SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪلي


ميڊيڪل (طب) جي ڊڪشنريءَ مان :


ڪلي

ڪَلي، ڪليون (ڳلا)

tonsils, gills


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


ڪلي

कली s. f.

A kind of hookah. A bud, unblown flower. A gill of fish &c.. A triangular piece let in, in a dress, a gore. A verse in poetry. A Tin, कली पवणु ڪلِي پوڻُ To have a pain or swelling in the gills.


किली s. f.

A nail, a peg.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

ڪلي

ڪَلِي جمع ڪَلِيُون

ث. سن. ڪَلي = مُکڙِي < سن. ڪِلنَڪا = مکڙي. گلاب جو اڻ ٽڙيل گل ، غنچو ، مکڙي ، شگوفو ، ڪُونپَلُ. وات جي ڇيڙي ۾ هڪ قدرتي ڳوڙهو ، ڳلڦڙو ، نڙيءَ جو غدود. مڇيءَ جا ساهه کڻڻ جا ڳِلا ، ڪلئي. اٻوجهه ، جوان ڇوڪري ، ڪنواري ، دوشيزه ث. بازدارن جو لفظ، باز جو کنڀ

ڪِلِي جمع ڪِلِيُون

ث. پرا. کيلا. سن. ڪِيلَ = ڪِلي. لوهه يا ڪاٺ جو نوڪدار ٽڪر ، ڪوڪو ، ميخ ، ڪِل ، ڪِيري.

ڪُلِي جمع ڪُلِيُون (ڪ)

ث. جُتي، چمپل وغيره ۾ پيل چمڙي جي وڍي. صفت. ع. ڪُلُ = سَڀُ. سموري ، ساري ، سڀ سربستي ، سڄي ، جملي ، ڪل سڀوئي ، رڳي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ڪلي سان لاڳاپيل لفظ


.


ڪلي بابت وڌيڪ اصطلاح

  • رام ڪلي
  • قدرت ڪلي
  • مکري، ڪلي
  • وهڻ، پيهو، پکين جي وهڻ لاءِ ڪلي
  • وڏو ڪوڪو- وڏي ڪلي
  • ڀنور ڪلي
  • چمپا ڪلي
  • چڙ ڪلي
  • ڪتابي جلد تي لڳل اڻ لکي ڪلي
  • گلاب جي مکڙي يا ڪلي

  • .


    ڪلي لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    سار

    ث. مادي جانور جو مخصوص عضوو ، خاص موسم ۾ مادِي جانور جو نر لاءِ تانگهاءُ ، ڇاڻو ، وَڙُ ، مِهرَ. چوپڻ راند ۾ ڪم ايندڙ ساري ، ڳوٽ ، مُهرو. کاري جي ٻيڙيءَ جو هڪ رسو ، ڪَپيءَ وارو واجهه ک. سارين جي پوک ت. گلن جي ڀرت سان هڪ ريشمي چني ٿ. سنڀارَ ، يادگيري.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal