءُ.
بَلُ ڇڏي، بُلَ جو پُٽُ.
بَن ۾ شينهُن جل ۾ واگُهو، ڌرتيءَ تي سنتوشي راجا.
بَندِي خانو بڇڙو، شل قيد نه پوي ڪو.
بَهاول شاهه ڳاڙها، مارين هرڻ پَچائين ڦاڙها.
بَهڻُ، مٿي پَهڻُ، هيٺ گَهَڻُ.
بَوا پوئي ڪا!
بَچُو بادشاهه، پيرو وزير، ٻارهن ٻهروپيا.
بَڻي ته بڻي، نه ته دال ماني گهڻي.
بُرائيءَ جو نيٺ، هر ڪو ڪيتو ٿو لوڙي.
بُلُ وڃي، ڀاڙئي مڙس کان.
بُڇڙو مُنهن، بانور گهڻو.
بُکيا ويا سُڃن وٽِ چي، ”عيدَ ڪنداسين.“
بُکيو گِدڙُ شينهن سان گڏُ کائي.
بُکَ به غريبَ تي، ٿُڪَ به غريب تي.
بُکَ لَڇڻَ وڃائي، ڏمرُ عقلُ.
بگهڙُ ڙي بگهڙُ.
بگهڙُ کائي نه کائي، واتُ ڳاڙهو.
بڻ چڱو، ته بُڻياد چڱو.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal