SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مضمون


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

مضمون

(Essay)

لفظ”مضمون“ سنڌي زبان ۾ تمام وسيع مفهوم رکي ٿو. ان جو استعمال ڪيترين معنائن ۾ ٿئي ٿو. مثال طور نثر جي ڪنهن به بياني لکت، ان جي موضوع (Subject)، متن(Text) ، عنوان (Topic)، مرڪزي خيال (Them) يا شعر جي مواد (Content) کي عام طور مضمون سڏيو ويندو آهي. اردو ۾ مضمون کي ’انشائيه‘ چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ٻنهي اصطلاحن ۾ فرق به آهي. لفظ مضمون عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ضمن“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي”گڏ ڪرڻ“، ان ڪري ڪنهن به موضوع کي دليلن، مثالن ۽ حوالن سان تشريح، وضاحت، مناسب ترتيب ۽ موزون لفظن کي پيش ڪرڻ کي مضمون چئبو آهي. لفظ مضمون جي وصف اسان وٽ انگريزي لفظ Essay مان آئي آهي. ”ايسي“ (Essay) فرانسيسي ٻوليءَ جي لفظ ”Essai“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سعيو“ يا ”ڪوشش“ (Attempt) ڪرڻ. ان جو مطلب ٿيو ته مضمون ڪنهن موضوع تي لکڻ جي ڪوشش جو نالو آهي، مضمون نگاريءَ جو بنياد فرانسيسي دانشور مائيڪل ڊي مانٽين (1533-1592ع) وڌو. سندس ابتدائي تخليقون 1650ع ڌاري مجموعن ۾ آيون. هن پنهنجي ذاتي تاثرن ۽ تخليقي جي روپ ۾ شايع ٿيل لکيڻن کي ”ايسز“ (Esais) جو نالو ڏنو. انگريزيءَ ۾ فرانسسز بيڪن (1561- 1626ع) هن صنف کي مشهور ڪيو. سنڌيءَ ۾ مضمون نگاري انگريز دَور کان زور ورتو. مرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدومل، پرمانند ميوارام، ڀيرومل مهر چند، لعلچند، امر ڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر دائود پوٽي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عبدالحسين موسوي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر بلوچ، محمد ابراهيم جويي، هيري ٺڪر، ڪيرت ٻاٻاڻي، مرليڌر جيٽلي، اي. جي. اُتم، ستيش روهڙا ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻين مضمون جي صنف کي وڏي هٿي ڏني آهي.


پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


مضمون

Article


Eassy


مضمون سان لاڳاپيل لفظ


.


مضمون بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آزاد تخليقي مضمون
  • اصل مضمون- بنيادي مضمون
  • امتحاني مضمون
  • امدادي مضمون
  • بنيادي مضمون- مکيه مضمون
  • بياني مضمون
  • بيڪار عنوان، ردي مضمون
  • تصنيف ، مضمون
  • تصوراتي مضمون
  • تنقيدي مضمون
  • خط جو متن- مضمون
  • داخل ڪيل جملو، وڌايل مضمون
  • دليلي مضمون
  • سوانح عمري، سر گذشت، يادگيريءَ تان ورتل مضمون
  • شخصي/ذاتي مضمون
  • شي، جزو، ليک، مضمون
  • شيون- شرط- مضمون
  • عبارت، مضمون
  • عنوان، موضوع، ادب، مضمون
  • عنوانن جي فھرست، ڪتاب جا مضمون
  • غير شخصي مضمون
  • فڪري مضمون
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    مضمون لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ترور

    ذ. [سن ] وَڻُ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal