SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڀڳت


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


ڀڳت

S भग॒ति s. f.

Worship, adoration.


S भग॒तु s. m.

A worshiper, a devout or pious person. A kind of religious devotee.


S भुगि॒ति s. f.

Food sent daily from the house of any one to a fakir. Food, victuals.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

ڀڳت

ڀَڳَتَ

اسم خاص. هندن جي هڪ ذات جو نالو اڪثر نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾.

ڀَڳَتِ

ث. [سن. ڀَج = پوڄڻ < ڀَڪتِ] ڀڳتي. عبادت. راڳ ۽ ناچ جي هڪ خاص مجلس جنهن ۾ ڀڳت ڳائين ۽ نچن.

ڀَڳَتُ جمع ڀَڳَتَ

ذ. صفت. [سن. ڀَج = پُوڄڻ < ڀَڪتِ] ڀَڳتي ڪندڙ ، پوڄاري ، شيوڪ. عام خلق اڳيان بندگيءَ جا ڳيت ڳائيندڙ ، ڌرم ڀڄن ڳائيندڙ. درويش ، فقيرتن. سادي سڀاءُ وارو. اصطلاحا مورک ، اٻوجهه. ث ڀَڳتَڻِ، ڀَڳتياڻي.

ڀُڳتِ

ث. کاڌو. اهو کاڌو جو هر روز دان طور ٽڪاڻي يا مڙهيءَ ڏي موڪليو وڃي. پِنَ جو ٽُڪر. [فعل ’ڀوڳڻ‘ مان اسم] اهو ڪي جو ڀوڳجي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڀڳت

(Bhagat)

ڀڳت سنڌي نرت ناٽڪ جو ابتدائي روپ آھي. ڀڳت، ڀڳتي اڪثر مرد ھوندا ھئا، جيڪي عورتن جو ويس ڍڪي، پيرن ۾ گھنگھرو ٻڌي، محفلن ۾ ”ڀڳت“ وجھي حاضرين کي خوش ڪندا ھئا. ڀڳت وجھندڙ کي ’ڀڳت‘ چيو ويندو ھو. پنھنجي ڀڳت وجھڻ کان اڳ ڀڳت ”سر ڪلياڻ“ مان ھڪ پرارٿنا پڙهندا ھئا. جھڙي نموني قديم يونان ۾ ’ٽريجدي‘ کان اڳ ڪورس ۾ دعا پڙھي ويندي ھئي ۽ ڌڻيءَ جي واکاڻ ڪندا ھئا. اھڙيءَ ريت ناچ بھ ڀڳت جو روح ھوندو ھو. سنڌ ۾ پراڻي زماني کان ميلن ملاکڙن ۾ لوڪ ناٽڪ (Folk Theatre) ٿيندا هئا. ڀڳت کي ناٽڪ جي شروعاتي صورت چئي سگھجي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ڀڳت ۾ ڪا ڪھاڻي، ڪو منظر، سوال، جواب تي ٻڌل قصي جي صورت ۾ پيش ڪئي ويندي ھئي. اھڙي نموني ڀڳت ڪندڙ فنڪار ۽ اداڪار، اداڪاري ڪندو ۽ نچندو بھ ھو. ڀڳت وجھندڙ اداڪارن جو انگ ھميشھ ٻھ يا ٽي ھوندو ھو. اھي ڀڳت سٺا ڳائڻا بھ ھوندا ھئا. ڪنور ڀڳت، نارو ڀڳت، موٽيو ڀڳت، موهن ڀڳت سنڌ جا مشهور ڀڳت ٿي گذريا آهن. سيد سليمان شاهه به هن قسم جو ڳائڻو هو.


ڀڳت سان لاڳاپيل لفظ


.


ڀڳت بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آؤ ڀڳت
  • بـرج ڀڳت
  • بَگلو ڀڳت
  • بگلو ڀڳت
  • تجارت، ڪارخانيدارن جي انجمن- ڪارخانيدارن جي ملي ڀڳت
  • ماڻهو جو نالو (هندن جو) موهن ڀڳت
  • واضع ملي ڀڳت
  • ٻگهلو ڀڳت
  • پريم ڀڳت
  • پـورن ڀڳت
  • پورن ڀڳت

  • .


    ڀڳت لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    اٺوسٺو

    ذ. اَسٺسَٺو.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal