SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڳجهارت


:جامع سنڌي لغات ۾

ڳجهارت

ڳُجهارَت جمع ڳَجهارَتُون

ث . سن . گُوڍ= لڪل راز جي ڳالهه ، ڳجهو سوال، ٻُجهارت ، ٻجهڻي ، مُعما، ڀَڃڻي ، سُلڻي. رمز ، مام ، اشارو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڳجهارت

(Gujharat)

ڳجھارت لفظ سنسڪرت جي لفظ “ڳھه” ارٿ مان نڪتل اھي. جنهن جي معنيٰ ڳجهو/اونهو مطلب آهي. يعني تمام اونھي مطلب واري حقيقت، جنھن ۾ ڪو راز رکيل ھجي. ”ڳجھارت“ پروليءَ جو ھڪ ڳوڙھو نمونو اھي، جنھن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت اھي. جيتوڻيڪ کجھارت جو سنگ بنياد پروليءَ تي ئي اھي، پر سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنھي ۾ نمايان فرق اھي. پرولي ڀڃڻ لاءِ ٿورو اشارو مليل ھوندو اھي پر ڳجھارت ۾ حافظي ۽ ڄاڻ کي وڏو دخل آهي. بي سري ڳجهارت کي سگهڙ اهميت نه ڏيندا آهن، پر سُريلي/سُر واري ڳجهارت کي مڃيو ويندو آهي. ڳجهارت پائي سان بند سان ڀڄندي آهي. ان ۾ مذڪر ۽ مونث کي نرنان ۽ نار چئبو اھي. سگھڙ عبدالغکور منگيءَ جي ھڪ کجھارت جو مثال ڏجي ٿو: ڏيڻي: ولايت جي شھر ۾، نالي اکواڻ سان، ا جي ۾، مردن جي ڪئي! ھيءَ ڳجھارت ڇھن پاون جي اھي، جي هن ريت آهن: (1) ولايت: ترڪي، (2)شھر: استنبول، (3) نالو: نبي بخش، (4) اڳواڻ: پيش امام، (5) ا جي: مسجد، (6) مردن جي: ڪچھري. ڀڃڻي: ترڪيءَ جي شھر استنبول ۾ نبي بخش، مسجد جي پيش امام سان ڪچھري ڪئي.


ڳجهارت سان لاڳاپيل لفظ


.


ڳجهارت بابت وڌيڪ اصطلاح

  • بي سري ڳجهارت
  • سرائتي ڳجهارت
  • معمو، پرولي، ڳجهارت
  • هڪ قسم جي ڳجهارت
  • پرولي- ڳجهارت

  • .


    ڳجهارت لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ابرو پرخم ٿيڻ

    منهن ۾ گهُنج پوڻ ، ڪاوڙجڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal