SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گنان


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

گنان

(Ginan)

ڊاڪٽر غلام علي الانا مطابق ”گنان“ گيان لفظ مان نڪتو آهي، جنهن مان مراد آهي اهو نصيحت وارو علم ۽ ڪلام، جيڪو اسماعيلي داعين ۽ پيرن پنهنجن نومسلم مريدن کي اسلام جا اصول سيکارڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ منظوم صورت يعني شاعريءَ واري صنف ۾ بيان ڪيو آهي.“ ”گنان“ اسماعيلي فرقي جي بزرگن جي شاعري آهي. اهي اسماعيلي فڪر جا داعي، ماڻهن کي مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ ويا. اهي بزرگ سومرن ۽ سمن جي دورَ ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ نومسلم ماڻهن جي دلين ۾ شعر ذريعي اسلامي عقيدن جو روح ڦوڪڻ لڳا. انهن بزرگن مان پير تاج الدين، پير نور الدين (وفات 1095ع)، پير شمش الدين (1156-1276ع)، پير صدرالدين (1290-1409ع) جا گنان وڌيڪ مشهور آهن. سٽاءَ جي لحاظ کان سڀني شاعرن جا گنان هڪ جهڙا نه آهن. ڪن جا گنان دوهي جهڙا آهن. ته ڪن جا سلوڪن مثل آهن ۽ ڪن جا وري ڪافيءَ سان مشابهت رکن ٿا، جن ۾ هر ٻن مصرعن جي بند کان پوءِ وراڻيءَ کي دهرايو ويندو آهي. گنان ۾ پيش ڪيل سنڌي ٻوليءَ ۾ اڪثر ”ڪڇي“ ۽ ”لاڙي“ لهجا شامل آهن. جيئن ته اهي اسماعيلي مبلغ شاعر سنڌ جي ”ڪڇ“ واري حصي ۾ رهندا هئا. ان ڪري سندن ڪلام تي گجراتي ۽ ملتاني ٻولين جو اثر نظر اچي ٿو. پير صدرالدين جي گنان جوهڪ مثال پيش ڪجي ٿو: شاهه جو مڃيئڙو تن، جيڪي صبوحڙي جاڳن، اُٿي الله نه گهرين بندا، تون سـُتين سڄي رات، نڪا جهوري جِيوَ جي، نڪو سمر ساٿ-! شاهه جو مڃيئڙو.............. !


Remember Me Also:

موصلي

مُوصِلِي

ث . دوا طور ڪم ايندڙ پهاڙي ٻوٽيءَ جو هڪ قسم (جنهن جي پاڙ ڪتب اچي). مُوسِلي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal