SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪيڏارو


:جامع سنڌي لغات ۾

ڪيڏارو

ڪيڏارو جمع ڪيڏارا

ذ. ع. ڪَيد = مڪر. فريب < ف. جنگ ، لڙائي < سن. ڪيد + وارو = ڪيڏارو. جنگ ، ڪيدارو ، لڙائي ، معرڪو. جهيڙو. قتل عام. ماتم. اسم خاص. هڪ سُر يا راڳڻيءَ جو نالو ، جنگ جو سُر ، درد ڀريو راڳُ ، ڪيدارو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڪيڏارو

(Kedaro)

ڪيڏارو معنى ”جنگ جو ميدان“ ۽ برصغير ۾ ڪيڏارو/ڪيڏار هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جيڪا موسيقيءَ جي چند ڄاڻن چواڻِي ڪلياڻ ٺاٺ ۾ شمار ٿئي ٿي. هن سر ۾ ميداني جنگ ۽ اتان جي حالات واقعن جو بيان اهڙي ته انداز سان ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪر اکين اڳيان ٿيندو هجي؛ ظاهر آهي ته منظرنگاري هن جو خاص جز آهي .ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ موجب: ”ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ’ڪيدار‘ جي بگڙيل صورت آهي، جنهنجي معنى آهي ’جنگ جو ميدان‘. هندستاني گوئين موجب ’ڪيداري‘ هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن (زالن) مان هڪ آهي. شاهه لطيف جي سر ڪيڏاري جو شمار رزميه شاعريءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو، هن سر ۾ شاهه لطيف ڪربلا جي شهيدن جي همٿ، شجاعت ۽ بهادريءَ کي بيان ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ سُر ڪيڏارو ٻن ٽن خاص حوالن سان چيو ويو آهي، هڪ: ڪربلا جو واقعو؛ ٻيو: کرڙيءَ جي جنگ جو احوال، ٽيون شاهه عنات جهوڪ واري جي شهادت جو واقعو. ’کرڙيءَ جي جنگ‘ ميرن ۽ شاهه شجاع الملڪ جي وچ ۾ سکر جي ڀر ۾ کرڙيءَ جي ميدان تي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جا جوڌا پنهنجون چيلهون هڪٻئي سان ٻڌي پنهنجي ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ لڙيا ۽ ڪافي شهيد ٿي ويا؛ جن جي جوانمردي ۽ شهادت جو احوال خليفي نبي بخش لغاريءَ پنهنجي ڪلام ۾ سُر ڪيڏاري جي نالي سان ڪيو آهي. باقي سنڌ جي اڪثر شاعرن جي سر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي حوالي سان شاعري ڪئي آهي. صوفي صادق فقير ۽ شاهه عنات شهيد سلسلي جي شاعرن ’جهوڪ واري واقعي/ميرانپور جي معرڪي‘ تي به ڪيڏارو چيو آهي. جديد شاعرن ۾ استاد بخاري، راشد مورائي ۽ خاڪي جويي وغيره سنڌ جي سورهين ۽ قومي واقعن تي ”جديد ڪيڏارا“ لکيا آهن.


ڪيڏارو سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

ڪارونڊ

اسم خاص. تعلقي جاتيءَ ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal