Phulwari Sindhi Proverbs

ساههِ به آهي، سوَن سان.
ساههُ پريت آهي.
ٻليءَ جي ڀاڳين ڇِڪو ٽُٽو.
ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ڪيرُ ٻڌي؟
ٻوٿُ ٻاڪرو، ڳُئي ريڍي.
ٻوٿُ ٻاڪرو، چيلهه ريڍي.
ٻَوڙي کي پئي ڪلو ٺوڪيائون چي، دَهڪارُ الائجي ڪٿي آهي؟
ٻُوڙن سان ڪهڙا سُرٻاٽَ ڪبا؟
ٻوڙو کِلي ٻه دفعا.
ٻولِ ته ڳنڍڙي کولِ.
ٻهراڙيءَ جي ٻولي امڙ جي لولي.
ٻئي جي چُڪايل مڇي به نه وٺجي.
ٻئي کي سو ڇڏائي سگهندو، جيڪو پاڻ ڦاٿل نه هوندو.
ڀاڳين جا ڀاڻَ، خالي ٿيڻا نه آهن.
ڀاڳيو مجنون آهي.
ڀاڳَ وارن جا ڍڳا به ڍُڪا.
ڀاڙيو ڀاءُ به چڱو ڪونهي.
ڀاڻُ پوي ته کيتي، نه ته ڪوري ريتي.
ڀائيواري ڀاءُ سان به چڱي ڪانهي.
ڀائيواري ڪجي کُڏَ چڙهي، ڇِٽائجي، ڪَن سَن ۾.
ڀاءُ جهڙو، سڄڻ ڪونهي، پر چيٽِ پوي، ته اهڙو ڏجڻ ڪونهي.
ڀائو، گهوڙو ڪهڙي نَسل جو؟چي، ”ادا، جيڪو چڙهيو سو اَڙيو، جيڪو لٿو سو ڦاٿو.“
ڀِتِ بَڻياد تي ويندي آهي.
ڀَتَ پيالي لاءِ، رتَ پيالو ڏيڻو ٿو پوي.
ڀَتُ پَهتُ، اڌاري ڀاڄي آهي.
ڀَتَ جي اڳياڙي، جهيڙي جي پڇاڙي.
ڀڳا ڏارَ، ڳيرا اُڏاڻا هليا ويا.
ڀڳت جي ڀڳتي، اَجائي نه وڃي.
ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو مَنُ.
ڀيڄ پاڳارا، تنهنجا ٿرن برن ۾ نعرا.
ڀيڄ پاڳارا، ڪلنگيءَ وارا.
ڀيڄُ ڀٽائي، ڪر مُلڪُ مٺائي.
ڀَڄِي وڃُ تنهنجي جاءِ نه آهي.
ڀَڃُ دکي ته چَٽيُون.
ڀُر ڀُر ڇِيڻا، جنگ مَچاءِ.
ڀَرِي سا پِيتي.
ڀَري ٻيڙيءَ ۾، ڪاڻو ڳرو.
ڀَري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو.
ڀَريو به روئي، سکڻو به روئي.
ڀَرجي ڀرجي، نيٺ هارڻي آهي.
ڀرڪيا، ڀائرن کان تِرڪيا.
ڀَرئي گهر مان، لِيلان وڃي سکڻي.
ڀڙوي ڀاءُ کان کٽ خالي چڱي آهي.
ڀڙوي کي ماني، ڳاڙهي ٻوڙ سان.
ڀڙوي جو هنڌُ، سدائين کٽ تي.
ڀڙوو، ڀاءُ کان به پيارو.
ڀُنگُ پئي ڀائٽي، ڌِڪا کائي ڌيڻس.
ڀَلا پيا، ڀَلن وٽ اچن.
ڀلي آيو، گانءَ ڄائو، جنهن سارو ملڪ وَسايو.
ڀلي مٿي وارن کي به خبر پوي ته هيٺ به ڪي جوان آهن.
ڀلو گهوڙو پاڻ ڇڏائي.
ڀُلئي واڻئي، ڳُڙ کاڌو.
ڀورو ڀڳو نه ٿئي.
پاپَ کان پاسو ڪجي، نه پاپيءَ کان.
پاپيءَ کي اُن جو پاپُ ئي ناسُ ڪندو آهي.
پاتڻيءَ کي به سَڏُ ڪجي، تُرهو به تارجي.
پاڇي ننڍي ٿيڻ سان، جسم ننڍو نٿو ٿئي.
پاڇولو اُسَ ۾ وِياءُ.
پاڻياري سڀڪا، جا سِر گهڙو ڀري،
ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
پاڻي پاڻي چوڻ سان، اُڃ ڪا نه لهندي.
پاڻِي پَهڻ به ڳاريو ڇڏي.
پاڻي ڇاڻي پيئجي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
پاڻي ڪِنو ته به باههءِ اُجهائي.
پاڻيءَ ۾ گهڙبو ته ڦِهنگن کان ڪهڙو ڊِڄبو؟
پاڻَ چڱي لاءِ دُنيا چڱي آهي.
پاڻَ سڄڻُ عقلُ دشمن.
پاڪَ پوتي، ڪيرُ به ڪونهي.
پاءُ اٽي جو، سڀڪو کائي ٿو.
پاءُ گوشت، ٻلي به کايو وڃي.
پائي، پائيءَ جو به حسابُ آهي.
پُٺِ جي ڀونڊي کان، اڳَ جو ڀونڊو ڀلو.
پُٺِ جي مارَ ڏجي، پيٽ جي مار نه ڏجي.
پَٽُ به پنهنجو، پيهو به پنهنجو.
پُٽُ، پيءُ جي اَڍَ ڇِڪي ٿو.
پِٽِ پَر کي، لڳي گهرَ کي.
پِٽِ پڙهيو باقي مُٽيوسين، سو مُٽيوسين.
پٽيا، سي چٽيا.
پَٽِ ڇَٻر، ته رڍون بُکَ مرنِس.
پُٽَ مِٽيءَ جا به ڀلا.
پُٽُ، لَٽيا کُوههَ پَٽينِ.
پُٽُ سڌريو ته اکين جو ٺارُ، جي کَريو ته اندر جو ساڙُ.
پَٽڪو ته ڏِنئي، پر سَٿَڻُ به سيکارِ.
پَٽڪو لَٿو عزتَ بَچي، ڪنهن ڏٺو ڪنهن نه ڏ ٺو.
پَٿر تي لِيڪَ.
پٿرُ شَنڪرُ، پٿر ڪَنڪَرُ.
پُکي پئي، ڪُڇئي وئي.
پيادو، سُوار تان کِلي.
پيٽُ پنهنجو کَريو، پَٽِي ڪيرُ ڪري؟
پيٽَ کي قبرستان نه بڻائجي.
پيٽَ ۾ بُکَ، اُرههَ ۾ آڪڙِ.
پيٽُ ۾ لُلُ، ته به ڳوٺَ ۾ هُلُ.
پيٽَ سان، ڪهڙا ليکا؟
پيٽُو پُٽُ به ڪاڄُ کاري.
پيٽُ، ڪُتن سان گڏ کارائي.
پيرُ، پُٽ نه ڏيندو، گسُ ته ڪو نه جهليندو؟
پيرُ پُٽ نه ڏيندو، زال ته ڪو نه کسيندو؟
پِيرُ ڀلو يا ويساههُ؟
پِيرُ، فقيرُ راضي، ته ڪوههُ ڪريسي قاضي؟

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal