SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪلاسڪيت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڪلاسڪيت

(Classicism)

اھو ادب، جيڪو پنھنجي افاديت ۽ افاقيت، گھرائي، حسن ۽ صداقت جي ڪري، زمانن جي طوفانن ۽ انقلابن تي حاوي ھجي. حالتون بدلجن، پر ادب جي عظمت ۾ ڪو فرق نھ اچي. اھو ئي ڪلاسيڪي ادب اھي، جنھن سان لطف اندوز ٿيڻ ۽ لاڀ پرائڻ لاءِ مزاج، ذوق، عمر، ٻولي وغيره جا اختلاف حائل نھ ٿا ٿين. ڪلاسيڪيت جي خصوصيتن جي لحاظ کان، شاعريءَ ۾ قاعدا قانون، انسان جون سٺايون بيان ڪرڻ، معاشرتي براين جي اپٽار ڪرڻ، شھري ۽ تھذيب يافته پسمنظر جي نمائندگي ڪرڻ، انفراديت کي ڇڏي اجتماعيت بيان ڪرڻ، جذبات نگاري، فطرت نگاريءَ کي نظر انداز نه ڪرڻ وغيره اھم خوبيون اھن.ان وصف کي ذھن ۾ رکندي سنڌي ڪلاسيڪل ادب ان دور جو ادب اھي، جڏھن نثر جون روايتون موجود ڪين ھيون. اھڙيءَ ريت سنڌي ڪلاسيڪل ادب جي دائري ۾ پير صدر الدين جا گنان، قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم رح جو ڪلام، ميين شاهه عنات رضوي، لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ساميءَ جا سلوڪ، بيدل ۽ بيڪس جون ڪافيون، سچل جون ڪافيون ۽ شاھه عبداللطيک ڀٽائيءَ جون وايون ۽ بيت اچي وڃن ٿا. سنڌ جا قديم لوڪ داستان ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو بنياد اھن. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صنفن ۾ دوھو، بيت، سلوڪ، گنان، وائي ۽ ڪاکي وڏي اھميت رکن ٿا.


.


ڪلاسڪيت بابت وڌيڪ اصطلاح

  • نؤ ڪلاسڪيت

  • Remember Me Also:

    ڊڪائڻ

    مصدر. [سن. ڍوڪر = ڊُڪڻ] تکو هلائڻ ، سَٽَ کڻائڻ ، ڊوڙ پائڻ ، ٽاپي کڻائڻ ، ڀڄائڻ ، ڊوڙائڻ ، ڊُڪائڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal