SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مقاميت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مقاميت

Localization

لوڪلائيزيشن

هيءَ هڪ سياسي اصطلاح آهي، جنهن جو اصل مقصد هر ملڪ کي پنهنجي سياسي، معاشي ۽ سماجي معاملن بابت غور ويچار ڪري (ٻين تي ڀاڙڻ بجاءِ) پاڻ حل ڪرڻ گهرجي ۽ سندس معاملن ۾ ٻئي ڪنهن اداري يا ملڪ کي مداخلت جي اجازت نه هجڻ گهرجي. انهيءَ بُنيادي تصور کي ذهن ۾ رکندي جرمنيءَ جي سياسي عالم ”لُتوماڪر“، ”Small is the beautiful“ جو نظريو ڏنو هو. ”مقاميت“ جڳ مشهور نظريي ”ڀونءِ- واد“ جي بلڪل اُبتڙ ڏنل نظريو آهي، ڇاڪاڻ ته ”ڀونءِ واد“ تحت دُنيا جو هر مسئلو بين الاقوامي برادريءَ جي موجودگيءَ ۽ ڪنهن به سياسي، معاشي ۽ سماجي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ عالمي سطح جي صلاح مصلحت ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۽ ويٽنام جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي ڏسندي، ڪافي ملڪن ”گلوبلائيزيشن“ کي ڇڏي ”لوڪلائيزيشن“ واري پاليسيءَ کي ترجيح ڏني ۽ ڇاڪاڻ ته بدليل حالتن ۾، اڪثر ملڪن جي حڪومتن پنهنجي ملڪي معاملن ۾ ٻئي ڪنهن ملڪ جي مداخلت نه پئي چاهي. پر جنگي ماحول ۾ واڌ ۽ عالمي سطح تي سيڪيورٽي جي مسئلن ۾ شدت کان سواءِ غريب ملڪن جي معيشيت کي سهارو ڏيڻ لاءِ ٿيل معاشي اتحادن جي بنياد تي عالمي سياسي منظرنامي ۾ ”گلوبلائيزيشن“ واري ترجيح ڏينهون ڏينهن وڌيڪ چٽي ٿي رهي آهي. ان هوندي به جيئن ته مُلڪي اندروني ۽ بيروني معاملن ۾ هر ملڪ ٻنهي يعني ”لوڪلائيزيشن“ ۽ ”گلوبلائيزيشن“ جي اصولن تحت ملڪي پاليسيون ٺاهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، تنهن ڪري جديد دور جي سياسي ماهرن جو خيال آهي ته ”لوڪلائيزيشن“ جو تصور ”گلوبلائيزيشن“ واري تصور جي خلاف نه، بلڪ ان جي وڌندڙ دائري کي ذهن ۾ رکندي، هيٺين سطح جي ڪيترن معاملن کي مقامي طور طريقن سان حل ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي، ته جيئن بين الاقوامي برادريءَ ۾ ”گڏيل ترجيحن ڀريل ايجنڊا“ تحت داخل ٿي سگهجي


مقاميت سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

ٽام

ث. وڻ جي ننڍي ٽارِي ، لامَ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal