Phulwari Sindhi Proverbs

رِليون کائي اچي واڻ کي لڳو آهي.
رِڍَ رڙين ۾ ڏُڀي.
رِڍَ جي لتَ، ڀيڏيءَ تائين.
رِڍَ ٿي، ناسَ ڏئي!
رِڍَ ڇا ڄاڻي راڳَ مان.
رٻَ جي آسري، درياههَ ۾ نه گهڙجي.
رکيو نالو پُٽ تي به چڱو ڪونهي.
رکُ بادشاهه پير تي، ٻيڙا ئي پار.
رکڻ ڏينس، سڄي ٻانهن لنگهائي ڏئي
زالن جي زبان تي مُهر آهي.
زالَ جُهورِ ته به اکين جو نُورُ.
زالَ سُلڇڻي، گهرَ جي سُونهن.
زالَ مُڙسَ جو کيسو ڏسي ماءُ ڏسي پيٽ.
زبانَ چَمَ جي، ڪنهن نه ڪَم جي.
زراعت عبادت.
زمين جاءِ ڏئيس ته لهي وڃي.
زمين خدا جو فرش آهي.
زمين ۽ زالَ آهي قبضي سان.
زندگي پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي.
زندگي ۽ موتُ خدا جي وَسِ آهي.
زهر کي، زهرُ ماري.
زور جي ميندي لڳڻي ئي ڪانهي.
زور لائجي وِتُ آهر.
زور کي زور ٿو جهلي.
زير ٿيءُ زبر نه ٿيءُ، متان پيش ٿيڻو پوئي.
زَنا فنا آهي.
زَهرَ بنا نانگُ، جوڳيءَ جو ڳهڻو.
سؤ ماڪوڙا ڏرڙ ۾.
سؤ ڏاچيءَ جو سردارُ.
سئو ڳالهين جي، هڪ ڳالهه.
سئوٽِ، سنجي مان جوٽِ.
سائين ڄاڻن ڳَائين ڄاڻن.
ساز وڳو سُر سمجهيوسين.
سالُ کَريو آهي عُمرِ ڪا نه کَري آهي.
سامهون شينهُن به نه کائي.
سانُ سُوڳَ ڪري ئي ڪو نهَ.
سانڊي مان صوبيدارُ.
ساههَ تي ڪو به ڀروسو نه آهي.
ساههُ آهي، ته ساههُ وري به ٿي پوندو.
ساههُ پريت آهي.
ساههُ ڪُتي کي به مِٺو آهي.
ساههِ به آهي، سوَن سان.
ساڌوءَ جي سنگت ۾ ڪُچن جو درشن.
ساڌُو رمندو ڀَلو، پاڻي وَهندو ڀلو.
ساڌُو سو جو دَڳُ لائي.
ساکَ چور جي ڍالَ آهي.
ساڳي مانِي، ساڳَ سان.
ساڳيا اُنڙ، ساڳي تاهري.
ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگههَ.
ساڳيو ڳَنُ، ڪُهاڙيءَ ۾.
ستين لنگهڻين، سوئر به حلال.
ستين مذهبين، ڪاوڙ حرامُ.
سخي ۽ شُومَ جو، سال ۾ ليکو برابر.
سخي، ساري، سرنهن ۽ چڻو، جيئن ڀيل، تيئن ڀلو ٿئي.
سخيءَ جي بَلا مالَ تي، شُومَ جي بلا جان تي.
سلام عليڪم چي، کائيندو سانءِ.
سلام مان موتُ.
سمجهه کي سُورَ آهن.
سمجهي نه سُڻي، آلوڻا ٽِٽَ هڻي.
سمرُ هجي ساڻُ، ته رات نه پوي راڄڙي ۾.
سنسار ۾ پاپَ جهڙو اوگڻ، چُغليءَ جهڙو پاپُ ۽ اُپجس جهڙو موت ڪونهي.
سنهڙي کي سيٽَ گهڻي.
سنڌ چاليهه سال اڳُ غرق ٿيندي.
سنڌ ۾ پلو به رنگُ مَٽائي.
سنڌيءَ جو پهريون عقل، ڪنهن ڪتي کي به نه اچي.سنڌيءَ جو پويون عقل، شل اهل اولاد کي اچي.
سنڌُ ڄاين جي نه، پر آين جي آهي.
سنڌُ ڇورن پال آهي.
سنڌُ ڦُربي، ڦَڪِي ٿيندي، ڀَڄندي ڀتئون ڀت.ايندي تن جي هٿ، رتي رحم نه جن جي روح ۾.
سنڌُ، سونَ کاڻِ آهي.
سنگتِ ۾ چڏا سوڙها نه ڪجن.
سو ڀاڳوانُ جنهن جي گهر مهمانُ.
سوالُ بي حالُ آهي.
سوالُ مُنهن جي ترار آهي.
سودو آهي بودو.
سودو آهي رضا جو.
سودو ڪجي تنهن سان، جنهن جو تازو مُئو پيءُ
سورجُ تَپي کيتي مچي، سياري جو پارو ڀاڻءَ جو ٻورو.
سون رتيءَ کان رتَ رتي وڌيڪ آهي.
سوني ٿالهيءَ ۾ بِکيا ڪير نه وجهندو؟
سونَ تي سُهاڳو.
سونَ تي مِينُ.
سونَ جهڙا کُوههَ جي تري ۾.
سونَ کان گَهڙائي مهانگي.
سويرُ سُمجهي سوير اُٿجي، اَولِ ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي.
سوڀَ خدا جي وس آهي.
سوچَ کي لوچ آهي.
سياري جو سِجُ، اُڀرڻ ساڻ اُلهي.
سياري سونُ، آکاڙ چاندي،
سياري ۽ درياههءَ جي، سِيرَ ڏُکي.
سياري ۾ سنگهه، اونهاري ۾ آرايون،
سياري ۾ سي ئي چڱا، جن کي گهڻي باهه.اونهاري ۾ سي ئي چڱا، جن کي گهڻي چاههَ.
سياڻو ڪانُ، ڪِنُ کائي.
سيد سائو، ته ملڪ لاءِ ڦاهو،
سيد سُڃو، ته ملڪ لاءِ ڏڃو.
سيد ميرو، ته به پنج سيرو.
سيدُ ۽ سپاهي، تن کان رکج اِلهيٰ.
سينڌِ ته آهي، سَچي سانئڻ جي.
سيوا سان ڪَرمُ کُلندو آهي.
سيوهڻ کي، گهلَ ڇا ڪندي؟
سيوهڻ.ڏي ته وڻ، نه ته ٽپڙ کَڻُ.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal