SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مکُ


:جامع سنڌي لغات ۾

مکُ

مَکِ جمع مَکيُون

ث . (پرا. مَکِي . سن. مَکِيڪا< مڪشڪا= مَکَ. ف. مگس= مک) اڏامندڙ مکين جو ميڙ. بندوق جي ناليءَ تي لڳل هڪ ڪِلي. بندوق جو ماشو. نظر (بندوق جي).

مَکُ جمع مَکَ

ث . (سن.<مرڪشڻ، مرڪش= مَلڻ، مَکڻ) گيهه تيل وغيره (مانيءَ يا هٿن کي) مَلڻ جي حالت، تاج پهرائڻ يا شاديءَ وقت پيشانيءَ تي سڻڀ لڳائڻ جي حالت، مَل، مَهٽَ. گههَ. (ڪ). ڪو به سڻڀ، جو (پاڻي سان چڪڙ ڪري) ڇرخين، (گاڏين جي) سراين يا ڪلف جي سهولت

مِکُ جمع مکَ

ذ . (ف. مُخ= مِکُ) هڏن اندر طاقتور مادو، ٻاههُ، گورو، گُدو، گُودو، هڏن جي چرٻي.

مُکُ جمع مُکَ

ذ . (سن. مُکَم) واتُ، منهن، ٻُوٿ. دُوناڙُ، مُهانڊو. چهرو، شڪل، صورت، مُهڙ، مُونهانڍو، پيشاني، مٿو، نِراڙُ، نِلاڙ، لِلاٽ، دروازو، گهَيڙُ، گهڙُڀ لانگهو، لنگهه، گذر. (ذ. صفت). راڄ جو چڱو مڙس، پَٽيل، مُکي. مکيه ماڻهو، خاص ماڻهو. اڳواڻ، ص

مُکُ جمع مُکَ (ٿ)

ذ . صفت. موڳو، ڪُند ذهن.

مُکُ مُکَ

ذ . (ف. مُغ . مغان). وڏو. اهم. سر پئنچ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


هارپ جي لغت مان:

مکُ

اهو تيل، جيڪو چڪر جي ارن کي هڻجي


مکُ سان لاڳاپيل لفظ


.


مکُ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • Same as मखु مکُ
  • آڍ مک
  • بي مک
  • ماکيء جي مک
  • چک مک
  • کل مک
  • ڪتي جي مک
  • گر مک

  • .


    مکُ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    اٺڻ

    مصدر. [سن. اُدسٿا] اُٿڻ. اُڀرڻ ، اُسرڻ ، بيهڻ. ٽانءِ ۾ ڀرجڻ. سِکڻ ٿ. [سن. ورش = وسڻ] وَسڻ مينهن ، برسڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal