Phulwari Sindhi Proverbs

پِيرَ کي خليفا کڻندا آهن.
پِيريءَ جي شادي، پاڙي جو سُکُ.
پيريءَ ۾ سؤ عيبَ آهن.
پيرَ جي جُتِي، مُنهن ۾ لڳي.
پيرَ مان لاهي، آهي مُنهن ۾ هڻڻو.
پيرو گمُ، مال عدم.
پيءُ اَميرُ، پُٽ فقيرُ.
پيءُ پني پُٽ گهوڙي چڙهي گهُمي.
پيءُ، ته ٺرئي جيءُ.
پيءُ مَري اڌُ ڇورو، ماءُ مري سَڄو ڇورو.
پيءُ لَبُ جو، زال لبُ جي، ماءُ، بي لَبِي:
پُڄي ٿي اچي، ته دير ئي ڪانهي.
پُڄنديءَ جو پَههُ آهي.
پُڇُ کڻ ته سڀ ماديون.
پڇر ڍائيءَ کان قرض نه کڻجي توڙي هجي تجار.
پُڇڙي، ٻُڏي يا سُڪي.
پُڇندڙُ، پَسندڙُ.
پَراوا دَر نوسڻُ، ڪُتي جو ڪمُ.
پرائي پُٽُ کان، پنهنجي ڌيءَ به چڱي.
پَرائِي ڀاڄي، سَوادي.
پرائي دعا کٽجي، نه پِٽَ.
پرائي ڏُڱري، ڪپڙن جو وڻاهه.
پرائي مالَ تي ٽوپي نِراڙ تي.
پرائي مَتِ، پُرڻَ ۾ پاڻِي.
پرائي جهارِ، پرائي جِهرڪي.
پرائو پُٽُ پنهنجو نه ٿئي، توڙي لُٽائي لکُ.
پرائو پُٽُ، ٽَڪو ڏئي به کارجي.
پرائو پِيو پنهنجو ويو.
پرائو ٽِٽُ پنهنجي پيٽ ۾ نه وجهجي.
پرائو حقُ هندوءَ لاءِ گانءِ، مسلمان لاءِ سُوئر.
پرائو عقل، کُڏَ جي ڊوڙَ.
پريا مڙسَ، ”ڪُنو چٽيندين؟“چي، ”ابا! ويٺي ڪو وڌندسُ؟.“
پَرُ ڏنڊو ڀڳو، هيلُ ڪونڊو،ڌَڪنِ مٿان ڌَڪُ.
پَرڻيا ناهيون پر ڄاڃي ضرور ٿيا آهيون.
پڙاڏو، سَڏَ جو وياءُ.
پَڙِڇَ هيٺان ڌُوڙِ.
پڙهو نه پڙهو آڱوٺي تي چڙهو، اسان جو پگهار کڙو.
پِنَ تي پَري، ته مُڙسُ ڪوههُ ڪري.
پُنڌُ، اڪيلي جو دُشمن.
پنجَ ڪڻي، مِهرُ گهڻي.
پَنيرُ ڦَڪيو وَتي.
پِنڻ پَچرَ ڇڏيم، ته به ڪُتو نٿو ڇڏي.
پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، سِراين مان پهر به ڪانهي.
پنهنجائيءَ جو ڪنهن کي سيڪُ نه سوادُ.
پنهنجي ٻارجي، پنهنجي چاڙهجي.
پنهنجي ٻَنِي، پنهنجو هَرُ.
پنهنجي ڦاٽي پيٽ جي، ڪهڙي مَلمَ پَٽي.
پنهنجي ڦرڙِي، پاڻ کي سَتائي.
پنهنجي کاڌي ۾ وِههُ ڪير گڏائيندو؟
پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏِسجي.
پنهنجي هانءَ تي هٿ رکي ڏسجي.
پنهنجي هٿن ٺارڻ ۽ ٻئي جو اندرُ ساڙڻ کان پنهنجي ڪاوڙ مارڻ گهرجي.
پنهنجي گهر ڪو ٽِٽُ پيو ڏيندو، تنهن سان ڪو ٻڌل آهي ڇا؟
پنهنجي گهوڙي جا پنڌ ۽ پنهنجي گابي جا ڏند، هرڪنهن کي ساريا پيا آهن.
پنهنجو فائدو ڪنهن ڇڏيو آهي؟
پنهنجو رکي ٻئي جو چکي.
پنهنجو عقلُ ۽ پرائو مالُ گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
پنهنجو ساههُ به پرائو آهي.
پلاندَ پراڻا نه ٿيندا آهن.
پلئه، پلي ٻَڌي، رسول جي اُمتَ وَڌِي.
پَلو ويچارو غريبَ غُربي جو گذارو.
پَلئهَ پراڻا نه ٿيندا آهن.
پوکَ پاڻيءَ سان ماڻهو نيت سان.
پوکين تان ڪي پوک، جاسين وَٽِ اٿئي واري ۾.
پوکڻي اٿئي ته پوک، نه ته ويندئي مُندَ چڙهي.
پوکَ سنگَ سان، رِلي رنگ سان، مڙس ننگ سان، ڌرتي جهنگ سان.
پورهيو، ته خدا چور جو به نٿو ڀڃي.
پوڙهو ۽ ٻارُ، هڪ آچار.
پوليسارو، نه ڪجي يارُ.
پوليس نوڙيءَ مان نانگُ ۽ نانگ مان نوڙي ڪري.
پولو کڻ کٽولو، چاند گاڏي جلد مقامُ.
پوءِ جا ڀاڳَ، پوءِ سان.
پوئينءَ کان، پهرين ڀلي.
پڻهين مُئي کان پوءِ سُڌِ ئي ڪانهي، ته گرههُ ٻچن جي وات ۾ يا پنهنجي وات ۾.
پَهاجَ، مَکڻُ به نٿو سَهي.
پهتو ٿُڙَ کي به ڪونهي، لامَ ٿو لڙڪي.
پهتو وتائي تائين ڪونهي، اللهُ اللهُ ٿو ڪري.
پهرين وٽي کير ڀري، ٻي ڏيندو اللهُ.
پهريون مُلهه، کَٿُوري.
پَهرَ هِيڻيءَ هنڌان ڀَڄي.
پهرئين ڏينهن مِهمانُ، ٻئي ڏينهن مڙو، ٽئين ڏينهن پادر کڙو.
پَڪ ٿي پاڏي کي، ته مينهن مِڙي وئي ڀاڙي تي.
پڪي وَڻَ ۾، سئو ڇاڻپون.
پڪي گهڙي به ڪڏهن ڪُتا پيا؟
پڪلَ ماني به يا نصيبُ.
پَئنچاتي سالو، وڏو مُڙسالو.
پئسا، پاڇي هوندا، ته سَڏَ ۾ سَڏُ ڏيندا.
پئسا ئي پاڻيءَ ۾.
پئسي بنا پرساد، هَرو ڏئي نه هٿ ۾.
پئسي کي پَر ۽ پيرَ آهن.
پئسي جي تانگهه به بُري ته تار به بُري.
پئسي سان جيڪا نه ماسِي، سا به ماسي.
پئسن کي ڪُتو به نٿو کائي.
پئسو آهي، شينهن جي ڪَن ۾.
پئسو اکين جو ڍَءُ آهي.
پئسو اچڻي وڃڻي شئي آهي.
پئسو اِسمُ اعظم آهي.
پئسو پئسي کي ڇِڪي ٿو.
پئسو عيبن کي ڍَڪي ٿو.
پئسو هٿن جي مير آهي.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal