SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مستزاد


:جامع سنڌي لغات ۾

مستزاد

مُستزادُ

ذ . صفت. (ع) . زياده ڪيل، وڌايل. (ذ). اهو شعر جنهن جي هر مصرع يا بيت جي پٺيان اهڙي تُڪ لڳل هجي جو انهيءَ مصرع جي اول رُڪن ۾ آخر رُڪن جي برابر هجي. طُرو، ٽڪرو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

مستزاد

(Mustazad)

”مستزاد“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”وڌايل“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اُهو شعر جنهن ۾ هر هڪ مصرع کان ٻه يا ٽي موزون الفاظ قافيي وار وڌائي پيش ڪيل هجن ۽ اهو وڌايل ٽڪرو ان شامل مصرع سان هم قافيه هجي. البت وڌايل ٽڪرو قافيي کان بغير به آڻي سگهجي ٿو، پر بهتر ائين آهي ته جنهن مصرع جو وڌايل ٽڪرو هجي، اهو انهيءَ مصرع جي قافيي سان برابر هجي. اهڙي شعر کي ”ڏيڍو شعر“ چئبو آهي. اهڙي قسم جون ٻه مصرعون گڏڻ سان هڪ بند ٺهندو آهي ۽ ائين ڪجهه بند ملائي هڪ نظم تيار ڪيو ويندو آهي؛ جنهن جي پهرئين بند کي غزل وانگر ”مطلع“ چئبو آهي.


Remember Me Also:

چٽڻ

مصدر. زبان سان مَهٽڻ. لَڪِڻ. تکي اوزار سان وڻ ۾ گهپا ڪرڻ ڪ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal