SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


قوم


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


قوم

A क़ोम s. f.

A tribe, family.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

قوم

قَومَ جمع قَومُون

ث. ع. ملڪ ۽ ساڳئي سياسي نظريي وارو ماڻهو. فرقو ، جاتي. قبيلو. ماڻهن جو ٽولو ، جماعت ، جٿو ، پاٿاري ، ميڙ ، سَٿُ ، ٽولي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


قوم

Nation


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


قوم

Nation

نيشن

’نيشن‘ لاطيني ٻوليءَ جي لفظnatio مان ورتل آهي ، جيڪو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ nation بڻيو ، اتان کان انگريزيءَ ۾ مشهور ٿيو . ان جو اصل ۽ قديم مطلب ڪنهن خاص علائقي ۾ ڄمڻ يا ڪنهن مخصوص انساني گروهه جو حصو هجڻ آهي . جديد تشريح جي حوالي سان ، قوم جو روايتي بنياد هڪ جهڙي ٻوليءَ، مذهب، روايتن، تاريخ، ثقافت، معاشي مفادن، علائقي ۽ نسل سان واسطيدار انساني آباديءَ تي ٻڌل هوندو آهي ، پر دنيا ۾ مختلف نسلي گروهه يا ملڪ مختلف قسمن جي ’قومي سڃاڻپ‘ رکندا آهن. جهڙي طرح مذهبي نظرين مطابق مسلمان، يهودي ۽ عيسائي مختلف نسلن سان واڳيل هوندي به قوم آهن . ٻولين جي حوالي سان انگريزي، لاطيني ۽ اسپيني وغيره ۾ ٻولين جي بنياد تي ’قومي هڪجهڙايون‘ ملن ٿيون . ٻئي طرف ڪافي قومون (مثال طور سئٽزرلئنڊ) گهڻ-ٻولياتي پسمنظر جي حوالي سان سڀني قومن کان مختلف هوندي به قوم آهن. دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون قومون (مثال طور اسرائيل) جن جي اڃا تائين سياسي سڃاڻپ نه ٿي آهي ، پر قوم سڏائين ٿيون . ساڳي طرح فلسطيني بااختيار نه هوندي به قوم طور ڳڻجن ٿا . جڏهن ته ڪجهه قومون (مثال طور هندوستان) مذهبي لحاظ کان بلڪل مختلف عقيدا رکندي به قوم آهن. تاريخي لحاظ کان انهن ’قومي هڪجهڙاين‘ کي لساني علائقائي، ٻولي، يا عقيدي وغيره تي ٻڌل پسمنظرن مان پرکيو ويندو هو، پر جڏهن کان بين الاقوامي تعلقات جي علم (I.R) وسعت اختيار ڪئي آهي ۽ هر ملڪ بين الاقوامي سطح تي دنيا ۾ سياسي، معاشي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان قومن کي سياسي ۽ معاشي هڪجهڙائين جي تصورن تحت به سڃاڻپ ملي آهي


قوم سان لاڳاپيل لفظ


.


قوم بابت وڌيڪ اصطلاح

  • باباءِ قوم
  • خانه بدوش، جپسي قوم
  • خانه بدوش، رولو قوم
  • خانه بدوش، گهمندڙ ڦرندڙ قوم
  • ذات، قوم
  • سالار قوم
  • شق رعايت يافته قوم
  • قرضي قوم
  • متحرڪ قوم
  • معاشرو- قوم
  • مهذب قوم
  • هڪ خانه بدوش قوم

  • .


    قوم لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ٻيڙيء وارو پور هئڻ

    ٿوري وقت لاءِ هڪ هنڌ گڏ هجڻ. ٿوري وقت جي مسافري هئڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal