SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نرگسيت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

نرگسيت

(Narcissism)

نرگسيت علم نفسيات جو هڪ خاص اصطلاح آهي. نرگسيت نالو ۽ مفهوم هڪ قديم يوناني ديومالائي قصي تان ورتو ويو آهي، جنهن مطابق قديم يونان ۾ Narcissus (نرگس) نالي هڪ خوبصورت نوجوان رهندو هو، جيڪو درياهه جي ديوتا Cephissus جو پٽ هو. نرگس کي پنهنجي سونهن تي گهڻو ناز هوندو هو. ڪيتريون ئي حسين عورتون سندس عشق ۾ مبتلا هيون، پر هن ڪڏهن به ڪنهن عورت جي محبت کي قبول نه ڪيو. کيس چاهيندڙن ۾ هڪ خوبصورت عورت ايڪو (Echo) پڻ هئي. ايڪو گهڻا ئي حيلا وسيلا هلائي نرگس کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُن ايڪو طرف ڪو ڌيان ئي نه ڏنو. ايڪو، نرگس جي ان مغرور رويي ۽ سندس دل ڀڃڻ جي دانهن نيميسس ديوي (Nemesis) کي ڏني، جنهن نرگس جي غرور کي ٽوڙڻ ۽ کيس سزا ڏيڻ لاءِ، کيس پنهنجي ئي محبت ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ نرگس هر وقت نديءَ جي ڪناري تي ويهي، پاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسندو رهندو هو. پنهنجو پاڻ کي پسڻ واري انهيءَ لڳاتار عمل ڪري ئي هو هڪ ڏينهن نديءَ جي ڪناري تي ئي مري ويو. سندس موت کي يادگار ۽ ٻين لاءِ مثال بنائڻ لاءِ ديويءَ کيس گل جي روپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هڪ نئين گل ”نرگس“ (Narcissus) جو وجود پيو، جيڪو اڪثر ندين ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ڦٽندو آهي ۽ ان جا گل پاڻيءَ طرف جهڪي ٽڙندا آهن. ائين جيئن آبي آرسيءَ ۾ پاڻ پسي رهيا هجن!


.


نرگسيت بابت وڌيڪ اصطلاح

  • نرگس گل، نرگسيت

  • Remember Me Also:

    گرباسي

    پلاڻ جي وچواري ڪاٺي ، پلاڻ جي ڪَتبن واري ڪاٺي.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal