SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ماهيا


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ماهيا

(Mahia)

”ماهيا“ پنجاب جي شاعريءَ جي حسين ۽ مقبول صنف آهي. هن جو تعلق ’ماه‘ لفظ سان آهي. ”ماه“ اصل فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’چنڊ‘. جيئن ته چنڊ هڪ چمڪندڙ، خوبصورت ۽ خوشنما گره آهي؛ تنهن ڪري برصغير جي ماڻهن محبوب کي اُن سان تشبيهه ڏئي کيس ”ماهتاب“، ”قمر“، ”ماهي“ سڏيو آهي: يعني ’چنڊ جهڙو حسين ۽ خوبصورت چهرو‘. ساڳيءَ طرح سان محبوب جي تعريف ۾ چيل شعر کي پڻ ”ماهيا“ نالو ڏنو ويو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ماهيا جي صنف گذريل ٿورن سالن کان مروج آهي. سنڌي شاعرن هن صنف کي ساڳي ئي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪيو آهي، جهڙيءَ طرح پنجابي شاعريءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ٿي. هن ۾ مضمون به ساڳيوئي پنجابي شاعريءَ وارو آندو وڃي ٿو، جنهن ۾ محبوب جي تعريف ۽ سندس وڇوڙي جا ورلاپ بيان ڪيا ويندا آهن ۽ کيس ملاقات ڪرڻ لاءِ التجا ڪئي ويندي آهي. سنڌيءَ ۾ سڀ کان اڳ نياز همايونيءَ ماهيا لکيا آهن، جيڪي ڏاڍا خوبصورت آهن.


Remember Me Also:

فائيق

صفت. ع. فَوقَ = مَٿي ٿِيَڻُ. فَائِق = مٿي ٿيندڙ بُلند ، مٿاهون ، وڏو مٿيون ، بالا ، اُتم ، اُچو ، اَعليٰ. مَشهور ، ممتاز ، بَرتر. بهتر. سڀ کان چڱو ، سُٺو ، عمدو. معزز ، برگزيده ، فوقيت وارو ، فيض وارو ، بزرگ. سرخرو ، سياڻو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal