SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڍَڪَڻ


:جامع سنڌي لغات ۾

ڍَڪَڻ

ڍڪَڻَ

ث. هڪ قسم جي ول.

ڍڪڻ جمع ڍڪَڻَ

ذ. [سن. سٿگ = ڍَڪَڻُ] [سن. ڍَڪَڻَ] ڍَڪُ ، پوش ، ڪنهن ٿانءُ جي بند ڪرڻ لاءِ ٿانوُ. ث. ڍڪڻي جمع ڍَڪڻيون. بار ، غُبار، جيئن ”دلين تي ڍَڪڻ چڙهيا پيا آهن“.

ڍڪَڻُ

مصدر. [سن. سٿَگ = ڍَڪَڻُ] ڍَڪُ ڏيڻ ، پُڙ ڏيڻ ، پوش ڏيڻ. بند ڪرڻ ، پُورڻ ، دفن ڪرڻ. لڪائڻ ، ڇپائڻ. ڪنهن ڪپڙي وغيره ۾ ويڙهڻ ، لَپيٽَڻُ ، لَٽڻ. بچاءُ ڪرڻ ، بچائڻ. اُس کان بچائڻ ، ڇانءُ ڪرڻ. پهرڻ ، اوڍڻ ، پائڻ ، چوڙڻ ، هنڊائڻ ڪپڙو. جُهنڊ هڻڻ. رولُو چوپائي

ڍِڪَڻُ

مصدر. رَنڀَڻُ مينهن وانگر ، ڪُڻڪَڻ ، ڪنجهڻ ، ڪُرڪڻ. چِنگهڻ ، ڪُسڪَڻ ، ڪِنجهڪار ڪَرڻ.

ڍُڪَڻُ

مصدر. [سن. ڍَئُوڪَ] پهچڻ ، سهڙڻ ، رسڻ. اچڻ ، تشريف آڻڻ ، وارد ٿيڻ. دستياب ٿيڻ ، مِلڻ ، پُڄَڻ ، پُڙڻ. وات سان ڍُڪ ڍُڪ ڪري پِيَڻ ، سُڏڪِيُون ڀرڻ.

ڍڪَڻَ (ت)

اسم خاص. هڪ ذات جو نالو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


هارپ جي لغت مان:

ڍَڪَڻ

دلي، مٽ ۽ چاڏيءَ جي مٿان ڏيڻ لاءِ ٺڪر جو ڍَڪُ


ڍَڪَڻ سان لاڳاپيل لفظ


.


ڍَڪَڻ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اکيون ڍڪڻ
  • مٿو گريبان سان ڍڪڻ
  • وفاتي جو لباس ڍڪڻ
  • ٻنا ڍڪڻ
  • ڌاڳا ڍڪڻ
  • ڏوهه ڍڪڻ
  • ڪن ڍڪڻ

  • .


    ڍَڪَڻ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ٻهرو

    ذ. صفت. ٻهر جو ، ٻاهريون ، ٻَهَرتُو. هَرَ يا گاڏيءَ ۾ ساڄي وهندڙ ڍڳو ، ٻاهرو. ”اَندرُو“ جو ضد.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal