SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مرڪوسر


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مرڪوسر

Mercosur

مرڪوسر

هيءَ هڪ علاقائي تنظيم آهي، جيڪا ارجنٽائين، برازيل، پيراگوائي ۽ يوروگوائي جهڙن آمريڪي ملڪن جي معاشي بهتريءَ لاءِ 1991ع ۾ ”آسنٽئان جي معاهدي“ تحت وجود ۾ آئي، هي تنظيم اُتر آمريڪا جي آزاد واپار واري تنظيم (NAFTA) کان پوءِ، آمريڪي کنڊ جي ٻيو نمبر، جڏهن ته دنيا جي چوٿين نمبر تي وڏو واپاري اتحاد آهي. هن اداري جي قيام کي فائديمند سمجهندي 1985ع ۾ ارجنٽائين ۽ برازيل هڪ ٻئي سان ”اِگئازو“ پڌرنامي جي اصولن مطابق ٺاهه ڪيو. ان تنظيم جي قيام کان اڳ ارجنٽائين ۽ برازيل سرحدي تڪرارن ۽ ٻين علائقائي معاملن جي ڪري روايتي دشمن طور سڃاتا ويندا هئا. پر برازيل ۽ ارجنٽائين ٻي عالمي جنگ کانپوءِ، جڏهن يورپ ۾ ٺاهه ۽ سهڪار جو ماحول (خاص طور ٻن وڏن يورپي روايتي دشمنن وچ ۾ ٺاهه واريءَ صورتحال) ڏٺو، ته انهن مُلڪن طرفان ڏکڻ آمريڪا ۾ به تجارتي سهڪار جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ڪئي وئي. انهيءَ پس منظر سبب، نه رڳو ان دور ۾ پرا ڄ به ”مرڪوسر“ جي قاعدن ۽ ضابطن جي نظام کي بهتر کان بهتر بنائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. انهيءَ هاڪاري سهڪار جي نتيجي ۾، علائقي جي وڌيڪ ملڪن طرفان هن تنظيم ۾ شموليت جا امڪان ڏينهون ڏينهن چٽا ٿي رهيا آهن. جديد دور جي واپاري معاملن کي نظر ۾ رکندي، ”مرڪوسر“ جي قيادت ڪسٽم جي وصولين تي رعايتن، هر قسم جي وکرن تي مناسب اگهه جي مقرريءَ ۽ پوئتي پيل ميمبر ملڪن جي معاشي بهتريءَ لاءِ به نوان ۽ آسان طريقا ۽ قاعدا ترتيب ڏيئي رهي آهي


Remember Me Also:

حڪم ڪرڻ

حڪم هلائڻ ، حڪم ڏيڻ ، فرمائڻ. اجازت ڏيڻ. سختي ڪرڻ. جبر ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal