SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


قطعو


:جامع سنڌي لغات ۾

قطعو

قِطِعو جمع قِطِعا

ذ. ع. قطعه ٽڪرو ، حصو ، ڀاڳ ، بخرو. ملڪ جو حصو ، خِطو. ديار ، ملڪ ، ديس. ٽڪرو زمين جو. شعر جو هڪ قسم ، ٻن مصرعن وارو شعر.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

قطعو

(Qata)

”قطعو“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”ڪپيل يا وڍيل ٽڪرو“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو نظم جو ٽڪرو، جو چئن هموزن مصرعن يا ٻن شعرن تي مشتمل هوندو آهي ۽ منجهس هر ٻيو نمبر مصرع قافيي واري ٿيندي آهي.قطعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه شعر يا انهيءَ کان وڌيڪ شعر به آڻي سگهجن ٿا. هن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غزل وانگر پهريون شعر يعني ”مطلع“ به ايندو آهي، جنهن جي ٻنهي مصرعن ۾ قافيو ۽ رديف هوندو آهي ۽ اُن سان باقي شعرن جي هر ٻيو نمبر مصرع قافيه دار يا ساڳئي رديف ۾ ايندي آهي. قطعي ۽ قافيي سان گڏ رديف ملائڻ يا رڳو قافيو آڻڻ، شاعر جي مرضيءَ تي ڇڏيل هوندو آهي. هن ۾ ڪنهن مقرر بحر يا وزن جو قيد آهي ئي ڪونه، جنهن ڪري ڪنهن به بحر يا وزن تي چئي سگهجي ٿو.قطعي ۾ اڪثر هڪ مضمون يا هڪ خيال مسلسل پيش ڪيو ويندو آهي. هن ۾ گهڻو ڪري عشق ۽ محبت جا راز ۽ ڪڏهن ڪڏهن اخلاقي نڪتا به سمجهايا ويندا آهن.


.


قطعو بابت وڌيڪ اصطلاح

  • قصيدي جو آخري حصو، قطعو

  • Remember Me Also:

    بليغانه

    ظرف. بَليغ نموني ۾.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal