SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گُڏ


:جامع سنڌي لغات ۾

گُڏ

گَڏَ

اسم خاص. تعلقي ڏوڪريءَ ۾ هڪ ديهه جو نالو.

گَڏ جمع گَڏِيُون (ڪ)

ث . هڪ قسم جو زيور.

گَڏُ جمع گَڏَ

ذ . ظرف. ڪَٺو ، ڀيڙو ، همراهه ، لاڳيتو ، ساٿ ، شامل ، گڏيل ، ساڻ ، مشترڪ ، سهڪاري ، شراڪتي ، ڀائيوار ، حصيدار ، جوڙيدار ، ٻِٽو ، سَنگي ، پتيار. جهجهو ، گهڻو ، هيڪاندو ، زياده.

گِڏِ جمع گِڏوُن

ث . بلورَن ۽ اِٽِي ڏڪر وغيره راند رهڻ لاءِ کنيل ننڍڙي کَڏَ ، اِٽي کَڏَ، گِدِ، گِلِ، بِد، سَچُ. محرم جي ڏينهن ۾ پڙ ۾ باهه ٻارڻ لاءِ کوٽيل کَڏَ، هُرلي يا نار جي ڀاروُني ءَ ۾ نڪتل کَڏَ جنهن ۾ مُهري جو هيٺيون ڇيڙو ڦِري ، چُگههُ، ٽُنگُ، اکين مان ايندڙ گَندُ،

گُڏ جمع گُڏُون

ث . پوکيل فصل مان ڪڍيل نڪمو گاهه ، بيٺل فصل وري زمين ۾ رنبي سان ڪيل اَکڙ ، پوک کي زور وٺائڻ لاءِ ان مان ڪڍيل ڪِنُ ڪِچرو. کوٽ ، اَکيڙ ، کوٽائي. تمام گهڻي ڏنل مار ، سَٽَ ڪُٽ ، ڏاگور ، جهاڳور ، پِڃَ ، ڊينب. چيلهه جي ڍڪڻي ، دُڏ. ظرف. بل . گُڊا. پُٺ ، پوئت

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


هارپ جي لغت مان:

گُڏ

ڪوڏر سان زمين ولڻ، رنبي يا کهيڙي يا ڪوڏر سان پوک مان گند ڪڍڻ


گُڏ سان لاڳاپيل لفظ


.


گُڏ لفظ جو عام استعمال


Remember Me Also:

اوڏاڻو

ذ. صفت. بِنا ڏاوَڻ جي اُٺ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal