SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


لغت


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


لغت

A लुग़ति s. f.

A dictionary.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

لغت

لُغَت جمع لُغتُون

ث . (ع) ڪنهن قوم جي زبان. هڪ ڪتاب جنهن ۾ ڪنهن ٻوليءَ جا لفظ، سمجهاڻين، معنائن وغيره سميت درج ٿيل هجن، فرهنگ، ڪوشُ ناموس، زُبان، ٻولي، ڀاشا، ڊڪشنري ، اهي لفظ جن جي معنيٰ مشهور نه هجي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

لغت

(Dictionary)

عام مفهوم ۾ ”لغت“جي معنيٰ آهي ”ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ انهن جي معنيٰ“، پر اصطلاحي طور لغت ان ڪتاب کي چئبو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جا ترتيب وار لفظ معنائن سميت ڏنل هجن، يا ائين چئجي ته اهو ڪتاب، جيڪو ڪنهن به زبان جي الف بي جي ترتيب سان مرتب ٿيل هجي، جنهن ۾ لفظن، فقرن جي معنيٰ، اُچارَ، پهاڪا، چوڻيون، لفظن جي استعمال ۽ صرفي ۽ نحوي لاڳاپيل معلومات ڏنل هجي، يا اهو ڪتاب، جنهن ۾ ٻن ٻولين جي هم معنيٰ لفظن جي معنيٰ ڏنل هجي، مثال طور “سنڌي- انگريزي“ يا انگريزي- سنڌي لغت“ لغت ڪنهن به مضمون جي اصطلاحن ۽ معنيٰ ’الف- بي‘ جي ترتيب سان مرتب ڪيل هجي، مثال طور علم نباتات جي لغت، لائبريري ۽ انفريشن سائنس جي لغت، وغيره وغيره.


لغت سان لاڳاپيل لفظ


.


لغت بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اخبار نويس، ملڪن جي بيان واري لغت
  • زبان، ٻولي، لغت
  • سنڌي لغت
  • علم لغت
  • علم ۽ هنر جي لغت
  • فرهنگ، لغت
  • ٿيسارس، تفصيلي لغت
  • ڊڪشنري- لغت

  • .


    لغت لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    بنبو

    ذ. [انگ. ]=bamboo بانس، بانس جو ڊگهو لڙهو] تار جو ٿنڀو. لوهه جو چهنبيارو ۽ سوراخدار سُوئو جو ڳوڻ ۾ هڻي اناج جا ڪجهه داڻا ٻاهر ڪڍي جنس ڏسجي.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal