SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪئلينڊر


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڪئلينڊر

(Calendar)

ڪئلينڊر لاطيني زبان جو لفظ آهي. ڪئلينڊر لاءِ سنڌي اصطلاح ”سال جي ڦانڊڻي“ جا لفظ ڪم اچن ٿا. هڪ گهڻن صفحن تي مشتمل جدول، جنهن ۾ ڏينهن، هفتا ۽ سال جون تاريخون ۽ موسمي معلومات ڏنل هجي. هونئن ته ڪئلينڊر جا ڪيترائي قسم آهن، پر اسان وٽ هجري ڪئلينڊر ۽ عيسوي ڪئليندر هلندا آهن. راءِ گهراڻي کان وٺي سنڌي ڪئلينڊر ڪم اچي ٿو، جنهن کي ’سنبت‘ به چون ٿا، جنهن جي مهينن جي ترتيب هن ريت آهي: ويساک (ويشاک)، چيٺ (جيٺ/جيَيشٺ)، آرهڙ (اَسار/آشاڙهه)، سانوڻ (سائُن/شراوَڻ)، بڊَءُ (ڀدو/ڀادرپد)، آسُو (اَسوج/آشوِن)، ڪتي (ڪاتِڪ/ ڪارتِڪ)، منگهر (مَنسِر/مارگشِيرش)، پوهه (پُش/پوش)، مانگهه (ماگهه)، ڦڳڻُ (ڦاگُن/ڦالگُن) ۽ چيٽ (چيت/چيتر).


ڪئلينڊر سان لاڳاپيل لفظ


.


ڪئلينڊر بابت وڌيڪ اصطلاح

  • دائمي جنتري- دائمي ڪئلينڊر
  • شمسي ڪئلينڊر
  • قومي ڪئلينڊر
  • مقامي ڪئلينڊر
  • ٽپڻو- جنتري- سال نامو- ڪئلينڊر
  • چنڊ جي تاريخن موجب ترتيب ڏنل ڪئلينڊر
  • ڊوڙ جي مقابلي وارو ڪئلينڊر

  • Remember Me Also:

    ٻاڙجڻ

    فعل مجهول. [سن. اَڀِلَشَڻَ= خواهش ڪرڻ. اُڪيرجڻ] ٻاڙَ لڳڻ ، ڇِڪ ٿيڻ علت جي، جهڙوڪ ٻيڙي، تماڪ، چانهه. تڪليف يا مشڪل ۾ پوڻ ، سختيءَ ۾ اچڻ. لاچار ٿيڻ. ٻاڙيو ، ٻاڙبو ، ٻاڙيل.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal