SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڏکڻ


:جامع سنڌي لغات ۾

ڏکڻ

ڏکِڻُ

ذ. [پرا. دَکڻِ. سن دَڪشَڻُ = ڏکڻ] هڪ طرف جو نالو ، چئن طرفَنِ يا ڏِسِيُن مان هڪ ڏسَ جو نالو ، اتر جي سامهون وارو طَرف ، ڏَکِڻُ ، ڪاڇيل ، ڏاکڻو پاسو ، جُنوبُ. ڏکڻ طرف جي هَوا.

ڏِکَڻُ

مصدر. شاديءَ جي هڪ رسم ادا ڪرڻ ، شاديءَ کان اڳ ۾ ڪنوار کي تيل لڳائڻ واري رسم ادا ڪرڻ. گهوٽ ۽ ڪنوار کي شاديءَ جي ڏينهن کان ٽي ڏينهن اڳ ۾ هٿ ۽ پير ۾ ڳاڙهو ڌاڳو ٻڌي چِلي ۾ ويهارڻ جي رسم پوري ڪرڻ. سينگارڻ ، جوڙ جنسار ڪرائڻ.

ڏُکڻُ

مصدر. [سن. دُهک = دکُ] ايذاءُ ٿيڻ ، درد ٿيڻ ، سور ٿيڻ ، ڏُک ٿيڻ ، ڪَشٽُ ٿيڻ ، تڪليف ٿيڻ ، شوڪ ٿيڻ ، رنج ٿيڻ ، غم ٿيڻ. پوسرائڻ ، چُڀَڻُ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


>

جاگرافيءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


ڏکڻ

South


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


ڏکڻ

South


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڏکڻ

South

سائوٿ

هي اصطلاح ڏکڻ آمريڪا جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ ان جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتن کي نظر ۾ رکندي سامهون آندو ويو. ”سائوٿ“ واري علائقي ۾ ڏکڻ آمريڪا جا اهم ملڪ برازيل ۽ ارجنٽائن وغيره شامل آهن. جيتوڻيڪ بين الاقوامي معاملن بابت تيار ڪيل پهرين ”برانڊت رپورت“ ۾ ”سائوٿ“ جو هم معنيٰ لفظ ”ترقي پذير ۽ غريب“ ملڪن جي لاءِ سڃاڻپ طور استعمال ڪيو ويو. علاقائي سياست جي حوالي کان، مُتحد آمريڪا (يُو-ايس ) ۽ ڏکڻ آمريڪا جي وچ ۾ جيڪي فاصلا رهيا آهن، انهن کي ڀرڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون ويون آهن، پر ٻنهي خطن ۾ ٻولياتي ۽ ثقافتي فرق هجڻ ڪري، اڄ تائين منجهن ڪافي ڪشمڪش رهي آهي. دارصل اتر آمريڪا جون خود غرضيءَ تي ٻڌل معاشي ۽ سياسي پاليسيون به ٻنهي خطن جي وچ ۾ سهڪاري ماحول جي قيام ۾ رنڊڪ جو سبب بڻيون آهن. علم سياست جي ماهرن، هن علائقي بابت تجزيا ڪندي 1988ع ۾ ”سائوٿ“ تي ڪافي تنقيد ڪئي. خاص طور تي ٻن محققن گِل“ ۽ ”لا“ سائوٿ جي علائقي کي تڪراري پٽي قرار ڏنو. ”سائوٿ“، ٽين دنيا جي ملڪن جي مقابلي ۾ ڪجهه حوالن تحت کانئن مختلف آهي. مثال طور: ”سائوٿ“ جي علائقي ۾ وسندڙ ملڪن کي ڪن به عالمي معاملن تي جلد قائل ڪرڻ ۽ قانونن تحت پابند ڪرڻ ڪافي ڏکيو عمل آهي. هن علائقي ۾ ڪافي ملڪ تمام گهڻي غربت واري حالت ۾ آهن ۽ ڪافي ملڪ ترقيءَ لاءِ ٻين ملڪن جي سهڪار جا به طلبگار آهن، پر اهي پنهنجن مخصوص معاشرتي ۽ ثقافتي نظرين جي معاملن ۾ ڪافي سخت آهن. هن خطي جا ڪافي ملڪ ڏڪار جي حالت ۾ پڻ آهن. تازو هيٽي (Haiti) ۾ آيل زلزلو ۽ ٻين مصبتن هن خطي جي ملڪن کي ”چوٿين دنيا جي ملڪن“ جي قطار ۾ بيهڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ ڪميونزم ۽ ”سرد جنگ“ دوران ”سائوٿ“ جو ”نارٿ“ آمريڪا طرف اختيار ڪيل سخت رويو پڻ علائقي جي ملڪن لاءِ معاشي طور ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي حاصلات جي لحاظ کان ڪافي خراب ثابت ٿيو ، نتيجي ۾ اهي ملڪ ترقيءَ جي رفتار ۾ پوئتي رهجي ويا. ان کان علاوه وڏي عرصي کان هن خطي کي بدعنواني، ڏوهه ۽ ڪمزور سياسي قيادت جو گهيرو ڪيل آهي، جنهن ڪري انهن ملڪن جي حڪمراني ۽ ساک تي تمام برا اثر پيل آهن. انهيءَ ڪوتاهيءَ کي نظر ۾ رکندي، سائوٿ جي ملڪن آهستي آهستي ڪرپشن جي خاتمي ۽ جهموريت جي قيام لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ سان گڏ، اتر آمريڪا سان تعلقات بهتر ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ورتيون آهن. جنهن کانپوءِ بين الاقوامي برادريءَ ۾ اميد ڪئي وڃي ٿي ته ”سائوٿ“ جي خطي ۾ موجود ملڪن جي سياسي ۽ معاشي حالت بهتر ٿيندي


سرائڪي سنڌي لغت مان:

ڏکڻ

سرائڪي : ݙکھڻ

سرائڪي ۽ سنڌي: ݙُکھڻ/ڏُکڻ

]فعل متعدي[ سور ٿيڻ، تڪليف ڏيڻ، اِيذاءُ اچڻ، پيڙا پيدا ٿيڻ


ڏکڻ سان لاڳاپيل لفظ


.


ڏکڻ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • ساڄو ڏکڻ

  • .


    ڏکڻ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    بشي

    ث. ذ. [سن. وِشَيهَ] ڪابه شيءِ جا حواسن سان سمجهي سگهجي ، وِشَيء. دنيوي وَٿُ. عنوان ، موضوع ، مضمون.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal