ڇلَ
ث. کُنجِي. فوج ، ڪَٽَڪُ.
ڇلُ جمع ڇَلَ
ذ. [سن. ڇَلَهه يا ڇَلَم] مَڪَرُ ، ڍونگ ، ٺڳي ، دولاب ، سَٿو ، ڍِڳُ ، دَڙو ڪ.
ڇِلَ
ث. [سن. شَلڪَهه] کَل. ڇوڏو. ڇوڏي ٻٻر جي. سنهون پردو. ڏاڙهونءَ جون کلون جي رنگ طور ڪم اچن. ٿورو ذرو ، زيوَرُ ، ڳههُ. ڇلڻ جي حالت. تڪليف ، عذاب ت.
ڇِلُ
ذ. کَل. ڇوڏو. اصطلاحا کَل جهڙو زيور. ذرو.
ڇُلُ جمع ڇُلُون
ث. مصدر. ”ڇُلڻ“ = هلڻ. سن. اُڇلڻ ، ڇُلَ هَلڻي ، پَنڌُ. جُنبش. رولڙو. تڪليف. ڪم جي گهڻائي ت. ٽِپو. ڊوڙ. اُڇل. ”واهيري جي وير، ڇُلُون ڪَريان ڇَپَرين“ شاهه. مصدر. ”ڇلڻ“ مان امر هَل. ”تانڪي ڳوري ڇُل، لاڙائو سِج ٿيو“ شاهه ڪريم.
ڇلِ (ت)
ث. ڪڻڪ جي وَلِ جو ٿورو ڦورو حصو جو ڳاههَ ڳاهِڻ مهل ڏاندن جي پيرن هيٺان ڏيندا آهن.
ڇَلَ (ک)
صفت. گهڻو ، جَجهو ، بي انداز.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
سنهو ڇوڏو
ڇِل سان لاڳاپيل لفظ
.
ڇِل بابت وڌيڪ اصطلاح
ڪن ڪرڻ
توجهه ڪرڻ ،متوجهه ٿيڻ ، ڌيان ڏيڻ. انتظار ڪرڻ ، اوسيڙو ڪرڻ ،ا ونو ڪرڻ ، انديشو ڪرڻ ، فِڪر ڪرڻ. ڊڄڻ ، خوف ڪرڻ ، ڀؤڪرڻ ، خطرو ڪرڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal