Phulwari Sindhi Proverbs

سيٺ سِيرُو ملُ يا جُتِي هَٿَ ۾.
سَؤ وِيائي، هڪ ڪُهائِي.
سَؤ ماڪوڙو، ڍَڍَر پيٽو.
سَؤ هرُ، هڪ سانئرُ.
سَؤ وڃائجي، پر ساءُ نه وڃائجي.لکُ وڃائجي، پر لڇڻ نه وڃائجي.
سَئو لُومڙيون هڪ شينهن جو شِڪارُ.
سَاهِي به کَڻُ ڪُترِ به هَڻُ.
سَتئين مذهبين سُوئر حرامُ.
سَتين لِڇَ ڏاچيءَ کي به ڇِڪَ ڪري.
سَتَ گڏهه آڪرو.
سَتِين ايندو سَتُ لنڊي ۽ لڄ ڇا لڳي؟
سَخي، ساري، چئوُ، جيئن ڀيل، تيئن ڀلو ٿئي.
سَخِي،ڏيارڪو پکي، ڏسونس چکي.
سَرديون گرميون به انسان تي آهن.
سَرنهن کَري، ته ڪاڻِي ڪري.
سَرُ ٻُچي، ڪُنڊَ وارا.
سَرِي تن جي، جي وڃڻ کي ويا.
سَرڪار جي ڳُئي ڳُڙَ جي، منهن شينهن جو.
سَمرُ آهي ساڻُ، ته پوءِ ڪهڙي ڪاڻِ؟
سَمرُ هُجي ساڻُ، ته رات نه پوي راوتياڻي ۾
سَنجهي جي ڳالهه، بيهي ئي ڪا نه.
سَنکيو مَري ته ٺَري، نه ته ڪاريهر جيان وَري.
سَهي چيو ماءُ کي، ”امان، ٻوڙُ!“چي، ”ابا، پاڻ اڳيئي ٻوڙُ.
سَوَ کي سَوائي ڇا ڪندي؟
سَڀري ڀاءُ کان، اَڀري ٻَنِي ڀلي.
سَڄَڻ، ڏَڄڻَ جو خيرُ.
سَچو آهين، پر ڏَچو آهين.
سَچُ، ٽنهي ڪالن ۾سچُ آهي.
سَچُ، ڪڙو آهي.
سَڪي جي حڪومت، اڍائي ڏينهن.
سَگهو چور اگهو شاهوڪارُ.
سَڱُ سِياپو، لکئي جو ليکُ آهي.
سَڳي کان پوءِ به ستَ موالي ڇڪين.
سَڻائي مينهن جي ڪَڻِي ڪڻي سونُ.
سَڻڀي مُنهن تي مکيون مِڙن.
سُئِيءَ جي پاکي مان، اُٺ پيو لنگهائي.
سُبتي ڦَٽِي، پوک کُٽِي.
سُتا اُٿي جاڳُ سُلفي آئي اٿئي سِرَ تي.
سُتل بلان جي پُڇَ تي لتَ ڏبي ته ڦوڪون ته ڏيندي.
سُستَ جو هَٿُ، سدائين ڪَڇَ تي.
سُمهڻ هو پڻهين سان، هاڻي آهي ڊَ هڻ.
سُني، وچَ جي مُنِي.
سُهاڳڻ اُها جا وَرُ ۽ گهرُ نه ڇڏي.
سُهڻي صورت کان سُهڻي سيرت ڀلي.
سُورمو اُهو جو پَنءُ ماري.
سُورَ سيدن جا، پٽجن امامَ.
سُوڪهڙي کان، ٻوڏَهڙو چڱو.
سُٺا فَصُلَ، خوشحال نَسُلَ.
سُڀاڻي جا ڀاڳَ، سُڀاڻي سان.
سُڃا آيا ڀينگين وَٽ، چي، عيد ڪنداسين.
سُڃاملَ! چي، جيءُ پالها مَلَ.
سُڃامَلَ! پالهومل، سلام ڏيندو هوءِ.
سُڃو گهر، چورن جو ٿاڪُ.
سُڃو، الله کان به ڏاڍو.
سُڃي رَنَ، سَکڻا سلامَ.
سُڃي مان، اللهُ به بيزارُ.
سُڃي کي، سُڃائِي ڇا ڪندي؟
سُڌِ ساڻُ ئي، ٻُڌِ آهي.
سُکَ جو سالُ به ٿورو، ڏکَ جو ڏينهن به گهڻو.
سُکَ جي ساعتَ به چڱي.
سُڪا ڦِيڻا، سُورَ ٻِيڻا.
سُڪَ ڀلي، ڪاٺَ ۾.
سِج اڳيان ڏيئو ٻارڻ، تيل جو زيانُ.
سِجَ، کاري، هيٺان نه لِڪي.
سِجُ کُٽي، يا ٻِجُ کُٽي.
سِرائي مُئا، ته هَڻ مُئا.
سِرَ جي بَلا، سِرَ سان.
سِرُ وڃي، پر سُخن نه وڃي.
سِرُ کپي، ته حاضر آهي. گاهه جو گڏو ڪونهي.
سِنڌُ کَلي سان ٻڌل آهي.
سِولِ آهي ڪِولِ.
سِياڻو وزيرُ، راڄ جي سُونهن.
سِيرَ مٿان، سَوا سيرُ.
سِينڌو ڪُتو، ٻه ڀيرا ڏاڙهي.
سِيڙيا سين به، سيدَ به ڪو نه وِڙهيا.
سِڌي راند، سَونٽي جي، ٻيڙِي ٻُڏي، کوٽي جي.
سِڌي ڪاٺيءَ تي بارُ گهڻو.
سِڌي ڪاٺيءَ تي، سڀ ڪنهن جي لَتَ.
سِڪيلڌَن سُور، پينگهي ۾ پرائيا.
سِڪَ جي وِکَ به ڀلي.
سِڪَ کي پنڌُ آهي ئي ڪو نهَ.
سِڱُ ڀڃائي، گابو ٿيو وَتي.
سپڻَ، ڏيڻَ.
سڀ رئيس، گهوڙو ڪير ٻَڌي؟
سڀ فنا آهي.
سڀ ماڻُهو ته خدا مان به راضي نه آهن.
سڀ ڳالهه، هَرنالِ.
سڀڪو پنهنجي قبر ۾ ويندو.
سڀڪو چَڙهيءَ جو يارُ آهي.
سڄن سندي مُلڪ ۾، ڪيئن انڌا اَگههُ ڪندا!
سڄڻ سان، حال اورجي.
سڄڻ، ڏڄڻ نه ٿئي، توڙي رُسي سئو وار.
سڄڻُ جاچي مٿو، دشمن جاچي پيرَ.
سچو آهين، تڏهن ته بچيو آهين.
سچو سَڏُ اللهَ جو، پر منهنجي ڳالهه به سچي.
سڌي ڪاٺيءَ تي، سڀ ڪنهن جي اکِ.
سکڻي دُعا، پِٽَ برابر.
شادي ڪيتئي؟آکي، ڀڄ به ڳَئي.
شاعرَ اللهَ جا پَڙهايا آهن.
شالَ نه ماڻهوءَ جي وڄا ۽ نِرڄا مَري.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal