SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڳرو


ميڊيڪل (طب) جي ڊڪشنريءَ مان :


ڳرو

ڳِرو، ڳِراڙو

goiter


:جامع سنڌي لغات ۾

ڳرو

ڳَرو جمع ڳَرا

ذ . صفت. سن . گَروَ= ڳرو وزندار، وزنائتو ، ڳؤرو ، ڀاري ، ثقيل ، گران ، باري، ڀاري. سنگين ، سخت ، ڏاڍو ، پختو ، پڪو. وڏو. بدن ۾ ڀريل ، ٿلهو. سنجيدو ، ڳنڀير ، ديرينو ، بردبار. هيٺيون سُر. دير هضم کاڌو. قوي. سن . گَلَ = گلو گلو ، ڳلو ، ڳچي.

ڳَرُو جمع ڳَرُو

ذ . ڳرڻ جهڙو.

ڳِرو جمع ڳِرا (ل)

ذ . سن. گَلَ. نڙيءَ وارو ڀاڱو، نڙي، ڳِراڙو. ڳِچي ، ڳنڍو. ڳوڙهو بيماري. ڳائي مال ۽ چوپائي مال کي ڪني پاڻي پِيَڻ ڪري، ڳِچيءَ ۾ نڙگهٽ جي مٿان نڪتل ڳوڙهو. پڪڙ ، قبضو ، چنبو ، آوَر. ڪُنڍو ، ڦاهي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ڳرو سان لاڳاپيل لفظ


.


ڳرو بابت وڌيڪ اصطلاح

  • جيڪو دير سان هضم ٿئي، ڳرو
  • غير واجبي، نامناسب، ڳرو
  • فاني، انسان، موتمار، ڳرو
  • لوٽي کان اُٻنگ ڳرو
  • مقدار ۾ گهڻو، ٿلهو، وڏو، ڳرو
  • وڏو- ويڪرو- ڳرو
  • پير ڳرو
  • پڪو- زور ڀريو- ڳرو

  • .


    ڳرو لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    عهد حڪومت

    ذ. حڪومت جو وقت ، بادشاهيءَ جو زمانو.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal