SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪليات


:جامع سنڌي لغات ۾

ڪليات

ڪُليَاتُ

ث. ع. ”ڪُل“ جو جمع. جُزئيات جو ضِدُ. تصنيفات جو مجموعو ، هڪڙيئي ماڻهوءَ جو چيل نظمن جو مجموعو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڪليات

(Collection of Works)

”ڪليات“ عربي لفظ ”ڪل“ جو جمع آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سڀ“. اصطلاحي معنيٰ موجب اُهو ڪلام جو مجموعو، جنهن ۾ ڪنهن هڪ شاعر جو سمورو ڪلام پيش ڪيل هجي؛ يعني منجهس هر ڪنهن قسم جو شعر ڏنل هجي.مطلب ته ڪليات ۾ شاعر جو هر فن تي چيل شعر موجود هوندو آهي .هن ۾ الف- ب وار قافين تي جوڙيل غزل جو مجموعو (ديوان) به شامل ٿي سگهي ٿو.ڪليات جي ترتيب اڪثر ٻن نمونن جي ٿيندي آهي. جيئن ته ڪنهن ڪليات ۾ پهريائين الف-ب وار غزلن جو مجموعو (ديوان) ڏئي، پوءِ باقي ٻيو سمورو ڪلام ڏنوويندو آهي، جنهن ۾ عروضي توڙي غير عروضي شعر شامل هوندو آهي ۽ ڪنهن ۾ وري سواءِ ڪنهن ترتيب جي سڀ ڪلام لکيو ويندو آهي. ڪي ڪليات اهڙا به ملن ٿا، جن ۾ رڳو غير عروضي شعر پيش ڪيل هوندو آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، ڪافيون، ڏوهيڙا، وغيره شامل هوندا آهن. اهڙي قسم ۾، ڪليات مصري شاهه، ڪليات حمل، وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين جيڪي ڪليات ڇپجي چڪا آهن، تن جو تفصيل هن ريت آهن: ڪليات مصري شاهه، ڪليات حمل، ڪليات مسافر، ڪليات عزيز. ڪليات گدا، ڪليات خادم، ڪليات فاروقي، ڪليات امين، ڪليات دلگير، ڪليات ڪمال، ڪليات مائل، ڪليات نورل، ڪليات شيخ الهه بچايو، ڪليات حسين ديدڙ، ڪليات سانگي، ڪليات ميران محمد شاهه، وغيره.


Remember Me Also:

مڱريا

مَڱِرِيا

اسم خاص. هڪ قبيلي جو نالو. تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal