SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڏات


:جامع سنڌي لغات ۾

ڏات

ڏاتَ جمع ڏاتُون، ڏَاتِيُون

ث. [سن. دَاتَ < دا = ڏيڻ] ڪابه ڏنل شئي ، بَخشش ، خيرات ، دانُ ، سخا ، ڏاڻُ ، خدائي بخشش ، خدائي ، عنايت ، الاهي ڏاج ، قدرت جي طرفان مليل غير معمولي طاقت جيئن ته، ”لڌِيسون، لَطيفُ چئي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ“ شاهه. ڪشاده دلي ، اُدارتا ، سخاوت ، فَرخُ. انعام ،

ڏاتِ جمع ڏاتِيُون

ث. [سن. دَاترَ] گاهه لڻڻ يا لاباري ڪرڻ جو هڪ اوزار ، ڏاٽو ، ڏانٽو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڏات

(Natural Talent)

خداداد صلاحيت يا قدرت طرفان مليل صلاحيت. اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته شعر ، شاعر جي زبان تي يا قلم تي بيساخته اچي ويندو آهي. اهو شعر انهن شعرن کان وڌيڪ لطيف ۽ وڻندڙ هوندو آهي، جيڪو غور و فڪر کان پوءِ لکيو ويندو آهي، شاعر جي اهڙي صلاحيت کي ”ڏات“ يا وجدان چيو ويندو آهي.ڏات قدرت جي طرفان تحفو هوندي آهي. ڏات ڌڻين وٽ سوچڻ ۽ خيالن جي تمام وڏي حساسيت هوندي آهي.


سرائڪي سنڌي لغت مان:

ڏات

سرائڪي : ݙات

سرائڪي ۽ سنڌي: ݙات/ڏات

]مث[ سخاوتَ، ادارتا، غير معمولي قابليت، غيرمعمولي صلاحيت


ٻارن جي لغت مان

ڏات

گرامر noun

- اسم

divine gift; endowment


ڏات سان لاڳاپيل لفظ


.


ڏات بابت وڌيڪ اصطلاح

  • انعام، بخشش، ڏات
  • سخاوت، فياضي، ڏات
  • ڏاج، بخشش، وقف، ڏات

  • .


    ڏات لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    بر بلو

    ذ. نر بُلبل.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal